Home / اسپيشل افيئر / ڪراچيءَ ڏانهن ڌُوڪيندڙ ميرو رُومال
above article banner

ڪراچيءَ ڏانهن ڌُوڪيندڙ ميرو رُومال

ارشاد ميمڻ

آفتون جڳ جهان ۾ اينديون رهيون آهن. زلزلا، ٻوڏ، سوڪهڙو. انسانن جا اَٽالا وقتي طور جڳهه مٽائي، ٻيهر پنهنجي ماڳن تي پهچي، زندگيءَ جي نئين سِر اڏاوت ۾ لڳي ويندا آهن. جپان، چين، يورپ، آمريڪا-مِثالَ اسان آڏو. ننڍو کنڊ هجي يا آفريقا اتي اوهان کي لڏپلاڻ بعد واپسي جو رجحان گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو. هڪ صدي اڳ وسنديون بدلائڻ جي روش عام جام هئي. پاڻ پارن پرڳڻن ۾ سَا لنجهڻ ايئن جو ايئن آهي. پوئين اٺ ورهين منجهه برسات ۽ ٻوڏ جي راڱن ڪارڻي ڏکڻ پنجاب ۽ اُتر سنڌ تباهيءَ جو مهانڊو پَسيو. زرعي معاشري جا اڪثر ڪري غير هنرمند ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو عيال وٺي لکن جي انگ ۾ ڪراچي پهتا ۽ موٽڻ جي نه ڪيائون. سول سوسائٽي جي غريب پروري ايڪانامي ۾ اک وجهيو ويٺي رهي. سنڌي ۽ سرائڪي لوڌ کي قوم پرستن سَندي طاقت ڄاتو. شهري واگهه ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري مان واندڪائي ڪو نه ڀائين. پيپلز پارٽي جي ڏوڪڙ بُوءِ. اندازي موجب ٻَه ملين اها آبادي رَسي ته ڏهاڪو لک پٺاڻ پڻ پُهتو. دنياجي ستين نمبر وڏي اربن مرڪز جي ڊيموگرافي ۾ تنهن طرح جي يڪسر تبديلي ڪيترن هاڃن کي جنم ڏيندي، وقت ٻُڌائيندو.

بلوچستان جي اُڀرندي ڀاڱي، سنڌ جي مٿاهن ضلعن ۽ پنجاب جي سرائڪي پٽي ۾ غربت، جهالت ۽ ڏوهه جو راڄ آهي. اتان ڪراچي پهچندڙ ڪٽڪ اهڙيون سوکڙيون ساڻ کڻي شهر جي ڪناري نوان رهائشي هنڌ جوڙي چُڪا آهن. گهڻو تڻو قبضي جي زمينن ۽ اڳ تعمير ٿيل پروجيڪٽس ۾. سرڪاري فليٽس منجهه به. پٺاڻ وَجهه جو فائدو وٺندي پهريائين کان آباد ڍُونڍ ڀريل پاڙن ۾ سَندي گهاٽائي وڌائڻ ۾ رُڌل آهي. پنجابي، ڪشميري جي ڳاڻيٽي جي ڪا حد ناهي. باقي شهر ۾ ٻوليءَ جي بنيادن تي رهواسين جي ورڇ پڌري پٽ آهي. ڪُنڊ ڪڙڇ، گِهٽي محلي ۾ اوپرا چَهرا، ڪرائيم جي وڌندڙ گِراف جي موجودگي ۾ خوف ۽ پراسراريت ۾ اضافي جو مکيه ڪارڻ آهن. غريب پروري جو طرف وٺندڙ ڄاڻيندا هوندا ته سِٽي ۾ هاڻ روزگار جا ڪيترا موقعا وڃي بچيا آهن. ٻه اڍائي سؤ روپين جي بچت ڪندڙ ليبر واسطي ايترن ڏوڪڙن جي ڪمائي هُن جي اباڻي جُوءِ ۾ ناممڪن ڪونهي. ڏيهاڙي سوين ڪُڙم جيڪي هيڏانهن ٽپڙ کڻي رهيا آهن تن وٽ مستقبل جي ڪا چِٽي رٿابندي ته ٺهيو، هنن جي کيسي ۾ ايندڙ وَيلي جي ماني کائڻ جا پئسا ئي شايد هُجن. سندن ان طرح جي اڍنگي آمد تي اعتراض واربو ته گهڻن جا ڪَنَ کڙا ٿي ويندا. صوبائي سرڪار جي ننڍڙي ٽڪنڊي ۾ طاقت جا ڪيئي ٻيٽ آهن. هڪڙا فيصلا سي ايم هائوس، ٻيا بلاول هائوس، ٽِيان گورنر هائوس ۽ چوٿان ڪنهن ٻئي هائوس ۾ ٿي رهيا آهن. فيصلا جي اڪثر ڪري نوٽن جي ڏي وٺ جي چوڌاري گُهمن. سنڌ گورنميٽ کان مٿئين معاملي تي سنجيده ٿيڻ جي توقع ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر چئجي.

ڪراچي ۾ آمدني جي وسيلن ۾ سَوس. ٻاهرين ماڻهن جي اچرج ڏياريندڙ تعداد ۾ داخلا. نئين ايندڙ مخلوق ۾ تعليم ۽ هنرمنديءَ جي کوٽ. انفرااسٽرڪچر جي اڻهوند. ڪرپٽ سرڪاري مشينري. امن امان قائم رکڻ خاطر ڪم ڪندڙ ادارن جو لوڀ. اڳواٽ موجود ڏوهاري ٽولا ۽ اڻکٽ هٿيار. تنهن کانسواءِ ڪيئي ٻيا شِشدر ڪندڙ پهلو هن شهر کي ڌرتيءَ جي گولي تي وسندڙ شروعاتي خطرناڪ ۽ ڀوائتي اربن مرڪزن ۾ شمار ڪرائي رهيا آهن. سچ اهو ته فقط سماجيات جا ماهر ئي ان ڌُٻڻ کان ٻاهر نڪرڻ جي واٽ ٻڌائي سگهن ٿا. اهي سوشل سائنسدان نه جيڪي حياتيءَ جي سهنجاين بدلي اجنبي ڌُرين جي مطلب سان سلهاڙيل ايجنڊا هيٺ ڪم ڪندڙ آهن.
march B 46 15

وڏي ويچار بعد راوي ان نتيجي تي پهتو آهي ته ڪراچيءَ ڏانهن جسماني پورهيو ڪندڙ ۽ هيٺيئن وچولي طبقي جو اڄوڪي سئمه رُخ صرف معاشي سببن ڪري نه آهي. ۽ نه وري ٻهراڙين ۾ جاري بدامني جي لهر ڪارڻي هُو لڏپلاڻ تي ‘مجبور’ ٿي رهيا آهن. وڏيرڪي ڏاڍ مڙسي کي ڳڻائڻ پڻ کِلَ هاب عنصر ڪوٺجي. خانداني ڀڃ ڊاهه ۽ ڪٽنب جي جوڙجڪ ۾ بگاڙ هرحال ۾ ايڏي اٿل نه چئجي جنهن جي ڪري خانه بدوشي جو مرض پئدا ٿئي. سول سوسائٽي جي غريب پروري کي آڏو ويهاري، ساڻس ڳالهائڻو پوندو. ڪراچيءَ جي رهواسين ۽ خاص طور شهر جي ڪناري آباد ٿيندڙ نئين آيل مخلوق منجهه في فرد آمدنيءَ جي سطح لاڙڪاڻي ۽ سکر کان ڪنهن ريت به وڌيڪ نه آهي. هڙتالن ۽ هنگامن سبب اُن کي اڃا به هيٺ هئڻ کپي. هتي رهائش اختيار ڪندڙ ڄاڻين ٿا ته هوُ ميهڙ ۽ موري کان سَرس محفوظ نه آهن. حيرانگي جي ڀَڪَ وٺي ويندڙ ڏوهن جو مقدار سِٽي کي رحيم يار خان ۽ نواب شاهه جي ڀيٽ ۾ گهڻو وَڌ خوفائتو ڪري چُڪو آهي. وچ وارن علائقن منجهه توڻي پرانهون ٺهيل ڪالونيون، بُليٽري سرڪار جي پاڇي ۾ ساهه کڻندڙ لوڪ آهن. شهري واگهه چوٽ چڙهيل آهن ته گهٽ ڳوٺاڻن ايرياز مان آيل شودا به نه سڏجن. فِيوڊَل جبر کان ڀاڄ کائيندڙ هِت ڪيترو آجا آهن، پاڻ سُڻائيندا. نيون وسنديون بجلي، صاف پاڻي، پڪا روڊ، گيس، ڊرينيج ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ماڻي رهيون هجن-ايئن صفا ڪونهي. ٻارن جي تعليم جا موقعا ايترا به نه آهن جيترا اوهان جي آسپاس ٺيڙهي ۽ شهدادڪوٽ ۾ مُيسر هجن ٿا. ساڳي ڳالهه سرائڪي لاڏائن ۽ پڻ اوڀر بلوچستان کان ڌُوڪيندڙن لاءِ چئي سگهجي ٿي.

ڪراچي پهچي، اونڌي سُونڌي طريقي سان ٿانيڪا ٿيندڙن جي پروگرام ۾ پنهنجي اولاد کي معياري ادارن ۾ پڙهائڻ به هروڀرو شامل ناهي هوندو. ته پوءِ هُو هِنَ ميگا سٽي ڏانهن مُنهن ڇا لاءِ ڪري رهيا آهن؟-سوال آهي جنهن جو جواب اَوسَ ڳولهڻ گهرجي. مرحلو پڻ جت معاشيات جا ڄاڻو بنيادي غلطي ڪن ٿا. اهي فقط رُورل ايڪانامي کي ڌيان جو محور ٺاهي اتي جنم وٺندڙ ارواحن کي شهري مرڪزن پاسي ايندڙ اُڇل جو تجزيو ڪري ٿڪجيو پون. اربن علائقن ۾ ڪشش جا رنگ پاڻ نهارين بنهه ڪو نه. ڪراچي جي معاملي ۾ اوڏانهن اُتساهيندڙ قوت سماجي قدر گهٽ ۽ هر طرح سان ستابي ٿيڻ جي تمنا وڌيڪ آهي. شهري ماحول ۾ گهر ڪري ويل انارڪي اوهان واسطي ڪو به ڪردار ادا ڪرڻ جون آسانيون آڇيندڙ سگهه سڏجي. منفي انداز ۾ سَهِي. ڳوٺاڻي حيات ۾ اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار جواني هتي اچي ڇا ڪندي- سمجهه ۾ ايندڙ مامرو آهي. پٺاڻن جي ڳالهه ٻي آهي. سندن ايجنڊا کي پروڙڻ خاطر وڏي مٿي ڪُٽَ کپي. اردو ڳالهائيندڙ جنهن مونجهاري ۾ آهن تنهن جو حل هُو پرڏيهه اُسهڻ ۾ ڄاڻين. پنجابي حرفت هلايو اچن. لياري وارا پاڻ ۾ وڙهي ڍانگا ٿي چُڪا. ڪڇي، ڪاٺياواڙي وائڙائپ ورتل آهن. اڻ پڙهيل ۽ ڪرائيم جي طريقن کان واقف سرائڪي ۽ اُتر سنڌ واسي جو لشڪر جي صورت ۾ هتي پيا رَسن سَي ڪهڙا ٻُوٽا ٻاريندا؟ مضبوط ڏونئرن سميت. ميرو رُومال ڪُلهي پايو.

ٻيهر ٿو لکجي. ٽي ڏهاڪا لنگهيا آهن. ڪراچي روشنين جو شهر نه رهيو آهي. بُکيي نفس جي سَيوا ڪندڙ به نه. طبعي لحاظ کان منجهس رومانٽڪ ٿورڙيون شيون وڃي بچيون آهن. مُعاش سوڙهه جو شڪار، جُدا. جياپو سِرُ تريءَ تي رکي گهارڻ جو نانءُ. ڪنهن نه ڪنهن جي آنڪي ڀري ٽائيم پاس ڪرڻو پوي. صبح سوير روزگار پويان نڪرندڙ ڪين ڄاڻين ته شامڙيءَ گهر واپس موٽي سگهندا الائي نه. سراسري طور ڏيهاڙي پنج کان ڏهه نه معلوم انسان، اڻ سُڃاتل قاتلن هٿان مارجيو وڃن. وارداتون جن پٺيان ڦُرمار اڪيلو مقصد ڪوٺجي. اڻ ڳڻي ايف آءِ آر آهي جنهن ۾ جانچ منطقي انجام تي ناهي رَسي. پوءِ به ماڻهو گاڏيون ڀري هتي آباد ٿيڻ پهچي رهيا آهن. لکن جي انگ ۾. تهذيب جي بنيادي اصولن کان اڻواقف، ڪَوَرا ڄَٽَ، غير هنرمند ۽ ڪِرمنل پس منظر رکندڙ ماڻهو. آئيندي جي پلاننگ بِنا. اهڙي لقاءَ کي ڪيئن روڪي سگهبو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو