Home / ڪور افيئر / ڪراچيءَ کي “آزاد” ڪرائڻ جي شروعات!
above article banner

ڪراچيءَ کي “آزاد” ڪرائڻ جي شروعات!

مظهر

 ڪنهن سوچيو هو ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ اندر ٽيهن ورهين کان قائم شهري مملڪتِ نائين زيرو جو ايئن اوچتو ڌڙن تختو ٿيڻ شروع ٿي ويندو. تجزئي نگار ان راءِ جا آهن ته جيڪي ڪجهه ٿيو آهي سو سڀ“ٿي سگهڻ جهڙو” ته هو پر جنهن تيزيءَ سان اهو ٿيڻ شروع ٿيو آهي سو سندن ڪيل ليکي واري ٽائيم ٽيبل کان سال ٻه اڳ شروع ٿيو آهي.

پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اهو سوال ئي غلط آهي ته جيڪي ٿي رهيو آهي سو پاڻمرادو، قدرتي ۽ فطرتي طرح ٿي رهيو آهي يا اهو هٿ وٺي ڪيو پيو وڃي. درست سوال اهو ٿيندو ته هيڪي گهٽ – وقتي نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيل محض tactics جي تبديلي آهي يا پلان اندر ڪو نائنٽي ڊگريءَ جوڦيرو اچي ويو آهي؟

جيئن متحده موومينٽ هر دور ۾ ڪندي آئي آهي، هن ڀيري به اهو روڄ راڙو ڪري رهي آهي ته ان کي نشانو بنايو پيو وڃي. گهٽ ۾ گهٽ اهو نظر ڪونه ٿو اچي ته ان کي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي. البته اها ڳالهه ظاهر ٿي رهي آهي ته متحده تان ان ڌر هٿ کڻي ورتو آهي جنهن جي آشيرواد سان اها ڪراچيءَ ۾ مارڻو ڍڳو بڻيل هئي. ان ڌر کي جڏهن پي ٽي آءِ جي شڪل ۾ ڏاڏي پوٽيءَ مان پٽ ڄائو آهي ته ان پنهنجي پيار سان پاليل، نهايت لاڏلي، پر چئي مان نڪري ويل پر – ٻاهري ڌيءُ نواز ليگ تان هٿ کنيو. ان اها پوري ڪوشش ڪئي ته جلد کان جلد نواز ليگ قاف ليگ جهڙي ٽانگا پارٽي بڻجي وڃي پر سياسي طرح ورهائجي وڃڻ جي باوجود پنجاب ۾ نواز ليگ اڃاتائين ته وڏي پارٽي آهي. شايد ڪجهه وڌيڪ انجنيئرنگ وسيلي 2018 وارين چونڊن تائين اها سائيز ۾ گهربل حد تائين سُسي وڃي قاف ليگ جيتري بيهي. تيسين ٻيا گهربل ڪم به انهن ٽن ورهين ۾ ڪرڻ ضروري آهن جن مان هڪ آهي پي ٽي آءِ جي ڪراچي”فتح“ ڪرڻ لاءِ ماحول تيار ڪرڻ.

march B 20 15

جيڪڏهن ڏسجي ته نواز ليگ جي ڀيٽ ۾ متحده کي سوڙهو ڪرڻ ان ڪري به وڌيڪ آسان آهي جو اها ”قانون کي گهربل” پارٽي آهي. متحده جا ڪيل غلط ڪم ڌر ڌڻين جو ڪم آسان ڪري رهيا آهن. هڪ پاسي متحده تي ڏنڊو کنيو ويو آهي ته ٻڌل چور مٿان شينهن بڻجي پي ٽي آءِ ڪراچيءَ کي “آزاد” ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اها فتح پي ٽي آءِ جي کاتي ۾ لکرائي 2018 جي چونڊن ۾ ان کي “فاتح ِڪراچي” طور به ميدان ۾ آندو ويندو. جيڪڏهن بالي ووڊ مان بيڪ گرائونڊ کڻجي ته اهو ڪجهه هيئن هوندو: انهن چونڊن وقت نواز شريف تقريرن ۾ چوندو ته “ميري پاس گهر، بنگلا اور گاڙي هي، تمهاري پاس ڪيا هي؟”… يعني “مون پيٽرول سستا ڪيا ۽ ميٽرو بسون هلرايون آهن. تو وٽ ڇا آهي؟” ان وقت عمران خان جو جواب هوندو ته“ميري پاس مان هي!” يعني “مون ڪراچي آزاد ڪرائي آهي!”

اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ ڀٽن واري پيپلزپارٽي ۽ ويڳاڻپ جي احساس ۾ ورتل ڪاوڙيل سنڌين کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ متحده کي هٿي ڏني وئي پر اڳتي هلي اسٽيبلشمينٽ سان ان جا لاڳاپا “ڪڀي خوشي ڪڀي غم” وارا رهيا آهن. ڪن زمانن ۾ ان تي سويلين ڌرين هٿ کنيو ته غير سويلين ڌرين ان کي بچايو. ڪڏهن وري غير سويلين ڌرين ان تي چڙهت جو سوچيو ته سويلين ڌريون ان کي بچائينديون رهيون. تان جو مشرف جي حڪومت ۾ متحده جو دل گهريو دور آيو. “سيان بني ڪوتوال، اب ڊر ڪاهي ڪا؟” ان دور ۾ متحده پوري سرڪاري impunity سان تشدد ۽ اقتدار جي اها انتها ڪئي جنهن کي فاشزم چيو ويندو آهي. مشرف جي پٽي ڀائي، ان وقت جي خاموش آفيسرن به ڏٺو ته پاور جو هڪ ٻيو مرڪز جيڪڏهن ايتري ڇڙواڳ ۽ اعلانيه نموني قائم ٿيل رهيو ته پوءِ اهو ڪڏهن نه ڪڏهن پاور جي اصل مرڪز لاءِ به چيلينج ثابت ٿي سگهي ٿو. اهو ڪارڻ ۽ پنهنجي دادلي پارٽيءَ لاءِ 2018 جي اليڪشن کان اڳ ڪراچيءَ جو ميدان خالي ڪرائڻ جي ضرورت ان ڊرامي جو اسڪرپٽ لکرايو جيڪو هاڻي اسٽيج ٿي رهيو آهي.

اوڀر پاڪستان ۾ جيڪي الشمس، البدر تيار ڪيا ويا هئا تن جي ڪيمسٽري اها هئي ته اهي هڪ ئي وقت دشمن ملڪ ۽ ان جي ورغلايل بنگالي قومپرستن جا دشمن هئا، مذهبي جنونيت جو خودڪش بارود هئا ۽ هڪ اجنبي ڌرتيءَ تي شڪ شبهن ۾ ورتل مالڪن کي اسٽريٽجڪ گهرائيءَ جي خوبصورت خود فريبي فراهم ڪري رهيا هئا. متحده هڪ نرالي البدر آهي جنهن ۾ جڏهن چاٻي ڀري پئي وئي ته اها مالڪن کي انهن خاص وقتن لاءِ اسٽريٽجڪ گهرائيءَ محسوس ڪرائي رهي هئي. جڏهن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ماڻهو انهن سان پٿرن ۽ غليلن سان ويڙهه وڙهي رهيا هئا جيڪي ٽينڪن تي چڙهي هلندا آهن. پر اڳتي هلي هن نرالي البدر جي انجنيئرن اهو نتيجو ڪڍيو ته بلاشڪ ضرورت پوڻ تي ان کي هڪ رينٽ اي پارٽي طور ڀاڙي تي حاصل ڪري سگهجي ٿو، پر پراڻن وقتن ۾ ٺاهيل هي روبوٽ هاڻي چئي ۾ ناهي رهيو ۽ نون وقتن ۾گهڻو ڪري پروگرام جي ابتڙ نتيجا ڏيئي رهيو آهي. ٻي ڳالهه ته پاڪستان جي هر پارٽي جڏهن رينٽ اي پارٽي آهي، ته پوءِ رڳو هن کي ئي ايڏي ڇوٽ ڇو ڏجي؟

هڪ ٻي ڳالهه هن البدر جي ڪيس ۾ مختلف هئي ته پنهنجي معروضي ضرورتن جي ڪري (مذهبي جماعتن کان ڪراچيءَ جو ميدان کسڻ جي ڪري) نه رڳو شروع کان اها سيڪيولر هئي پر جيئن پوءِ تيئن حالتن ان کي ان ابتڙ بلاڪ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو جنهن جي سڃاڻپ پاڪستان ۾ طالبان مخالف بلاڪ طور ٿئي ٿي. انجنيئرن کي اهو به اعتراض ٿيو ته جيئن ته متحده مذهبي لحاظ کان هنن واري خاص کاتي ۾ ڪانهي، دشمن ملڪ جي ڪيس ۾ اها بنگالي البدر جي ابتڙ ڪنهن خاص ڪم اچڻ واري ڪانهي، ورغلايل سنڌي ماڻهن کي تباهه ڪرڻ لاءِ به هاڻي ان کي نوڪريءَ تي رکڻ جي ضرورت ڪانهي جو سنڌين کي تباهه ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي ئي ڪافي آهي. پوءِ ڇو اهڙي هٿياربند طاقت کي کلئي عام هلڻ ڏجي جنهن وٽ هٿيارن جا انبار آهن، ٽارگيٽ ڪلرز جي فوج آهي ۽ جيڪا ڪراچيءَ ۾ نائين زيرو ۽ ٻين نو گو ايرياز جي شڪل ۾ ڄڻ ته رياست سان هڪ ــ ساريکيون (parallel) پنهنجيون ڇانوڻيون ٺاهيو ويٺي آهي. اهي ڪجهه سبب آهن جن جي پيش نظر اهو پهريون ڀيرو آهي جو اصل اسٽيبلشمينٽ پنهنجي تيار ڪيل ڪنهن البدر کي پاڻ dismantle ڪرڻ ۾ ظاهري طرح ڪجهه سنجيده نظر اچي رهي آهي.

هن خاص وقت ۾ اها پاپولر ڊيمانڊ به اچي رهي هئي ته انتهائي طاقتور ۽ هٿياربند غير رياستي ايڪٽرز خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جن ۾ اهي ڌريون به آهن جيڪي ڏکڻ پنجاب ۾ کلئي عام پنهنجون ڇانوڻيون ٺاهيو ويٺيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته پوليس انهن چورن تي به ڇاپو هڻي ۽ ٿي سگهي ٿو ته نه به هڻي، پر پاپولر ڊيمانڊ جي پيش نظر جڏهن ڏٺو ويو ته ڇا ڪو نسبتا سافٽ ٽارگيٽ اهڙو آهي جنهن کان شروعات ڪري اهو تاثر ڏجي ته ڪم شروع ٿي ويو آهي، ته سمجهيو وڃي ٿو اهو آسان ٽارگيٽ متحده نظر آئي جنهن کي پاسيرو ڪرڻ سان پي ٽي آءِ لاءِ ميدان خالي ٿيڻ جا امڪان به “اظهر من الشمس” نظر اچي رهيا آهن.

ويچاري نواز ليگ ڏسي رهي آهي ته متحده تي مصيبت جن سببن جي ڪري آئي آهي ان مان هڪ اهو به آهي جنهن تحت خود ان تي به مصيبت آيل آهي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ جيڪڏهن ڪراچيءَ مان به پي ٽي آءِ الاهي سيٽون ڪڍي آئي ته پنجاب مان ڪيڪ جو ڪجهه حصو ان کي ڏياري ملڪ جي مالڪن لاءِ مرڪزي سرڪار مان نواز ليگ جو ڌڙن تختو ڪرڻ نهايت آسان ٿي ويندو. شروع ۾ نواز ليگ ۾ متحده کي بچائيندڙ ڪجهه طاقتور هئا پر پوءِ منسٽري آف مولا جٽ وارو چوڌري نثار، جيڪو نواز کان وڌيڪ ٻين جو ماڻهو آهي، سڌيءَ ريت الطاف ڀائيءَ خلاف ڪارروائيءَ جي حق ۾ ٿي بيٺو. نيشنل ايڪشن پلان کان پوءِ ته اڪثر سياسي ڌرين جي بقول “نواز ليگ ڪي حڪومت بلڪل ليٽ گئي هي!” هي اهو وقت آهي جو نواز شريف، آصف زرداريءَ جي سونهري اصول تي عمل ڪري رهيو آهي ته ڪيئن به ڪري پنهنجا پنج سال پورا ڪريو نه ته ايندڙ اليڪشن وقت اوهين گيم ۾ ئي ڪونه رهندا. ان ڪري نواز شريف پرڏيهي پاليسي ۽ “گهريلو” معاملا مالڪن حوالي ڪري پاڻ رڳو ميٽرو بس پروجيڪٽ جهڙن ڪمن ۽ محمڪن جو وزيراعظم بڻيل آهي ۽ چوڌري نثار الطاف حسين کي پاڪستان يا برطانيه ۾ گرفت ۾ آڻڻ جي ڏس ۾ ڦڙتيون ڏيکاري رهيو آهي. جڏهن ته “الطاف ۽ متحده سان ڇا ڪجي ۽ ڇا نه ڪجي،” واري سوال تي نواز شريف وٽ ڪا راءِ ئي ڪانه بچي آهي.

پيپلزپارٽي کي اندازو آهي ته سنڌ ۾ جيڪي به اليڪٽيبل اميدوار ۽ وڏيرا ليگون آهن، تن منجهان راتو رات هڪ اعليٰ پائي جي نج سنڌي پي ٽي آءِ تيار ٿيڻ ۾ گهڻو وقت ڪونه لڳندو ۽ ٿوري ڪوشش سان جي ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ اندر پنجٽيهه کن پنڪچر پي پيءَ کي هنيا ويا ته پوءِ ان جون سيٽون فنڪشنل ليگ جيتريون وڃي بچنديون جنهن کي مخالف ڌر جو اسٽيٽس به الائي ملي يا نه، ان ڪري ان جي حڪمت عملي به اها آهي ته “نظر چُرا ڪي چلو، جسم و جان بچا ڪي چلو!”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو