Home / اسپيشل افيئر / پاڻي بنا زندگيءَ جو تصور ممڪن نه آهي!
above article banner

پاڻي بنا زندگيءَ جو تصور ممڪن نه آهي!

ثناءُ الله عتيق چنجڻي

دنيا جي مڙني مذهبن توڙي فڪري ماخذن ۾ پاڻي کي مقدس حيثيت مليل آهي. دنيا ۾ پاڻيءَ جا انيڪ روپ ڏسي حيرت جي انتها ٿي وڃي ٿي ته هيءَ قيمتي ڦُڙا زندگي جي بقا ۽ جيوت جي فطرتي واڌ ويجهه لاءِ ڪيڏي نه خاص اهميت رکن ٿا. ايئن ئي زندگي جي ٻوٽي جوبنيادي ماخذ پڻ پاڻي کي قرار ڏنو وڃي ٿو. جمنا گنگا جو ڌرمي ڌيان صدين کان عالمي حيثيت رکندو پيو اچي. دنيا جي ساهتي ورثي ۾ پاڻي خاص محرڪ هجڻ سبب پنهنجي مڃتا ۽ تعارف جو محتاج نه آهي. پاڻي جي جاگرافيائي توڙي معاشي ڪٿ ڪرڻ بابت پورا ڪتاب لکي سگھجن ٿا. تنهنڪري اهو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته دنيا جي تهذيبن جا بنياد پاڻي جي سرچشمن جي ويجهو پيا هيا. دنيا جي بحري قوتن جو عروج ۽ زوال، عالمي بحري رستن جي تاريخ ۾ شاندار حيثيت، دنيا جي بحري نظرين جي ڪماليت توڙي پاڻي جي شفاف ذخيرن جا اهڃاڻ، اڄ جي جديد دنيا لاءِ به ايترائي ضروري آهن. جيترا جياپي جي جنگ لاءِ پاڻي جا ٻه ڍُڪ اهميت رکن ٿا. حياتي جي ٽڪساٽ کي جاري رکڻ ۾ پاڻي تمام لازمي جزو بڻجي وڃي ٿو. دنيا جا درياه، سمونڊ، نديون، نالا، برساتون، آبشار، وهڪرا، گليشيئر،اتر قطب جي ڄميل پاڻيءَ جا ذخيرا اهي سڀ پاڻي جا اڪيچار حوالا آهن. ننڍڙي هوندي اسڪيموز قبيلن جي برف مان ٺهيل گھرن جي ڳالهه ٻڌي پيا کلندا هئاسين يا وري چين ۾ برف مان جڙيل محلن جو ذڪر ٻڌي يقين ڪرڻ ڏکيو لڳندو هيو. اڄ اهيو سڀ ڪجهه حقيقت ٿو لڳي ۽ فطرت جي شاهڪارن تي دنگ رهجي وڃون ٿا ته ڪيئن نه پاڻي جهڙي قدرتي نعمت ڪڏهن برف جون ڇپون بڻجي گليشيئر جي شڪل اختيار ڪري ٿي ته ڪڏهن ٻاڦ جي شڪل ۾ مضبوط جنم وٺي ٿو. پاڻي ڪڏهن ڪڪرن منجھان وسي وسي ڌرتيءَ کي سرسبز ۽ شاداب ڪري ڇڏي ٿو.

پاڻيءَ جي حوالي سان به سنڌي قوم جو موقف موهن جي دڙي واري تهذيبي سفر کان وٺي بي باڪ ۽ انسانيت وند اهڃاڻ بڻيل رهيو آهي. اسين هي جيڪي پنهنجي سانڀر ۾ سياسي نعرا پيا ٻُڌون ته “پاڻيءَ تي هاڻ پاڻي ٿنيدو”، “پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا،” اهي ڪي عام رواجي جملا نه پر سنڌي قوم جي جياپي ۽ عالمي شعور جا نشانبر احساس آهن. سنڌ پنهنجي فطرتي ذريعن ۽ ماحولياتي بهتري لاءِ هميشه کان چٽو موقف رکندي آئي آهي ته سنڌو نديءَ کي سُڪي ٺُوٺ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته عوام منجهه پنهنجن مسئلن ۽ حقن جي پاسداري خاطر جذبو موجود هئڻ گھرجي. ان ڪري ئي سنڌ به پنهنجي ڊيلٽا جي بچاءُ ۽ ماحولياتي بقا لاءِ سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳل ڌاڙن خلاف مسلسل جاکوڙيندي نظر اچي پئي. جڏهن ته ڪالاباغ ڊئم جي نانءُ تي ملڪ جا ترا ڪڍي ڇڏيندڙ اسڪيمن ۽ سياسي جادوگرن ملڪ کي پاڻي ۽ توانائي جي معاملن ۾ مونجھارن جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي. ٿر ۽ ڪاڇي جي ماروئڙن جا ڏُڪار جهڙا ڏينهن اسانجو بدترين سانحو بڻجي ويندا آهن. اهڙين دردناڪ حالتن جي نشاندهي ڪندي ڏُڪار سبب گهر ۾ پاڻي موجود نه ڏسندي هڪ ماءُ جي پيڙا جڏهن سندس معصوم ڌيءُ کائنس پاڻي گهري ٿي تڏهن هوءَ پنهنجي پياري نياڻيءَ کي ڪهڙو جواب ڏئي ٿي، ان درد جي تصوير کي ڪنهن شاعر ايئن بيان ڪيو آهي ته : منهنجي ننڍڙي پياري ڌيءُ، پاڻي ڪونهي ڳوڙها پيءُ!!”

موجوده دور جي حڪمت عملين وارين اهم رپورٽن موجب مستقبل جون جنگيون پاڻيءَ جي ذخيرن تي لڳڻ جا امڪان آهن. هن وقت جڏهن دنيا ماحولياتي بگاڙ سبب فطرتي نظام ۾ شديد ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي. تڏهن، پاڻي جي اڻاٺ دنيا جي وڏن مسئلن طرف اشارو ڪري ٿي. پاڻي جي ذريعن کي محفوظ بڻائڻ وارو جذبو اڄ دنيا جي حقيقي گُھرج بڻجي ويو آهي. عالمي طور تي ڊئمن جي غيرقانوني اڏاوت، پاڻي جي ذخيرن تي ڌاڙا ۽ پاڻي جي وسيلن جي غيرمنصفاڻي ورڇ اڄ جا اهم سياسي روڳ بڻجي ويا آهن. دنيا جي وڌندڙ آبادي ۽ وسيلن جي پور وڇوٽ ٻڌائي ٿي ته پاڻي جهڙي قيمتي نعمت کي پڻ لاپرواهي سان ضايع ڪيو پيو وڃي. دنيا جي اڄ ڪيترن ئي خطن م تيل سستو ۽ پاڻي مهانگو بڻجي ويو آهي. دنيا پنهنجي ارتقائي اصولن هيٺ شروعات کان ئي پاڻي جي اهميت کي محسوس ڪري ورتو هيو. پاڻي کي محفوظ رکڻ وارو تهذيبي پراڻو فن ايترو ته ضروري بڻجي ويو جو اهو اڄ عالمي يادگيري ڏياري ٿو ته پاڻي بغير انسان زنده نه رهي سگھندو. اهو ئي اهم ڪارڻ آهي ته اڄ پوري دنيا اندر پاڻيءَ جي استعمال ۾ لاپرواهي ڏيکاريندڙ عمل کي ايندڙ نسلن جي امانت ۾ خيانت طور ڃاتو وڃي ٿو. اڄ فلسفي ۽ ڏاهي ٿائيلس جي لفظن ۾ “ڪائنات پاڻيءَ منجهان ٺاهيل آهي.” چوندي ڪيترو نه سُهڻو لڳي ٿو. تنهنڪري، اهو سچ آهي ته پاڻي ئي سُونهن آهي. پاڻي ئي زندگي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو