Home / ڪرنٽ افيئر / يمن جو نئون محاذ ۽ عرب دنيا!
above article banner

يمن جو نئون محاذ ۽ عرب دنيا!

اعجاز علي خواجه 

گذريل هفتي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير ڊاڪٽر مليحه لوڌي هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته: اسلامي ملڪن کي پنهنجي خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي. اسلامي قدرن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به اهڙي جنگ ۾ نه پوڻ گهرجي جيڪا فقط اسلامي ملڪن کي هڪٻئي سان ويڙهائڻ لاءِ سازشي عنصر هر وقت سرگرم ڪردار دا ڪندا رهن ٿا.

دنيا ۾ اسلامي ملڪن جو انگ 64 آهي. انهن اسلامي ملڪن جو گهڻو تعداد عرب دنيا سان تعلق رکي ٿو. قدرت عرب دنيا کي تيل ۽ ٻين انيڪ نعمتن سان نوازيو آهي. عرب دنيا جي وچ ۾ هڪ ملڪ اسرائيل آهي جيڪو هميشه مسلم عرب دنيا جي لاءِ وڏو مٿي جو سور بڻيل رهي ٿو. آمريڪا، چين، فرانس ۽ روس مسلم عرب دنيا سان مختلف محاذن تي ساٿ ڏيندا رهن ٿا.

آمريڪا جي عرب دنيا لاءِ ٺهندڙ هر پاليسي جو محور اسرائيل هوندو آهي. ان جو هڪ اهم سبب آمريڪا جي سينيٽ ۾ سموري ٿنڪ ٽئنڪ تي يهودي لابي جو قبضو آهي. آمريڪا اسرائيل کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن حد تائين وڃڻ لاءِ تيار هوندو آهي.

عرب دنيا هن وقت مختلف محاذن تي حالتِ جنگ ۾ آهي. اها جنگ ڪڏهن عرب بهار جي نالي سان پنهنجي بادشاهن جي خلاف عام ماڻهو شروع ڪن ٿا ته ڪڏهن مختلف ملڪن جون فوجون مٿڀرائي حاصل ڪرڻ لاءِ ويڙهه ڪنديون رهن ٿيون.

عرب بهار جيڪا تيونس جي بادشاهه خلاف شروع ٿي (ياد رهي ته تيونس جي بادشاهه علي بن صالح عبدالله پنهنجي ملڪ جي نوجوانن طرفان شروع ڪيل بغاوت دوران سعودي عرب ۾ وڃي پناه ورتي هئي) ان 17 ڏينهن ۾ 30 سالن جي بادشاهت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ اڄ تيونس هڪ نئين جديد اسلامي معاشري طور اڀري رهيو آهي. تيونس ۾ پهريون ڀيرو پارليامينٽ لاءِ اليڪشن ٿي آهي. عرب بهار جو ڪامياب مثال تيونس آهي جيڪو هن وقت جديد ترقياتي بنيادن تي اسرندڙ ملڪ ثابت ٿي رهيو آهي.

march B 14

عرب بهار جي ڪري مصر، لبيا، شام ۽ بحرين وغيره ڪنهن خاص تبديلي جو اهڃاڻ نه بنجي سگهيا بلڪه وڌيڪ مسئلن جو شڪار بڻجي ويا. مصر ۽ لبيا ۾ 40 کان 45 سالن تائين مسلسل بادشاهت ڪندڙ حُسني مبارڪ ۽ ڪرنل قذافي کي بادشاهت تان هٿ ڌوئڻا پئجي ويا. پر اهي ٻئي ملڪ ڪنهن خاص تبديلي بدران فوجي اڳڀرائي ۽ گهرو ويڙهه جو شڪار ٿي ويا آهن. شام ۾ گهرو ويڙهه سڄي عرب دنيا کي بدترين نموني متاثر ڪيو ۽ هيلتائين 2 لک شهري موت جو کاڄ ٿي چڪا آهن. انهي گهرو ويڙهه جو ڪو به انت ڪونهي. روس انهي مسئلي ۾ آمريڪا کي ڌمڪي ڏني ۽ چين جي ساٿ سان اڄ شام جو بادشاهه بشار الاسد ساڳئي آب و تاب سان حڪومت هلائي رهيو آهي.

عرب دنيا جا اسلامي ملڪ عرب بهار لاءِ ڪيل جدوجهد مان گذري رهيا آهن ۽ في الحال عرب بهار ڪنهن حقيقي ڪاميابي کان ڪافي پري نظر اچي رهي آهي. ان دوران عرب دنيا ۾ القاعده کانپوءِ داعش جي نالي سان هڪ نئون محاذ کڙو ٿيو آهي. داعش عراق ۽ شام جي ڪافي علائقن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکيو آهي ۽ آمريڪا نيٽو فورسز جي مدد سان داعش سان جنگ ۾ شريڪ آهي.

يمن، عرب دنيا ۾ هڪ نئين اڀرندڙ محاذ طور سامهون آيو آهي. يمن ۾ گذريل ڪافي عرصي کان باغين جو قبضو آهي ۽ اهي باغي جيڪي شيعا فرقي سان تعلق رکن ٿا. حوثي قبيلي جا باغي يمن ۾ صنعاتي قابض ٿيڻ کانپوءِ هاڻ پنهنجي محاذ ايڊن ڏانهن وڌي رهيا آهن. ايڊن يمن جو تخت گاهه آهي.

حوثي باغي ڪير آهن؟ جيڪڏهن سرسري جائزو وٺجي ته حوثي قبيلو يمن جي اترين علائقن ۾ هڪ هزار سالن کان آباد آهي. اهو قبيلو شيعا فرقي سان تعلق رکي ٿو ۽ هميشه پنهنجي وارن اثر علائقن تائين محدود رهيا آهن.

حوثي قبيلو جيڪو انصار الله به سڏائي ٿو. انهي قبيلي 2004-2003ع ۾ يمن ۾ بغاوت شروع ڪئي. انجي بغاوت جي نتيجي ۾ ۽ بين الاقوامي مدد سان 35 سالن کان حڪومت ڪندڙ عبدالله صالح کي 2012 ۾ ملڪ ڇڏي ڀڄڻو پئجي ويو. انهي کانپوءِ حوثي قبيلي پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو. اهو اثر رسوخ وڌائڻ ۾ ايران جو به هميشه ساٿ حوثي قبيلي سان شامل رهيو آهي. 2014ع ۾ حوثي قبيلي صالح خاندان کان ساٿ وٺي مختلف علائقن ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. صالح خاندان اڄ به پنهنجي حڪومت واپس وٺڻ لاءِ ڪوشان آهي. صنعا تي قبضي کانپوءِ حوثي قبيلي ايڊن ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو جتي صالح خاندان 2012 ۾ بغاوت کانپوءِ پناهه ورتي هئي. يمن جي سمورن علائقن ۾ سني اسلام جي سلافي گروپ، القاعده ۽ داعش گهرو ويڙهه ۾ شامل رهيا آهن.

حوثي قبيلي جي وڌندڙ اثر رسوخ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسلامي دنيا جي اهم ملڪ سعودي عرب سڌو سنئون جنگ شروع ڪري ڏني آهي. انهي جنگ ۾ سعودي عرب اسلامي دنيا جي ٻين ملڪن مصر، گڏيل عرب امارات، بحرين، قطر، ڪويت، اُردن وغيره کي شامل ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي عرب انهن سڀني ملڪن سان گڏجي هوائي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. سعودي عرب انهي جنگ لاءِ آمريڪا، برطانيا ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن کان مدد گهري آهي جنهن ۾ آمريڪا ۽ برطانيا ساٿ ڏنو آهي. سعودي عرب اسلامڪ گلف ڪوآپريشن ڪائونسل (GCC) جي ميمبر ملڪن جي ايمرجنسي ميٽنگ ڪوٺائي مدد لاءِ اپيل ڪئي آهي. گلف ڪوآپريشن ڪائونسل (GCC) کيس مدد جو يقين ڏياريو آهي۽ 10 ملڪن تي مشتمل هوائي فوج ساٿ ڏئي رهي آهي.

ايران پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي، روس فرانس ۽ چين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي آهي. ياد رهي ته آمريڪا ۽ ايران جوهري معاملن تي جلد هڪ اهم معاهدو/ٺاهه ڪري رهيا آهن جنهن تحت آمريڪا گڏيل قومن ۽ مختلف ملڪن طرفان ايران تي مڙهيل پابندين کي نرم ڪرڻ ۽ ايران جي تيل جي مارڪيٽ کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. انهي فيصلي اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو کي مجبور ڪيو ته هو آمريڪا ۾ پارليامينٽ/سينيٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري. ياد رهي ته صدر اوباما ۽ سندس ڪابينا انهي خطاب ۾ حصو نه ورتو. آمريڪا ۽ ايران جي جوهري معاهدي سبب عرب دنيا ۾ ايران جو اثر رسوخ وڌي رهيو آهي. اهو به هڪ سبب آهي ته سعودي حڪومت انهي وڌندڙ اثر رسوخ سبب يمن جي حوثي قبيلي جي بغاوت کي چيڀاٽڻ چاهي ٿي.

هن وقت يمن جي صورتحال جو ايران-آمريڪا جي جوهري معاهدي تي ڪيترو اثر پوندو؟ اهو وقت ٻڌائيندو پر جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ گنڀير رخ اختيار ڪيو ته پوءِ ايران ۽ آمريڪا جو جوهري معاهدو به متاثر ٿي سگهي ٿو.

پاڪستان انهي سڄي صورتحال ۾ مونجهاري جو شڪار آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان ٻين جي جنگ ۾ هميشه پنهنجو نقصان ڪيو آهي. افغان جنگ جا اثر اڄ ڏينهن تائين پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي. نواز شريف حڪومت سعودي بادشاهه جي خاندان سان ذاتي لاڳاپن جي بنيادن تي وڌيڪ ويجهو رهي آهي. نواز حڪومت کي سعودي بادشاهن تقريبا ڏيڍ ارب ڊالر تحفي طور ڏنا ۽ پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ ساٿ ڏنو. سعودي بادشاهه نواز شريف کي دعوت ڏئي گهرايو ۽ پهريون دفعو ڪنهن سعودي عرب جي بادشاهه خود ايئرپورٽ تي وڃي پاڪستان جي وزير اعظم جو استقبال ڪيو.

سعودي بادشاهه، نواز شريف حڪومت کان يمن جنگ ۾ ساٿ ڏيڻ جو واعدو ورتو آهي. ٻئي طرف پاڪستاني حڪومت جيڪا پنهنجي اندروني مسئلن ۾ تقريباََ جنگ واري صورتحال ۾ آهي. ڇا هڪ ٻي جنگ جو حصو بنجي سگهي ٿي؟ ياد رهي ته پاڪستان جي فوج ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن ۾ رڌل آهي. انهي صورتحال ۾ پاڪستان جي فوج جو ٻي طرف ڌيان ڏيڻ صورتحال کي وڌيڪ گنڀير بڻائي سگهي ٿو.

پاڪستان جي تقريباََ سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين يمن جي جنگ ۾ هڪدم حصو نه وٺڻ ۽ پارليامينٽ جي اجازت کان بغير اڳڀرائي نه ڪرڻ لاءِ چيو آهي.

سي اين اين جي هڪ خبر مطابق پاڪستان ايئر فورس جا 15 جهاز انهي جنگ ۾ حصو وٺي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي وزير اعظم نواز شريف سعودي بادشاهه سان فون تي ڳالهيون ڪندي ڀرپور حمايت ۽ ساٿ ڏيڻ جو پڪو يقين ڏياريو آهي. پاڪستان يمن ۾ ڦاٿل 3000 کان وڌيڪ پاڪستانين کي مختلف رستن ذريعي ڪڍي رهيو آهي. انهي صورتحال ۾ پاڪستان ڪنهن به جذباتي فيصلي ڪرڻ کان پهرين اهو سوچي ته هڪ ٻي جنگ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ سان پاڪستان تي ڪهڙا اثر پوندا ۽ انهي جنگ سان پاڪستان جا لاڳاپا پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ڪيتري حد تائين متاثر ٿيندا.

يمن ۾ هلندڙ گهرو ويڙهه ۽ عرب دنيا جي ملڪن جو هڪٻئي خلاف اثر رسوخ سڄي اسلامي دنيا کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي. لڳي ٿو ته هڪ نئين قسم جي سرد جنگ شروع ٿي چڪي آهي ۽ انهي سرد جنگ جو وڌندڙ اثر اسلامي مُلڪن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي. پاڪستان جيڪڏهن انهي جنگ جو حصو بنجي ٿو ته پوءِ اسان اڻکٽ داخلي ۽ خارجي مسئلن جو شڪار ٿي وينداسين.

سعودي عرب ۽ ايران ٻئي پاڪستان جا بهترين دوست آهن ان ڪري متوازن پاليسي تي عمل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

ليکڪ فري لانس صحافي ۽ “گلف نيوز” جو ڪنٽريبيوٽر آهي هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

aakhuwaja@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو