Home / ڪور افيئر / ڇا الطاف حسين جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي ؟
above article banner

ڇا الطاف حسين جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي ؟

سرواڻ سنڌي

 مهاجر قومي موومينٽ جنهن ڏينهن کان متحده قومي موومينٽ بڻي ته انهي ڏينهن کان ڪيترن جي ئي ذهن ۾ اهي سوال اٿندا رهيا ته ڇا نالي جي تبديلي سان رويا تبديل ٿي ويندا ۽ ڇا جنهن عمارت جو بنياد ئي لساني بنيادن تي هجي اها بدروحن کان پاڪ ٿي ويندي ۽ انهن خدشن سان گڏ اهي سڀ شيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي رهيون ۽ متحده بڻيل پارٽي پنهنجون پاڙون ڏاڍ مڙسي سان عوام کان ويندي ادارن تائين مضبوط ڪرڻ شروع ڪيون ۽ متحده جي مختلف وزيرن پنهنجي وزارتن ۾ مبينه طور ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڪيسن ۾ گهربل ماڻهن کي به ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن حڪومت ۾ هجون يا نه هجون پر حڪومت جا سمورا راز سولائي سان ملندا رهن.

متحده قومي موومينٽ جنهن کي انهي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري ۾ پٺڀرائي مختلف حوالن سان ۽ مختلف نمونن سان پيپلزپارٽي ئي ڏني آهي ۽ 21 هين ترميم کانپوءِ جيڪو دهشتگردن، ڀتاخورن ۽ ٽارگيٽ ڪلرن کي سهولت فراهم ڪندو ان کي به اها ئي سزا ملندي جيڪا ڏوهاري کي ملندي ان لاءِ پيپلزپارٽي کي به ان وڪڙ ۾ اچڻو آهي ڇو ته جيڪي ڏوهه متحده قومي مومينٽ ڪيا آهن ان لاءِ ٻئي پارٽيون بري ۽ ڀلي جون گڏيل ذميوار آهن ۽ ٻنهي جو هڪٻئي سان ساٿ رهيو آهي. ان لاءِ جيڪڏهن متحده قومي موومينٽ ڪو غلط ڪم ڪيو آهي ته پوءِ ان جي سزا ان جي پٺڀرائي ڪندڙن کي به ملڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ان اصول تي عملدرآمد ڪيو ويو ته پوءِ ان سزا کان اهي قومپرست به ڪونه بچندا جيڪي ايڏين وڏين ثابتين کانپوءِ به ڇاتي تي هٿ هڻي چئي رهيا آهن ته اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن سان ظلم ٿيڻ نه ڏينداسين. هاڻي ڪو انهن کان پڇي ته توهان جا جيڪي ماڻهو يا ڪارڪن زنده ساڙيا ويا انهن لاءِ اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن ڪيتريون ريليون ڪڍيون ۽ ڪيترا بيان جاري ڪيا ۽ انهن مان ڪيترن ۽ ڪهڙن تڏي تي پهچي مغفرت لاءِ هٿ مٿي کنيا. يقينن قومپرستن وٽ ان جو ڪو به جواب نه آهي باقي ڳالهه سمجهه کان مٿانهين آهي ته اسان جا اهي قومپرست انهن اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن مان ڪهڙي چڱائي جي اميد رکيو ويٺا آهن جيڪا هي اڳتي هلي پوري ڪندا.

march B 25 15

ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته متحده جي هيڊڪوارٽر تي ڇاپو متحده جي مک ماڻهن طرفان مهيا ڪيل معلومات تي ئي هنيو ويو، ان ڳالهه ۾ وزن آهي ڇو ته سڀني کي خبر آهي ته متحده ۾ هن وقت ڪيترائي ڌڙا موجود آهن جيڪي قائد جي برقعو مٽائڻ کانپوءِ پارٽي جي سربراهي ڪرڻ لاءِ آتا آهن ۽ اهي گروپ هاڻي قائد جي به ڳالهه هڪ ڪن مان ٻڌي ٻي مان ڪڍي رهيا آهن، جنهن جي ڪري الطاف حسين ذهني اذيت ۾ ورتل آهي ڇو ته هڪ ته هو هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي.

نائن زيرو تي آپريشن کانپوءِ پارٽي ۾ واضح طور تي ڌڙا بندي پيدا ٿي وئي آهي، پر في الحال اهڙو ڪو به شخص نه آهي جنهن تي سڀئي ڌڙا متفق هجن ته اهو مستقبل جو قائد هوندو ۽ ان جي لاءِ ئي اڃا تائين پارٽي تي مڪمل طور تي ٽيڪ اوور ڪرڻ جو وقت ناهي اچي سگهيو، جڏهن ته اهي به اطلاع آهن ته عامر خان ڳجهن ادارن جي چوڻ تي ئي متحده ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پنهنجو مليل ٽاسڪ خير خوبي سان انجام تي پهچايو آهي ۽ متحده کي ان جاءِ تي اچي بيهاريو آهي جتي هو مهاجر قومي موومينٽ جي نالي سان بيٺل هئي.

۽ هڪ ٻي ڳالهه پڻ آهي جنهن جو جواب اڃا تائين نه ملي سگهيو آهي سا اها آهي ته ايم ڪيو ايم پاڻ کي طالبان جي سڀ کان وڏي مخالف سيڪيولر پارٽي چورائي ٿي ۽ کٽيو به ان نعري جو کائي ٿي پر سندس مخالف ڌر ( طالبان) پاران ان نموني مٿس ڪاهه ڪڏهن ناهي ٿي جهڙي طرح پنهنجي ٻين مخالفن تي ڪري انهن جو خاتمو ڪيو ويو آهي ۽ چوڌري اسلم کان ويندي پشاور اسڪول حملي سميت هڪ وڏي لسٽ آهي پر اهي ساڳيا طالبان 90 طرف اک کڻي به نٿا ڏسن، جيتوڻيڪ اهي ڪراچي ۾ مڪمل طور تي سرگرم آهن ۽ چوڌري اسلم کي به ڪراچي ۾ ئي قتل ڪيو ويو، ايئرپورٽ، مهراڻ بيس تي به ڪراچي ۾ ئي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ متحده جو پنهنجو چوڻ آهي ته ڪراچي وانا بڻجي وئي آهي پر ايم ڪيم ايم جي خلاف هڪ ڪارروائي به ناهي ٿي جنهن کي حقيقي ڪارروائي چئجي جنهن مان لڳي ٿو ته ايم ڪيو ايم يا ته طالبان کان سوا سير آهي يا اندروني طور پاڻ ۾ مليل آهن ۽ بيانن جي حد تائين جي مخالفت آهي.

ان سڄي صورتحال کانپوءِ پارٽي جو قائد جا آخري ڏينهن ڳڻجڻ شروع ٿي ويا آهن، ڇو ته ذهني اذيت ۽ هلڻ ڦرڻ کان لاچار هجڻ جي ڪري پارٽي به کيس هاڻي اها اهميت ڏيڻ بند ڪري ڇڏي آهي ۽ پارٽي جهڙي نموني سان هلي ٿي اها ان جي ذميوارن کي چڱي ريت خبر آهي. طارق عظيم جي قتل کان ويندي مختلف ڪارڪنن جي قتل ۽ دهشت وسيلي ڌاڪو ڄمائڻ جا گر هاڻي سڀني ننڍن وڏن کي اچن ٿا ان جي لاءِ ڪنهن معذور شخص جي ڳالهين ٻڌڻ ۽ حڪمن جي تعميل ڪرڻ ڪنهن جي لاءِ به ضروري ناهي رهيو، ان لاءِ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن يا ته ڪو متفقه اڳواڻ سامهون ايندو يا وري حقيقي وانگر ٻه ٽي ڌڙا پيدا ٿيندا ۽ پنهنجي حڪمراني لاءِ لياري گينگ وار طور ڪراچي جي مختلف گهٽين ۾ ويڙهه شروع ٿي ويندي پر قبلو سڀني جو هڪ هوندو ۽ سال جي ڪنهن نه ڪنهن مهيني جي ڪنهن نه ڪنهن تاريخ تي سڀئي ڌڙا گڏ ٿي قائد جي چوڪن تي لڳل تصويرن کي گلن جا هارا پارائيندا ۽ خراج تحسين پيش ڪندا.

sarwansindhi02@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو