Home / اسپيشل افيئر / يارا ٽول ڪافران دي!
above article banner

يارا ٽول ڪافران دي!

اختر بلوچ

1992ع ۾ جڏهن هندستان ۾ بابري مسجد جي بي حرمتي ڪئي وئي ته پاڪستان ۾ به ان جو رد عمل ڏسڻ ۾ آيو. ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي (ان کي ڪيماڙي چيو ويندو آهي ليڪن صحي نالو ڪيا ماڙي آهي ڇو ته “ڪيا” نالو آهي جڏهن ته ماڙي عمارت کي چوندا آهن) ۾ مڇڙيل ماڻهن کي ڀڃ ڊاهه لاءِ جڏهن ڪو مندر نه مليو ته هنن عيسائي مشنري جي نگراني ۾ هلندڙ (Sacred Heart School) تي حملو ڪري ڏنو. هجوم تيزي سان اسڪول ڏانهن وڌي رهيو هو ته اوچتو هجوم مان هڪ بزرگ اڳتي وڌيو ۽ هجوم جي اڳيان بيهي زور سان پشتو ۾ رڙ ڪيائين ته: “داڪر ڪرسٽان باندي، هندوا نه. دي، او بابري جماعت، هندوانو حملا ڪڙي ده” (هي هندو ناهن بلڪه عيسائي آهن ۽ بابري مسجد تي حملو هندن ڪيو آهي). ان کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو پاڻ هتي آخر ۾ بيان ڪنداسين.

تنهن هوندي به اهو ٻڌائيندو هلان ته هي واقعو منهنجي صحافي دوست انور خان مون کي ٻڌايو هو. هڪ ڏينهن مون کائنس پڇيو ته ٻڌو آهي ته ڪراچي ۾ آريا سماج نالي تنظيم ڪم ڪندي هئي ۽ سندن مندر به هئا. تڏهن هن ٻڌايو ته سندس علائقي ڪياماڙي ۾ هڪ عمارت آهي، جنهن تي آريا سماج ڪمپائونڊ اردو ۾ لکيل آهي. هن سان طئي ٿيو ته آچر جي ڏينهن اسان اتي وينداسين، ليڪن آچر تي هو نه هلي سگهيو. ايندڙ آچر تي آءُ، انور خان، فوٽو جرنلسٽ ماجد بٽ ۽ اختر سومرو گڏجي ڪياماڙي پهتاسين، مختلف گهٽين مان ٿيندا اسان پراڻي عمارت جي اڳيان اچي وياسين، عمارت جي دروازي تي ڪا به تختي نه هئي. مون انور خان ڏانهن ڏٺو ته هن پريشان ٿيندي چيو ته يار تختي ڪجهه عرصو اڳ تائين ته لڳل هئي. ايتري دير ۾ ماجد بٽ دروازي جي مٿان ۽ ساڄي پاسي لڳل تختين ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو ليڪن اهي تختيون هندي ۾ هيون. انور خان سان گڏ سندس هڪ مقامي دوست محمد علي سومرو به گڏ هو. هن عمارت جي ساڄي پاسي هڪ ڪي جي اسڪول ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ان جاءِ تي مندر هوندو هو.

march A 15-2015  50

محمد علي سومرو ۽ انور خان اسان کي علائقي ۾ هڪ ٻي جاءِ تي وٺي ويا ۽ اتي هڪ عمارت ڏيکاري جيڪا باقائده هڪ مند جي عمارت لڳي رهي هئي. ليڪن ان جي ٻاهرين دروازي تي به ڪي جي اسڪول جو بورڊ لڳل هو. مسئلو اهو هو ته آريا سماج ڪمپائونڊ تي لڳل تختيون هندي ۾ هيون ۽ انهن کي پڙهڻ لاءِ هندي جي ماهرن سان رابطو ڪرڻو هو ۽ ان کان اڳ اهو معلوم ڪرڻو هو ته آريا سماج جيڪڏهن ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ هو ته ان جون سرگرميون ڇا هيون. ان حوالي سان مشهور تاريخدان عثمان دموهي پنهنجي ڪتاب “ڪراچي تاريخ جي آئيني ۾” لکي ٿو ته: “ ڪجهه انتهاپسند هندن جو خيال هو ته قديم زماني ۾، سڄي دنيا تي آرين جي حڪمراني هئي، ان ڪري آرين کي ٻيهر پنهنجو وڃايل اقتدار حاصل ڪرڻ گهرجي، جيئن ته اهي دنيا جي اعليٰ ترين قوم آهن ان ڪري هندن ۾ اعليٰ درجي جي قوميت جو جذبو پيدا ڪيو وڃي. ٻين مذهبن کي مڃيندڙن کي يا ته جلا وطن ڪيو وڃي يا وري پوءِ سڪل ڪاٺي وانگر باهه ۾ ساڙيو وڃي. آريا سماج هندن جي پراڻي تنظيم آهي، جيڪا هندو مهاسڀا کان به اڳ ۾ قائم هئي، ان جو بانيڪار منشي رام نالي هڪ انتهاپسند هندو هو. اهو شخص تعليم يافته ۽ شروعات ۾ پنجاب پوليس ۾ ملازم هو. گهڻو پوءِ هو پوليس جي ملازمت ڇڏي وڪالت ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ ترڪ دنيا جو ڍونگ رچائي گيان ڌيان جي نام نهاد زندگي گذارڻ لڳو ۽ پوءِ آخر ڪار منشي رام مان شرڌانند بڻجي ويو. ان جماعت جو اندروني طرح انگريز حڪومت سان گهرو رابطو قائم هو. هي انگريزن جي ئي شهه تي هندو مسلم اتحاد کي فنا ڪرڻ لاءِ ان جماعت سڄي هندستان ۾ پنهنجون شاخون قائم ڪيون هيون.

سوامي شرڌانند جي کي سندس سرگرمين کان روڪڻ لاءِ قتل ڪيو ويو هو، سندس قتل جو داستان ديوان سنگهه مفتون جيڪو هڪ تمام وڏو صحافي هو ۽ پنهنجي هڪ اخبار “رياست” جي نالي سان شايع ڪندو هو، ان پنهنجي ڪتاب “ناقابل فراموش” ۾ لکيو آهي ته سندس اخبار جي هڪ ڪاتب جيڪو هن کان اڳ به مذهبي جنونيت ظاهر ڪري چڪو هو، سوامي شرڌانند کي مذهبي بنيادن تي قتل ڪيو هو.

پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب “ اهي ڏينهن اهي شينهن ۾” آريا سماج جي نالي سان لکي ٿو ته: 1920ع جي سڌارن کانپوءِ هندن ٽي چار تحريڪون هڪ ئي وقت شروع ڪيون. (1) شڌي سنگهه ٽن، (2) آريا سماج (3) هندو مهاسڀا. انهن سڀني تحريڪن جي سرتاج پراڻي ڪانگريس هئي، جيڪا اها نام نهاد دعويٰ ڪندي هئي ته اها هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل جماعت آهي، پر حقيقت ۾ ان جو مقصد هندن جي بالادستي قائم ڪرڻ هو. آريا سماج جي سنڌ ۾ سرگرمين جي حوالي سان پير علي محمد شاهه راشدي وڌيڪ لکي ٿو ته: “ هندو مسلم فسادن جي شروعات لاڙڪاڻي کان ٿي، جيڪا 29 مارچ 1928ع تي هڪ مسلمان عورت جي مسئلي تي ٿي هئي، ڪريمه نالي اها عورت هڪ ٻهراڙي جي مسلمان جي زال ۽ ٽن ٻارن جي ماءُ هئي، ڪريمه هڪ هندو سان عشق جا پيچ لڙائي لاڙڪاڻي ڀڄي آئي ۽ ٻارن سميت هندو آريا سماجين (جن شُڌي تحريڪ شروع ڪئي هئي) هٿان مرتد ٿي وئي، يعني ٻارن سميت هندو ڌرم قبول ڪيائين.

شهر جي مسلمانن ٻار حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي، ليڪن ان جي ڪا به شنوائي نه ٿي. ملسمانن وفد جي شڪل ۾ ضلعي اهلڪارن سان ٻارن جي معاملي بابت ملاقات ڪئي، هندن ان دوران ڪريمه ۽ ٻارن کي پاڻ وٽ لڪائي ڇڏيو، ڪليڪٽر کان نا اميد ٿي وفد هجوم جي شڪل ۾ حاجي امير علي خان مرحوم سان ملڻ ويو ۽ اتان مايوس ٿي واپس موٽندي وفد ۾ شامل ڪجهه ڇوڪرن هندن جي ٻيڙي سگريٽ وڪڻندڙ ڪيبنن کي ڦريو ۽ هندو ڇوڪرن تي پٿراءُ ڪيو، ان کانپوءِ شهر ۾ فساد جي نتيجي ۾ هندن جا چار پنج ٻيا دڪان به متاثر ٿيا ليڪن ياد رهي ته مذهبي چڙ ۽ ڪاوڙ باوجود هندن جو ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ۽ نه ئي هندو ماريو ويو ۽ نه ئي شديد زخمي ٿيو.

دڪان ڦرڻ واري ڳالهه به عدالتن ۾ غلط ثابت ٿي ڇو ته ڦر ڪيل مال ڪنهن به مسلمان کان هٿ نه آيو هو نه ئي خود هندو اهو ثابت ڪري سگهيا ته سندن دڪان ڦريا لٽيا ويا هئا. انگريز جج پنهنجي فيصلي ۾ هندو گواهن کي ڪوڙو ۽ بي ايمان قرار ڏنو. هندن ان مختصر ۽ وقتي حادثي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي 80 مسلمانن کي جيلن ۾ بند ڪرائي ڇڏيو. لاڙڪاڻي جي اهم مسلمان قومي ڪارڪنن کي خاص طور تي گرفتار ڪرايو ويو، خان بهادر ايوب کهڙو جيڪو ان وقت بمبئي ڪائونسل ۾ مسلمانن جو چونڊيل نمائندو هو رڳو ان بنياد تي ته هو مسلمانن جو همدرد هو، کيس ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

هاڻوڪي دور ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ آريا سماج جو وجود نظر نه ٿو اچي، آريا سماج جون آخري نشانيون ڪياماڙي آريا سماج ڪمپائونڊ تي مک دروازي تي لڳل اهي تختيون آهن جيڪي هندي ۾ آهن. اهي تختيون پڙهڻ لاءِ منهنجي دوست حسن منصور، حفيظ چاچڙ ۽اجمل ڪمال منهنجي ڪافي مدد ڪئي.تختين تي لکتن جو ترجموڪجهه هن ريت آهي:

آريا سماج ڪياماڙي

هي آڌراشيلا (سنگ بنياد)

شري آچاريا رام ديو جي (گروڪل ڪانگڙي) 15 آڪٽوبر 1929ع تي رکيو، اوم شري سوامي سيوڪ آنند جي اديوگ (سهڪار) سان هي مندر ٺاهيو ويو.

ڪياماڙي جي ٻنهي مندرن ۾ هاڻي ڪي جي اسڪول آهن. منهنجي معلومات موجب آريا سماج جو بنيادي مقصد اهو ئي هوندو هو ته هندن جي عظمت کي بحال ڪرڻ لاءِ اهڙا تعليمي ادارا قائم ڪيا وڃن جتي هندو نوجوانن کي سندن قديم تاريخ بابت معلومات مهيا ڪئي وڃي ۽ اهي ان پيغام کي اڳتي وڌايائين. آريا سماج ڪمپائونڊ ۾ هاڻي فقط مسلمان آباد آهن ليڪن مندرن ۾ قائم ٿيندڙ اسڪول علائقي جي مسلمانن کي جديد تعليم ڏئي رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچيان ٿو ته جيڪڏهن آريا سماج تنظيم ختم نه ٿئي ها ته ڇا اڄ به هنن اسڪولن جا دروازا مسلمانن لاءِ کليل هجن ها؟ جيڪڏهن آريا سماج تنظيم نه هجي ها ته ڇا ڪا ٻي تنظيم ڪياماڙي جهڙي علائقي ۾ اسڪول قائم ڪري ها؟

بحرحال آءُ واقعو ٻڌائي رهيو هئس ڪياماڙي جي مڇريل هجوم جو جتي هاڻي به ان بزرگ جي ڳالهه مڪمل نه ٿي هئي ته هجوم مان هڪ زوردار نعرو بلند ٿيو (يارا ٽول ڪافران دي) (يارو هي سڀ ڪافر آهن) بس ان کانپوءِ اهو ئي ٿيو جيڪو اهڙن موقعن تي ٿيندو آهي. واقعي جي وقت اسڪول جي چوديواري تقريبن چار فوٽ اوچي هئي ۽ هاڻي ڏهه فوٽ اوچي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو