Home / اسپيشل افيئر / پاڪستان: عورت انسان جو درجو ڪڏهن ماڻيندي؟!
above article banner

پاڪستان: عورت انسان جو درجو ڪڏهن ماڻيندي؟!

ثنا عباس دشتي

انيڪ مُونجهارن مَنجهان هڪڙو اهم معاملو عورتن جي صنفي بنيادن تي ورهاست پڻ آهي. دراصل دُنيا جي هر هڪ خِطي ۾ عورت کي درپيش مسئلن منجهان اهم مسئلو سندس سماج ۾ برابري ۽ سندس حقن جي لتاڙ اهم جاءِ والارين ٿا، ڪيترن ئي سُڌريل ملڪن اندر پڻ عورتن جا حق اڄ ڏينهن تائين مختلف مسئلن جو شڪار بڻيل آهن. تنهن ڪري اسرندڙ ملڪن کان ويندي ٽين دنيا جي ڏتڙيل پسمنظر اندر به عورت جي لاءِ جديد دُنيا اڃا تائين عبرت سان گڏوگڏ سواليه نشان بڻيل آهي. گهڻي ڀاڱي عورت زندگيءَ جي معاملن کان ويندي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ اڄ به ڄڻ ته ڪنهن ڊگهي سفر تي نڪتل آهي، جتي کيس منزل تي پهچڻ لاءِ وِکَ وِکَ تي هانءُ هاريندڙ حالتن کي مُنهن ڏيڻو آهي.

اڄ اسان کي سوچڻو پوندو ته سماجي مسئلن واري ڊگهي قطار منجهه عورت ڇو آخري صف ۾ بيٺل نظر ٿي اچي. لفظ عورت ۾ مسئلن جي هڪ وڏي دُنيا نظر اچي رهي آهي، جنهن کان هر هڪ ماڻهو اک چورائڻ واري مشن ۾ رڌل آهي. غُربت، بيماري ۽ ٻيا ننڍا وڏا مسئلا هڪڙي پاسي رکجن، تڏهن به عورت سان ٿيندڙ ناانصافين جا انيڪ داستان موجود آهن. دراصل عورت کي انهن سڀني محرومين، مايوسين ۽ مشڪلاتن جي هڪ تجربيگاهه طور استعمال ڪيو ٿو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻوڪين عالمي حالتن اندر عورت پنهنجن حق ۽ حيثيت متعلق پاڻ پنهنجي صف تي پهچڻ گهري ٿي، ڪنهن ملڪ اندر عورت کي ڊرائيونگ ڪرڻ جي حق کان روڪيو ٿو وڃي، ته ٻئي طرف ميڊونا جهڙي عالمي حيثيت جي ڳائڻي ٻڌائي ٿي ته، يورپ ۽ خاص ڪري فرانس اندر اسهپ وڌي رهي آهي، هونئن به هر دور جي مسئلن جي صحيح طرح نشاندهي عورت ئي ڪئي آهي. مسئلا، مونجهارا ڪهڙي به سطح جا هجن، انهن تي آڱر کڻڻ وارو ڪم عورت ئي ڪري سگهي ٿي.

هڪ عورت ئي برابري جي بنياد تي گڏجي ڌرتيءَ کي بهشت بڻائي سگهي ٿي. مدر ٽريسا، ليڊي ڊيانا، اينجلينا جولي، ملالا يوسفزئي، بينظير ڀٽو جهڙا انيڪ نالا آهن، جن جو نانءُ وٺڻ سان هڪ پوري جهدوجهد جو ڀرپور ادراڪ حاصل ٿئي ٿو.

40

پاڪستان جي عورت پڻ روز ڏُکيائين کي مُنهن ڏئي رهي آهي، خصوصاً عورتن جي تعليم، ملازمت توڙي شادين وارا معاملا مُنجهيل سُٽَ وانگر نظر ايندا، خاص ڪري عورت جو ورهاست ۾ حصيداري کان انڪاري ٿيندڙ سماج صرف صنفي بنيادن تي ئي ترقي جي معراج تي نه پهچي سگهندو. جيئن ته آباديءَ جي لحاظ کان عورت اهم حيثيت والاري ٿي، تنهن ڪري سندس انساني وسيلن کي مان ڏيندي سندس حيثيت کي اسان جي ملڪ اندر اهميت ڏني وڃي ته جيئن وڌندڙ مسئلن کي روڪڻ ۾ سهڪاري بڻجي سگهي، هن وقت پاڪستاني سماج اندر عورت جي وڌندڙ مسئلن منجهان تعليم ۽ ترقيءَ جي ميدان کان پري رکندڙ سوچ کيس جانور ئي سمجهي ٿي، ڪٽرپڻي واري سوچ عورت خلاف تيزاب هارڻ کان ويندي تعليم کان پري رکڻ، زبردستي شادي ڪرائڻ کان ويندي سندس حقن کي تسليم ڪرڻ کان به انڪاري آهي، جيستائين اها ناڪاري سوچ ختم نه ٿيندي، تيستائين عورت جي حقن جي لاءِ پاس ٿيندڙ اسيمبليءَ وارا بل، عورتن جي حقن لاءِ قائم ٿيندڙ ڪميشن واريون سفارشون، توڙي سندس ملڪ جي سياسي ڌارا ۾ شموليت هڪ خواب ئي لڳندو.

هر روز جي معاملن منجهه ميڊيا رپورٽون اسان کي ٻڌائينديون رهن ٿيون ته سنڌ جون معصوم نياڻيون تعصب جي نشاني تي آهن، ماڻهپي کان آجا رويا هر طرح سان عورت کي ڪمتر سمجهي سندس تذليل ڪرڻ چاهين ٿا، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان اندر عورتن خلاف تيزاب جا وڌندڙ واقعا، ڏاج جهڙي معمولي ڳالهه تان سندس زندگيءَ کي تباهه ڪرڻ جا ڪرتوت ۽ انا پرست سوچ عورت کي پنهنجي ذات لاءِ وڏو خطرو سمجهي ٿي. تنهن ڪري ضروري آهي ته آئين ۽ قانون جي مڪمل رسائي کان ويندي عورتن کي برابريءَ جي بنيادن تي ملڪ جي معاملن اندر توڙي سندس ذاتي ذميوارين کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي، ته جيئن هن موجوده حالتن ۾ ملڪ جي عورت ترقيءَ جي هر عمل ۾ پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهندي پنهنجو ڪردار نڀائي سگهي.

اسان جو ملڪ هن وقت خطرناڪ مسئلن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي، خاص ڪري دهشتگردي ۽ پرامن حالتن کي اڏوهي جيان کائيندڙ جهالت جهڙا رويا پنهنجي شروعات ۾ ئي مُثبت سماجي ڍانچي کي تباهه ڪرڻ لاءِ آهن، تنهن ڪري هن ملڪ جي عورت کي گهڻي دير کانپوءِ بندوق هلائڻ جي سکيا ڏني پئي وڃي، افسوس جو ڪيترو نه ڀلو ٿئي ها، جيڪڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوريت جي لاءِ ڏنل قربانين جو قدر ڪندي اسان جي ملڪ اندر (ايم آر ڊي) واري جدوجهد کانپوءِ پاڪستان جي ڪابه عورت لاوارث نه بڻجي ها! پر اهو سڀ ڪجهه اسان جي اکين آڏو ٿيندو رهيو ۽ هن وقت هي سماج عورت کي صرف ڪاروڪاري سان نه پر پنهنجي هر عمل، انداز ۽ هر طريقي سان عورت کي نشاني تي رکيو بيٺو آهي. سندس جهيڙو يا تعصب صرف عورت سان ئي آهي ته عورت وزير اعظم لاءِ نااهل آهي، ملالا کي لڳندڙ گولي ڊرامو آهي، معصوم مقدس يا سنڌو سان ٿيندڙ ناانصافي اتفاق آهي، سنڌ ۾ وڌندڙ ڪاروڪاريءَ جا واقعا ڪا روايت آهن ۽ عورت ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي سواءِ روئڻ جي!! پاڪستان ۾ آباديءَ جو وڏو حصو رکندڙ عورتون هن ملڪ جون شهري آهن، بدقسمتيءَ سان ملڪ اندر عورت کي دارالامان جهڙي سوڙهي گهٽي کانسواءِ ڪجهه به پلئه نه پئجي سگهيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو