چين جي آخري شهنشاهه جي آتم ڪٿا! | Affair - افيئر
Home / افيئر / چين جي آخري شهنشاهه جي آتم ڪٿا!
above article banner

چين جي آخري شهنشاهه جي آتم ڪٿا!

يوسف سنڌي

ڪٿي پڙهيو هوم ته دنيا جي گولي تي فقط ٻه بادشاهه وڃي رهندا، هڪ برطانيا جو بادشاهه (يا راڻي) ۽ ٻيو تاش جي پتن وارو بادشاهه. برطانيا جو بادشاهه ان ڪري ته انگريز روايت پرست قوم آهي، جيڪا روايتي انداز ۾ بادشاهت کي برقرار رکندي اچي ۽ تاش جي بادشاهه کي ته نه ڪا لهر نڪو لوڏو.

ماضيءَ ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي ڪيتريون ئي بادشاهتون ۽ شهنشاهتون قائم هيون، اڄ انهن جا نالا ۽ ذڪر فقط تاريخ جي ڪتابن ۾ محفوظ آهي، انهن مان ڪن بادشاهن پنهنجون آتم ڪهاڻيون/تزڪ به لکيون، جن مان نه رڳو سندن، پر، سندن بادشاهتن جي باري ۾ پڻ ڪافي ڄاڻ ملي ٿي.

هيئنر پنهنجي اڳيان جيڪو ڪتاب تبصري هيٺ آهي، اهو اسان جي پاڙيسري ملڪ چين جي آخري شهنشاهه ڦواي ((Pu-Yi جي آتم ڪهاڻي ”شهنشاهه کان شهريءَ تائين“ آهي، عام طور غريبيءَ کان اميريءَ تائين جو سفر ته پيو ٻڌبو آهي، پر هن همراهه جي ڪهاڻي اميريءَ کان غريبيءَ جو سفر آهي، جنهن کي ڪيترائي ماڻهو اونداهيءَ کان روشنيءَ جو سفر به سڏين ٿا، ڦواي، چين تي حڪمراني ڪندڙ ”چنگ“ گهراڻي جو آخري بادشاهه هو، جيڪو چين جي بادشاهه ”ڪئانگ شيو“ جي چالاڻي کانپوءِ 1908ع ۾ ٽن سالن جي وهيءَ ۾ تخت تي ويٺو، ٽن سالن کانپوءِ 1911ع ۾ انقلاب آيو ۽ چين ۾ رعيتي راڄ قائم ٿيو، بادشاهه تخت تان دستبردار ٿيو ۽ ڊاڪٽر سن يات سين رعيتي راڄ جو صدر مقرر ٿيو، پر 1924ع تائين هو پنهنجي گهراڻي جي اصلي شاهي محلات يعني ”محل ممنوع“ اندر رهندو آيو، ان وچ ۾ کيس هڪ ڀيرو بادشاهه بڻائڻ جي ڪوشش ٿي ۽ يارهن ٻارهن ڏينهن تائين سندس نئين بادشاهي هلي، ان کانپوءِ وري انقلاب سبب نه رڳو تخت تان لهڻو پيس، پر 1924ع ۾ محلات مان به تڙي ڪڍيائونس، جتان پهريائين هو پنهنجي پيءُ جي گهر آيو، پوءِ ڀڄي وڃي جاپاني سفارتخاني ۾ پناهه ورتائين. 1931ع ۾ جاپانين، چين جي علائقي ”منچوريا“ تي قبضو ڪيو ۽ 1932ع ۾ کيس منچوريا جو ڪٺ پتلي بادشاهه بڻايو ويو، (جاپاني منچوريا کي مانچوڪو چوندا هئا). 1932ع کان 1945ع تائين هو منچوريا جو ڪٺ پتلي بادشاهه رهيو، پر ٻي مهاڀاري جنگ ۾ جاپان شڪست کاڌي ته ڦواي جي بادشاهي به پوري ٿي ۽ کيس جنگي ڏوهاري جي حيثيت سان گرفتار ڪيو ويو، هاڻ هو روسين جو قيدي بنجي ويو، پنجن سالن کانپوءِ چين تي ڪميونسٽ پارٽي ۽ مائوزي تنگ جي حڪومت قائم ٿي ته هن کي به ٻين جنگي قيدين سان گڏ چين موڪليو ويو، هن کي پڪ هئي ته چين پهچڻ کانپوءِ کيس ماريو ويندو، پر ائين نه ٿيو، هن کي جيل ۾ رکيو ويو ۽ کيس پاڻ سُڌارڻ جي پروگرام تحت، تبديل ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو، هن اتي ڏهه سال وڌيڪ قيديءَ جي حيثيت سان گذاريا، ان وقت چين ۾ اها ڳالهه عام طور ٻڌڻ ۾ ايندي هئي (جڏهن شهنشاهه ڦواي جيل ۾ هو) ۽ ڪڏهن ڪڏهن مائوزي تنگ به چرچي ۾ چوندو هو، ”مون کانپوءِ منهنجي تخت جو وارث ”ڦواي“ ٿيندو.“

جيل مان نڪرڻ کانپوءِ کيس عام زندگي گذارڻ جي موڪل ڏني وئي ۽ حڪومت پاران کيس مالهيءَ جي نوڪري ڏني وئي ته ويٺو گلن کي پاڻي ڏي، اهڙي طرح چين کي سهڻو بڻائڻ ۾ ڪجهه سندس خدمت به ڳڻي ويندي. پاڻ ڏيڍ سال تائين اها نوڪري ڪيائين، تنهن کانپوءِ کيس پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ جو ڪم ڏنائون.

جڏهن 1959ع ۾ کيس عام معافي ڏيئي جيل مان ڪڍيو ويو ته سندس چواڻي ”هو پاڻ ۾ وڏي تبديلي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ هڪ نئين ماڻهوءَ جي روپ ۾ بدلجي چڪو هو، سندس زندگيءَ جا اهي آخري سال هئا، جن ۾ هن صحيح طرح هڪ نارمل زندگيءَ جو مزو ماڻيو ۽ ان کان اڳ ان جهڙي آزاديءَ بابت هن ڪڏهن سوچيو به نه هو، هو هڪ عام ماڻهوءَ وانگر ڪم ڪندي، گهٽين ۾ سائيڪل هلائيندي نظر اچڻ لڳو، پنجاهه سال اڳ هو چين جي شهنشاهيت جو ڌڻي هوندي، هزارين ڪمرن واري محل ۾ رهندو هو، جنهن ۾ هزارين مرد، زالون ۽ کدڙا خدمتگار هوندا هئا، هاڻ هڪ سادڙي گهر ۾ رهڻ لڳو، سستين ۽ عام هوٽلن ۾ چانهه ۾ ڊبل روٽي ٻوڙي کائڻ ۽ سرڪاري بسن ۾ عام ماڻهن جيان ٽڪيٽ وٺي سفر ڪرڻ لڳو.

اهڙي ئي هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو، ”مون جڏهن پهريون ڀيرو بس ۾ سفر ڪيو ته پنهنجي ماسات کي صفا ڊيڄاري ڇڏيم، آئون قطار ۾ بيٺو بس جو اوسيئڙو ڪري رهيو هوس، مون ڏٺو ته ٻيا ماڻهو پوڙهن ۽ ٻارن کي بس ۾ پهرين چڙهڻ جي لاءِ جاءِ ڏيڻ خاطر هڪ پاسي هٽي ٿي ويا ۽ هڪ عورت جيڪا منهنجي پويان بيٺي هئي، آئون ان کي بس ۾ پهرين چڙهڻ جي لاءِ موقعو ڏيڻ لاءِ هٽي پويان ٿيس، مونکي ڪهڙي خبر ته اها بس جي ڪنڊيڪٽر هئي، هن جڏهن ڏٺو ته آئون بس ۾ نه پيو چڙهان ته هوءَ چڙهي ويئي ۽ بس جو دروازو بند ٿيو ۽ بس رواني ٿي وئي، ٿوري دير کانپوءِ منهنجو ماسات ٻي اسٽاپ تان بس مان لهي ڀڄندو آيو ۽ اسان پري کان ئي هڪٻئي کي ڏسي کلڻ شروع ڪيو.“

”ڦواي“ جيل مان نڪرڻ کانپوءِ چين ۾ تبديل ٿيل سماج کي ڪيئن ڏٺو، اُن جو ذڪر ڪندي هو هڪ واقعو لکي ٿو، ”آئون ريل ۾ سفر ڪري رهيو هوس، ٻاهر برف سان ڍڪيل سهائو ۽ وشال علائقو منهنجي مستقبل جيان پکڙيو پيو هو، گاڏيءَ ۾ آئون عام مزدورن سان گڏ ويٺو هوس، منهنجي زندگيءَ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو، جو آئون هنن سان گڏ ويٺو هوس، يا ساڻن گڏ سفر ڪري رهيو هوس، مونکي هنن سان گڏجي پنهنجي وطن جي اڏاوت ڪرڻي هئي، انهن سان هڪ جسم ٿيڻو هو، نه، پر آئون ته اڳ ۾ ئي هنن سان هڪ جسم ٻه دليون بنجي چڪو هوس، ٽرين ۾ سوار ٿيڻ کان ٿوري دير پوءِ هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهن مونکي ان معاشري جو مقام ڏيکاري ڇڏيو، جنهن ۾ آئون شامل ٿي رهيو هوس ۽ مونکي انهن ماڻهن جي گُڻن کان به واقف ڪري ڇڏيو، جن جي وچ ۾ آئون ويٺو هوس، گاڏيءَ جو هڪ ملازم ۽ هڪ مسافر عورت هڪ ننڍڙي ٻارڙي جي لاءِ جڳهه ڳولهيندا اسان جي بوگيءَ ۾ اچي نڪتا، جيڪا هنن جي ٻانهن ۾ هئي، منهنجي پويان هڪ سيٽ خالي هئي ۽ ان جي اڳيان سيٽ تي ويٺلن به پنهنجي سيٽ انهن جي لاءِ خالي ڪري ڇڏي، عورت ٻارڙيءَ کي سيٽ تي ليٽائي ڇڏيو ۽ مٿس جهڪي وئي، هوءَ ڏاڍي فڪرمند نظر پئي آئي، هڪ مسافر پُڇيس، ”ٻارڙي بيمار ته ڪونهي، جي بيمار آهي ته کيس گهر کان ٻاهر ڇو آندو اٿئي؟“ عورت جي جواب اسان کي حيران ڪري ڇڏيو ته هوءَ اسٽيشن جي ڀرسان هڪ پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي آهي، ڪلاس هلندي اوچتو ٻارڙيءَ جي پيٽ ۾ سُور شروع ٿي ويو، اسڪول جي طبي عملي جي ڪارڪن کي ”اپينڊيڪس“ جو شڪ ٿيو ۽ هن چيو ته کيس هڪدم اسپتال پهچايو وڃي، جيئن ته ٻارڙيءَ جا والدين هڪ ڏوانهين کاڻ ۾ ڪم ڪندا هئا، تنهنڪري ايترو وقت نه هو، جو انهن کي چئي سگهجي ته اچي کيس اسپتال وٺي وڃو، آپريشن جي لاءِ کيس کاڻ جي اسپتال پهچائڻ لاءِ به ڪافي وقت لڳي ها، تنهنڪري ماسترياڻيءَ کيس فوري طور تي سڌو ٽرين ۾ ”شن يانگ“ نيڻ جو فيصلو ڪيو، پليٽ فارم جي عملي کيس اها موڪل ڏني ته هوءَ ڀلي ٽڪيٽ جي قيمت ٽرين ۾ ئي ادا ڪري ۽ کيس اهو به ٻڌاين ته هو ”شن يانگ“ وارن کي چئي ڇڏيندا ته هنن جي سار سنڀال لهن، اهو سڀ ڪجهه ٻُڌي ۽ ڏسي مونکي خيال آيو ته آئون جنهن سماج ۾ شامل ٿيڻ وارو آهيان، اهو منهنجي تصور کان به سُٺو آهي.“

پير علي محمد راشدي 62-1961ع ۾ چين ۾ پاڪستان جو سفير هو ته هن چيني حڪومت جي اجازت سان ”ڦواي“ سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن جو ذڪر هو پنهنجي ڪتاب ”چين جي ڊائري“ ۾ ڪندي لکي ٿو، ”دروازو کلندي چين جو آخرين تاجدار سامهون بيٺل نظر آيو، ترجمان تعارف ڪرائيندي چيو، ”هي مسٽر Pu-Yi آهي.“ مون سان ۽ اسان جي ترجمان سان مصافحو ڪرڻ بعد اسان کي وٺي وڃي ڪونچن تي ويهاريائين، ويهڻ کانپوءِ گفتگو شروع ٿي، ڳالهين ڪندي ٻڌايائين، ”آئون اڄڪلهه پنهنجي سوانح لکي رهيو آهيان، جنهن جو عنوان آهي،”منهنجي زندگيءَ جو پهريون اڌ“، في الحقيقت ڪتاب تيار ٿي چڪو آهي ۽ هينئر ان تي نظرثاني پئي ٿئي، منهنجي زندگيءَ جو اهو حصو سچ پُڇو ته نهايت ئي حقير هيو، اهو عرصو مون عوامي مقصد جي خلاف هلندي بسر ڪيو، فيوڊل ازم، سامراجيت ۽ نوڪر شاهيءَ جي نقش قدم تي هلندي آئون گويا هڪ ڀوت هوس، ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيئرمين مائو مونکي نئين زندگي عطا ڪئي آهي، اصلوڪو ”ڦواي“ مري چڪو آهي، هيءَ نئين زندگي آئون عوام جي خدمت ڪندي پوري ڪندس، ابتدائي دور اندر منهنجي روح تي ”فيوڊل“ خيالات جو قبضو هو، بطور دشمنن جي هڪ هٿ ٺوڪئي بادشاهه جي، مان پنهنجي ملڪي ڀائرن سان بي وفائي ڪري چڪو هيس، منهنجي هٿان ڪڏهن پنهنجي ملڪي ڀائرن جي خدمت ٿي ڪانه سگهي هئي، منهنجي زندگي شرمناڪ هئي، جيڪا استحصال ۾ صرف ٿي، اهو نتيجو هو ان تعليم ۽ پرورش جو، جيڪا مونکي پنهنجي خاندان ذريعي ملي هئي ۽ جنهن پٽاندڙ مون ۾ آرزو هئي ته آئون بادشاهه ٿي رهان، اها آرزو تخت تان لهڻ ۽ رعيتي راڄ قائم ٿيڻ کانپوءِ به بدستور قائم رهي، ان آرزو پوري ڪرڻ خاطر مونکي پنهنجي ماڻهن ۽ عوام جو باغي بڻجي امپريلسٽ ۽ وارلارڊس جي هٿن ۾ کيڏڻون پيو.

”چيئرمين مائو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ذريعي مونکي نئون سبق مليو آهي ۽ آئون ٻيهر ڄائو آهيان، ان سبق جي دوران ئي مونکي پروڙ پئي ته هڪ انسان کي ٻئي انسان جي استحصال نه ڪرڻ گهرجي، هينئر آئون عوام جو هڪ جزو آهيان ۽ پنهنجي گذريل زندگي کي شرمناڪ پيو سمجهان.“

مون موٽائي سندس ڪتاب جو ذڪر ڇيڙيو، مون چيس ته جيڪڏهن اوهين اجازت ڏيو ته اوهان جي ڪتاب جي سلسلي ۾ ڪجهه مشورا عرض ڪريان، ڇو ته اوهان جو ڪتاب سڄي دنيا پڙهندي ۽ آئون ضروري ٿو سمجهان ته ان ۾ ٻاهرين دنيا جي نقطئه نگاهه موجب ڪجهه ڳالهيون شامل هجن، جهڙوڪ: اوهان جو ڪتاب محض هڪ اقبالي مجرم جي ڪٿا يا عدالتي بيان طور دنيا جي اڳيان نه اچڻ گهرجي، ٻاهرين دنيا تي اُن جو خراب اثر پوندو، هر ڪو چوندو ته اوهان مجبوريءَ جي حالت ۾، پاڻ کي ذليل ڪرڻ ۽ ڪميونسٽ حڪمرانن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اوهان ڪتاب ۾ ڪجهه مرچ مصالحا وجهي، کيس دلچسپ بڻايو ۽ پنهنجي خانگي زندگيءَ جا ڪجهه واقعا بيان ڪريو، محلات جي زندگي تي روشني وجهو، پنهنجي دلچسپين ۽ مشغولين جو ذڪر ڪريو (ته) توهان کي ڪهڙا شوق هوندا هئا، ڪڏهن عشق عاشقيءَ جو معاملو به رهيو يا نه، عرض ته ان قسم جون ڳالهيون ڪتاب ۾ اچڻ گهرجن، جيئن اهو ڪتاب هڪ دلچسپ انساني دستاويز بڻجي پئي، ٿي سگهي ته ان کي باتصوير به بڻايو.“

پاڻ کيسي مان نوٽ بوڪ ڪڍي، خيال سان اهي پائنٽ لکندو ويو، گفتگو هلندي سندس هڪ پير ۽ هٿ متحرڪ ٿي رهيو، جيئن نروس Nervous ماڻهن جو حال هوندو آهي ۽ غير شعوري طور تي ڄنگهه يا ٻانهن هلندي رهندي اٿن.

سوا ڪلاڪ گذري چڪو هو، سندس وڌيڪ وقت وٺڻ نامناسب سمجهي آءٌ اٿيس، پر اُٿڻ کان اڳ سندس تصوير ڪڍڻ جي اجازت ورتم، جيڪا خوشيءَ سان ڏنائين ۽ پاڻ ڪپڙا سڌا ڪري پوز ڪرڻ لڳو، مون ٻه ٽي ايڪسپوير ڪڍي ورتا، ان کانپوءِ اسان کي ٻاهر موٽر تائين وٺي آيا، اوستائين بيٺو سلام ڪندو رهيو، جيستائين اسان جي موٽر احاطي کان ٻاهر نڪري ويئي.“

ڦواي جو اهو ڪتاب، چين ۾ سرڪاري سطح تي ڇاپيو ويو ۽ چين جي غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر، اُن جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ڪرائي، چين مان ئي شايع ڪرايو، سڄو ڪتاب ايترو ته دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي، جو هڪئي ساهيءَ ۾ پڙهڻ تي دل ٿي چوي. ڪتاب جو اسلوب به نهايت سادو پر دل کي ڇُهندڙ آهي.

ڦواي (Pu-Yi) 1967ع ۾ ڪئنسر وگهي وفات ڪئي.

چين جي هن آخري شهنشاهه جي زندگيءَ تي مشهور ڊائريڪٽر ”برنارڊو برٽولسيءَ“ The Last Emperor جي نالي سان فلم به ٺاهي، جيڪا ممڪن آهي ته گهڻن ڏٺي به هجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو