Home / سنڌ افيئر / ڊي ايڇ اَي سٽي ۽ بحريه ٽائون ڪراچيءَ جي زراعت، آثارِ قديمه ۽ ماحوليات جي تباھيءَ جون رٿائون
above article banner

ڊي ايڇ اَي سٽي ۽ بحريه ٽائون ڪراچيءَ جي زراعت، آثارِ قديمه ۽ ماحوليات جي تباھيءَ جون رٿائون

نصير اعجاز

سنڌ سان ٿيندڙ ھاڃن تي ھر سنڌيءَ جي من ۾ مچ ٻرندا رھن ٿا، پر الائي ڇو اڃا تائين ان ٻرندڙ جبل جو لاوو نٿو ڦاٽي نڪري ـ تازو جڏھن ڪراچي انڊيجينس رائيٽس الائنس جي جھنڊي ھيٺ سليم بلوچ، ايم اين اي عبدلحڪيم بلوچ، ايم پي اي حاجي شفيع محمد ڄاموٽ، يوسف مستي خان ۽ ٻين عھديدارن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڊِي ايڇ اَي سٽي ۽ بحريه ٽائون رٿائن جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪري سخت احتجاج جو اعلان ڪيو ۽ ھڪ اڌ ڏينھن کانپوءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي صدر سيد جلال محمود شاھه ۽ سينئر نائب صدر سيد غلام شاھه به انھن رٿائن خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ته مون کي لڳو ته سنڌين جي اندر ۾ بيچينيءَ جي دُکيل دُونھين شايد ھاڻي باھه جي ڀڀڙن ۾ بدلجندي پر مونکي ھاڻي محسوس ٿئي ٿو ته اسان انھن ماڻھن منجھان آھيون جن جا ڀلي گھر گھاٽ لُٽجي وڃن پر پنھنجي آرام ۽ نفاست سان ھلڻ وارو انداز نه مٽائيندا آھن ـ ٻنھي رٿائن تي تيزيءَ سان ڪم جاري آھي ۽ نه حڪومت انھن احتجاجي بيانن جو نوٽيس ورتو آھي ۽ نه ئي وري سنڌ جي عوام احتجاج جو عملي مظاھرو ڪيو آھي ـ

ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ سفر ڪندڙن کي لازمي طور اھي رٿائون نظر اينديون ھونديون جيڪي شايد ڏينھن رات جي لاڳيتي ڪم ھلڻ سبب تيزيءَ سان اُڀري آيون آھن ـ بحريه ٽائون ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندي 35 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سپر ھاءِ وي جي اولھه ۾ ۽ ڊي ايڇ اَي سٽي 56 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اوڀر ۾ آھي ـ ڊي ايڇ اَي سٽي رٿا ڪجھه سال اڳ شروع ڪئي وئي ھئي جنھن لاءِ ساڍا پنج ھزار رُپيا پروسيسنگ في ڀري ھزارين سويلين ماڻھن به پلاٽ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون ھيون پر ڪمپيوٽرائزڊ پُکن ۾ رڳو رٽائرڊ ۽ حاضر دفاعي اداري سان لاڳاپيل ماڻهن فوجين جا نالا نڪتا ھئا ـ ايئن ڊي ايڇ اَي وارن ڪروڙين رُپيا پلاٽ ڏيڻ بنا به ڪمائي ورتا ھئا ـ ھنن جلد ئي سائيٽ تي ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين ذريعي ترقياتي ڪم به شروع ڪرائي ڇڏيا ۽ اڄ اُتي رستن جو ڄار وڇائڻ سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي اڏاوتون مڪمل ٿي ويون آھن ـ ڊي ايڇ اَي سٽيءَ جو پھريون فيز ئي 11640 ايڪڙن تي پکڙيل آھي جنھن تي رھائشي، ڪمرشل ۽ گھڻ ماڙ عمارتن واريون رٿائون شروع ڪيون وينديون ـ

march A 15-2015  36

بحريه ٽائون ته ڊي ايڇ اَي سٽيءَ کان ذري گھٽ پنجوڻ تي وڏو آھي جنھن جو ڪم ته ان کان گھڻو پوءِ شروع ٿيو پر ڪم جي رفتار پھرين پروجيڪٽ کان وڌيڪ اٿس ـ ان رٿا ۾ پلاٽ وٺڻ لاءِ به پروسيسنگ في پنج ھزار رُپيا ھئي پر بلڊر مافيا بحريه ٽائون جي پبلسٽي ڪري ان پرچيءَ جو اگھه ھڪ لک تائين وڌائي ڇڏيو ھو ۽ ماڻھو پلاٽ ملڻ کان اڳ وڏي اگھه تي پرچيون وڪڻي ناڻو ڪمائڻ لڳا ـ ڪراچي انڊيجينس رائيٽس الائنس جي اڳواڻن موجب بحريه ٽائون جو پھريون فيز ئي 45000 ايڪڙن تي تعمير ڪيو پيو وڃي ـ “سنڌ حڪومت ھڪ نوٽيفڪيشن نمبر PS/SMBR/BOR/KAR/430 dated 26 December 2013 ذريعي 43 ديھن جي ست لک ايڪڙ زمين ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ کي منتقل ڪئي ھئي جنھن کانپوءِ ملير اٿارٽيءَ اھا زمين بحريه ٽائون کي الاٽ ڪرڻ شروع ڪئي جڏھن ته سپريم ڪورٽ 28 نومبر 2011 تي ھڪ حڪم ذريعي ڪنھن به خانگي ڪمپنيءَ کي زمين الاٽ ڪرڻ تي بندش وجھي ڇڏي ھئي،” سليم بلوچ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ھو ـ

“بحريه ٽائون کي زمين الاٽ ڪرڻ سان وڏي تعداد ۾ ڳوٺ متاثر ٿيا آھن ۽ ڳوٺاڻن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي آھي جڏھن ته برساتي نديون نالا به بند ڪري اتي اڏاوتون ڪرڻ سان ڪراچيءَ جي ٻھراڙين جي زراعت تباھه ٿي رھي آھي،” ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ ۽ ايم پي اي شفيع ڄاموٽ ٻڌايو ـ

“جڏھن مينھن وسندو آھي ته برساتي نديون نالا وھي ايندا آھن ۽ زيرِزمين پاڻيءَ جي سطح مٿي چڙھندي آھي ۽ کوھن مان ٽيوب ويل ذريعي ٿيندڙ پوکيءَ لاءِ جام پاڻي ملندو آھي پر ھاڻي برساتي نديون نالا بند ٿيڻ ۽ ندين مان ريتي بجري کوٽڻ سان مينھن جو پاڻي زمين اندر جذب ٿيندو ئي ڪونه ۽ نتيجي ۾ کوھن اندر پاڻي گھٽجي ويندو ۽ سخت ڏُڪار منھن ڪڍندو،” حڪيم بلوچ چيو جيڪو پاڻ به زميندار آھي ـ

حڪيم بلوچ ٻڌايو ته بحريه ٽائون لاءِ، جنھن جو مالڪ آصف زرداريءَ جو بزنيس پارٽنر رياض ملڪ آھي، ڳوٺاڻن کي به داٻن ۽ لالچن ذريعي زمينون خالي ڪرايون پيون وڃن ۽ ڪجھه ڳوٺاڻن کي زمين وڪرو نه ڪرڻ تان گرفتار به ڪرايو ويو آھي ـ “يقين ڪريو ته ھاءِ وي تي بحريه ٽائون جي جيڪا وڏي مسجد تعمير ڪئي وئي آھي، اھا زمين به ھڪ ڳوٺاڻي جي آھي، جنھن کي اڄ تائين زمين جي قيمت به ادا نه ڪئي وئي آھي،” ھن چيو ـ

زمينن تي قبضا ڪندڙ مافيائن جو اھو ئي طريقو رھيو آھي ته پھريائين مسجد اڏيو ته جيئن قبضي کي پڪو ڪري سگھجي، سو رياض ملڪ به ايئن ئي ڪيو آھي ـ ھن اربين رپيا ڪمائڻ لاءِ سنڌ جي غدارن سان ملي نه رُڳو ڳوٺن ۽ زرعي زمينن کي تباھه ڪيو آھي پر ڳوٺاڻن جي قبرستانن، قديم آثارن کي به ميساري برباد ڪيو آھي جن ۾ ٻُڌ مت جي زماني جا آثار به آھن ـ

ڊي ايڇ اَي سٽي ۽ بحريه ٽائون وارا ٻه جديد شھر اڏڻ جي دعوى ته ڪن ٿا پر ان سان سنڌ کي جيڪو نقصان ٿيندو تنھن جي کين ڪابه پرواھه ڪانھي ـ ٻين صوبن مان وڏيون لوڌون انھن شھرن ۾ آباد ٿي سنڌين جي آباديءَ کي اقليت ۾ ته بدلائينديون پر وڏي ماحولياتي تباھي به ايندي ـ اربين رُپين جي لالچ ۾ انھن ڪمپنين رٿائون شروع ڪرڻ کان اڳ ماحولياتي اثرن بابت اڀياس Environmental Impact Assessment به ڪونه ڪيو ۽ نه ئي سنڌ جي ماحولياتي اداري يا ڪنھن بين الاقوامي اداري انھن رٿائن تي اعتراض اُٿاريو ـ شايد انھن ادارن جي ڪامورن کي به ايئن ئي ماٺ ڪرايو ويو آھي جيئن ايم ڪيو ايم جي ڪرتا ڌرتا الطاف حسين کي سندس نالي ۾ يونيورسٽي ٺاھڻ جي بھاني مبنيه طور ھڪ سئو ڪروڙ رُپين ۽ پنجاھه ايڪڙ زمين ڏئي خاموش ڪرايو ويو ـ

ٻي اھم ڳالھه ته بحريه ٽائون جو ڪافي حصو نيشنل کيرٿر پارڪ جي زمين تي پکڙيل چيو وڃي ٿو ـ ان جو مطلب ته بين الاقوامي طور تحفظ ھيٺ آيل ان قدرتي پارڪ جي قانون کي به پائمال ڪيو ويو آھي ۽ عالمي ادارا يا ته ان ڳالھه کان بي خبر آھن يا ھاڻ انھن به ھتان جي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ بند ڪري ڇڏي آھي ـ ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سنڌ جا ساڃاھه وند ماڻھو، سول سوسائٽي ۽ ٻيون تنظيمون ترقيءَ جي نالي ۾ ان تباھيءَ خلاف آواز اُٿارين ۽ عالمي ادارن کي آگاھه ڪن ـ ننڍين ننڍين ڳالھين تي ھڪٻئي جي ڄُنڊا پٽ ڪرڻ وارا سنڌي دانشور ۽ ليڊر به اک پٽين ۽ ھڪٻئي جي ڄُنڊن مان ھٿ ڪڍي سڄي سنڌ ۾ منظم نموني انھن رٿائن خلاف مھم ھلائين، پر اھا سچائيءَ سان ھجڻ گھرجي، نه ڪي رياض ملڪ کان ڀتو وٺي عياشيون ڪري سنڌين سان ويساھه گھاتيون ڪري ماٺ ڪري ويھڻ لاءِ ـ اھڙي احتجاجي مھم ته ان وقت ھلائڻ کپندي ھئي جڏھن ٻنھي رٿائن جي ابتدا ٿي ھئي ڇو ته ھاڻي ڳالھه گھڻو اڳتي وڌي چڪي آھي، پر اڃا به وقت ويو ڪونھي ـ سنڌي پاڻ ۾ متحد ٿي جدوجھد ھلائين ته گھڻو ڪجھه ڪري سگھجي ٿو ـ ڪراچي انڊيجينس رائيٽس الائنس جي اڳواڻن ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي وارن کي به گھرجي ته ھو پنھنجي ڪيل اعلانن تي عمل ڪن ۽ مظاھرن، بک ھڙتالن، ڌرڻن ۽ ريلين جي شروعات ڪري ڇڏين ـ

(خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيل)

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو