Home / ڪرنٽ افيئر / يمن تي سعودي عرب جو حملو: وچ اوڀر ۾ خونريز گهرو ويڙهه جي شروعات!ٰ
above article banner

يمن تي سعودي عرب جو حملو: وچ اوڀر ۾ خونريز گهرو ويڙهه جي شروعات!ٰ

رابرٽ فسڪ

يمن مٿان هوائي حملا وچ اوڀر ۽ سعودي شهنشاهيت لاءِ نهايت ڀيانڪ آهن. سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته عرب قومن ۾ سڀني کان غريب قوم تي اهڙي غير معمولي جنگ مڙهڻ جو فيصلو آخر ڪنهن ڪيو؟ سعودي وارن، جنهن جي شاهه بابت اها ڳالهه عرب دنيا ۾ مشهور آهي ته هو رياست بابت فيصلا ڪرڻ جو اهل ئي ناهي؟ يا شهزادي، جنهن کي خوف آهي ته سعودي فوج شاهي گهراڻي سان وفادار نه رهي آهي؟

“يمن” جي ڪهاڻي ڏاڍي سادي آهي. حوثي باغي جيڪي شيعا مسلمان آهن ۽ انهن يمن جي راڄڌاني صنعا تي، بقول سعودي وارن جي ته ايران جي مدد سان قبضو ڪيو آهي. يمن جو صدر عبدالربو منصور هادي يمن جي پراڻي راڄڌاني عدن مان ڀاڄ کائي سعودي راڄڌاني رياض پهتو آهي. سعودي عرب ان ڳالهه جي قطعي اجازت نه ڏيندو ته سندن بارڊر تي ايران جي ونگاري رياست موجود هجي، پر سعودي عرب هميشه اهو وساري ٿو ويهي ته سندس اترين سرحد تي 2003 ۾ عراق تي اينگلو-آمريڪن حملي سبب عراق جي صورت ۾ ايراني ونگاري حامي رياست موجود آهي. ٻئي طرف حقيقي ڪهاڻي نهايت دلچسپ آهي. ڇاڪاڻ جو سعودي عرب جي لڳ ڀڳ اَڌ فوج قبائلي طرح يمني نسل جي آهي. ان ڪارڻ به سعودي فوجين کي پنهنجي ڪٽنبن جي ڪري هورا کورا آهي، جيڪي يمن جي صورتحال جو حصو آهن ۽ نه وسارڻ کپي ته يمن انقلاب سعودي شاهي گهراڻي جي آنڊن ۾ هٿ هجڻ برابر هوندو. ان ۾ ڪو به عجب ناهي، جيڪڏهن سعودي شاهه سلمان جيڪڏهن واقعي پنهنجي قوم تي حڪمراني ڪري ٿو ته هو چاهيندو ته اهو بحران جلد کان جلد ختم ٿئي. پر جيڪڏهن اهو صنعا ۾ شيعا مسلمان باغين مٿان هلندڙ بمباري جاري رکي ٿو ته پوءِ ان جا نتيجا رياض لاءِ ڪهڙا نڪرندا، اهو سمجهڻ بنهه سولو آهي.

نه وسارڻ کپي ته اتر کان شيعا مسلمان ايراني انقلابي گارڊ، عراق ۾ سني مسلمان داعش خلاف عراقي شيعا حڪومت جي مدد ڪري رهيا آهن. اتر اولهه ۾ ايراني انقلابي گارڊ علوي حڪومت (شيعا سمجهڻ گهرجي) جي مدد ڪري رهيا آهن. شامي صدر بشار الاسد پنهنجي ملڪ ۾ داعش ۽ النصر جي نام نهاد آزاد شامي فوج خلاف حالت جنگ ۾ آهي. لبنان جا شيعا حزب الله جي صورت ۾ شام جي فوج سان گڏ وڙهي رهياآهن. ايئن ئي اُتي افغانستان جا شيعا مسلمان شامي فوج جون ورديون پائي جنگ وڙهي رهيا آهن. جيتوڻيڪ سعودي عرب جي دعويٰ آهي ته ايراني، يمن ۾ حوثين سان گڏ وڙهي رهيا آهن، جيڪو نٿو لڳي. باقي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته يمن ۾ ايراني هٿيار ضرور استعمال ٿي رهيا آهن.

جديد عرب تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي ته 10-سني مسلمان ملڪن جي اتحاد سان گڏ هڪ غير عرب پاڪستان هڪ ٻي غير عرب قوم تي حملي لاءِ تيار آهي. وچ اوڀر جا سني ۽ شيعا هڪٻئي سان عراق، شام ۽ يمن ۾ جنگ ۾ رڌل آهن. پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي، بحرين ۽ نار جي ٻين رياستن سان پاڪستان جي فوج به شامل آهي. عراق خلاف 1991 ع ۾ ٿيل نار جنگ دوران پهرين مرندڙ دفاعي جٿن ۾ مبينه طور پاڪستاني به شامل هئا.

ليڪن يمن جنگ اڳ ۾ ئي عرب ملڪن کي ورهائي ڇڏيو آهي. لبنان جي اڳوڻي سني مسلمان وزير اعظم سعد حريري سعودي شاهه سلمان طرفان يمن تي حملي کي بهادراڻو ۽ ڏاهپ وارو فيصلو سڏيو آهي. واضح رهي ته حريري نه رڳو سُني آهي بلڪه سعودي شهري پڻ آهي. ليڪن شيعا حزب الله، جيڪا يمن تي سعودي حملي جي مخالف آهي، تنهن سعودي عرب طرفان يمن تي حملي کي “غلط ايڊونچر” ڪوٺيو آهي. اهي لفظ نهايت احتياط سان استعمال ڪيا ويا آهن. 2006ع ۾ جڏهن حزب الله ٽن اسرائيلي سپاهين کي قبضي ۾ ڪيو هو، تڏهن سعودي عرب اهي ساڳيا لفظ حزب الله خلاف استعمال ڪيا هئا. ان سال اسرائيل طرفان نهايت بيوقوفاڻو سياسي فيصلو ڪندي لبنان تي بمباري ڪئي وئي هئي.

آمريڪي اڃا اهو فيصلو نه ڪري سگهيا آهن ته کين ڇا ڪرڻو آهي. اهي سعودي عرب کي سڌي ريت فوجي مدد مهيا نه ڪندا، سندن ايران سان ايٽمي مامري تي ڳالهيون وڌيڪ اهم آهن- آمريڪا جي سعودي شاهه لاءِ ٿڌي اندازي ۾ حمايت سبب سعودي عرب جا مسلمان سني اتحادي ملڪ پڻ ايران کي چيڙائڻ نه چاهيندا. جڏهن ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ايٽمي معاهدي ٿيڻ سبب عرب دنيا ۾ وڌيڪ ٻيا پتا به کيڏيا ويندا. دراصل سعودي عرب طرفان يمن ۾ حوثين مٿان جنگ مڙهڻ جو اصل سبب ٻيو نه پر آمريڪا-ايران جو ايٽمي معاهدي جي ويجهو آهي.

ممڪن آهي ته حزب الله سعودي عرب جي يمن تي ڪيل حملي کي “سعودي-آمريڪي سازش” قرار ڏئي، جيڪو محاورو گهڻو گٺل آهي پر پنهنجي جوهر ۾ ڪنهن حد تائين سچائي رکي ٿو. ليڪن حقيقت اها آهي ته جيڪا هر عرب سمجهي ٿو ته سعودي عرب، آمريڪا طرفان ڏنل هٿيار پنهوار ڪنهن اترئين روايتي دشمن بدران هڪ ٻي عرب قوم خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ سعودي عرب جي هاڻوڪي روش مان ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته اهي اسرائيل تي بمباري ڪندا هجن.

تاريخ ممڪن آهي ته اهو ڄاڻائي ته يمن تي حملو وچ اوڀر ۾ شيعن ۽ سنين وچ ۾ وڏي گهرو ويڙهه جي شروعات آهي، جنهن ڪارڻ اولهه ۽ اسرائيل مطئن ٿيندا جو عرب هڪٻئي سان خوني ويڙهه وڙهي رهيا آهن. پر اها ڳالهه به سچ ثابت ٿي سگهي ٿي ته سعودي عرب طرفان پنهنجي ڀرپور فوجي طاقت ڏيکارڻ جي آخري ڪوشش هجي. 1990ع ۾ صدام جي ڪويت تي چڙهائي وقت انهن ڪافر آمريڪا کي کين اسامه بن لادن کان بچائڻ لاءِ چيو. سعودي عرب وارا سرڪاري طور وهابي عقيدو رکندڙ آهن-طالبان ۽ داعش جو به ساڳيو فرقو آهي. 11/9 واقعي لاءِ سعودي 19 مان 11 هائيجيڪر مهيا ڪيا. انهن اسان کي بن لادن جو تحفو ڏنو، اسان کي نه وسارڻ کپي ته اهو پڻ نسلي طور يمني قبيلي جو هو. جڏهن ڪويت تي صدام جي حملي جي يمنين حمايت ڪئي ته سعودي هزارين يمنين کي سعودي عرب مان نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي-سعودي عرب کين اها سزا ساڻن وفاداري نه ڪرڻ جي ڏني هئي. ڇا اهي هاڻي به يمنين کان پنهنجي حمايت ملڻ جي اميد رکن ٿا؟

ماضيءَ ۾ پڻ سعودي عرب يمن جي مامرن ۾ ٽنگ اڙائي، اهي مصر جي مصري فوج سان وڙهيا. اها هڪ وڏي تباهي هئي. ليڪن هاڻ مصر سعودي عرب جي پاسي آهي. ممڪن آهي ته اهي مصرين کي اهو چون ته اهي يمن جي سرزمين تي سندن مدد لاءِ اچن. پر ڇا ڪرڻ لاءِ ؟ اها پڪ ڪرڻ لاءِ ته يمني وفادار سني آهن؟

وڌيڪ خوفناڪ ڳالهه اها آهي ته ڇا ايندڙ سمورا معاملا هاڻ سعودي جو شاهي ڪٽنب نبيريندو، جنهن جو شهزادو اهو ٿو سمجهي ته يمن سندن ٻڌو ٻانهو ٿي هلي ۽ اتي جو مستقل فرقو وهابي ازم هجڻ گهرجي. سوال اهو آهي ته يمن بحران مان فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟ يقيني طور تيل پئدا ڪندڙ ملڪن کي، جنهن جي معنيٰ آهي سعودي عرب ۽ ايران.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو