Home / ڪور افيئر / ڪراچي آپريشن: متحده کي سياسي طرح اڪيلو ڪري ڇڏيو!
above article banner

ڪراچي آپريشن: متحده کي سياسي طرح اڪيلو ڪري ڇڏيو!

ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي ڇاپي کانپوءِ سينيٽ جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جو پهريئن ڏينهن موقف انتهائي جارحاڻو هو، هڪ ڏينهن اڳ ۾ ايم ڪيو ايم، زرداري هائوس اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽر ميان رضارباني جي چيئرمين طور مقرري لاءِ حمايت ڪئي هئي. ايم ڪيو ايم جي طاهر مشهدي ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي ڇاپي کي ن ليگ جي انتقامي ڪارروائي قرار ڏنو هو، ان ڏينهن اي اين پي کانسواءِ باقي مخالف ڌر جي سمورين پارٽين سينيٽ مان واڪ آئوٽ ڪيو، پر ٻئي ڏينهن ايم ڪيو ايم جو موقف اڳئين ڏينهن واري موقف کان بلڪل ابتڙ هو، ڇاڪاڻ ته 24 ڪلاڪن جي وٿي ملڻ بعد هو ان حقيقيت جو اندازو لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي هئي ته حالتون هاڻي سندس حق ۾ ناهن رهيون.

march B 22 15

بعد ۾ جڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو ته ايم ڪيوايم ۽ پيپلزپارٽي گڏجي ڌيان ڏياريو نوٽيس جمع ڪرايو هو، جنهن ۾ حڪومت کان نائين زيرو تي ڇاپي جي باري ۾ جواب طلب ڪيو ويو هو، ايم ڪيو ايم اوچتو ايجنڊا تي رکيل ان اسم تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو، ان ڏينهن ايم ڪيو ايم جا اهم ميمبر سخت پريشان نظر پئي آيا، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ان ڌيان ڏياريو نوٽيس جو جواب ڏيڻ لاءِ ايوان ۾ اچي چڪو هو، ايم ڪيوايم کي ان ڳالهه جو اندازو ٿي چڪو هو ته جيڪڏهن چوڌري نثار پنهنجي روائتي تلخ انداز ۾ ڳالھيون بيان ڪيون ته پوءِ هڪ طرف ايوان اندر ڪابه پارٽي خاص ڪري پيپلزپارٽي هنن جي حمايت ۾ سامهون نه ايندي، پر ميڊيا ۾ به چوڌري جي تقرير جي ڪري نوان انڪشاف سامهون اچن ها، جڏهن ته منٿن ذريعي حڪومت کي ٿڌو ڪرڻ جو آخري آپشن به ختم ٿي ويندو. ان ڪري عين وقت تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي سيد نويد قمر اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته ايم ڪيو ايم چيو آهي ته سندن ڌيان ڏياريو نوٽيس في الحال ملتوي ڪيو وڃي جڏهن ته باقي ايجنڊائن کي اڳتي هلايو وڃي، ان ڏينهن چوڌري نثار ايوان مان واپس هليو ويو ، پر ڪجهه ڏينهن بعد ايم ڪيو ايم هڪ دفعو وري اهو جارحاڻو انداز اختيار ڪندي ايوان ۾ اعتراض واري نقطي تي نائين زيرو تي ڳالھائڻ جي اجازت گهري، جيڪا پهرين اسپيڪر ته ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر گهڻي گوڙ ۽ نعري بازي جي ڪري دٻاءَ ۾ اچي ويو ۽ مملڪتي وزير شيخ آفتاب ايوان ۾ معمول جي ڪارروائي کي معطل ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ،جنهن بعد ايم ڪيو ايم جي شيخ صلاح الدين تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن ٻين سياسي پارٽين کي به نائين زيرو تي خاموش رهڻ تي ڏوراپا ڏنا ۽ اهو ڊپ به ڏنو ته اهو وارو سڀاڻي ٻين جو به اچي سگهي ٿو.

هن سڄي منظر نامي ۾ ڪيترائي سوال اڀري آيا آهن ، ڪجهه افواھ به گردش ڪري رهيا آهن، جن ۾ ايم ڪيو ايم کان پوءِ پيپلزپارٽي جو وارو اچڻ جي به ڳالهه هلي ٿي، سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو به شدت سان آواز اڀري رهيو آهي، جڏهن ته اها ڳالهه به واضح ٿي وئي آهي ته سنڌ حڪومت جا ڪيترا ئي معاملا هاڻي فوج سڌي ريت پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتا آهن.

پهرين ڳالهه اها ته جنهن ڏينهن صولت مرزا جو بلوچستان جي مچ جيل ۾ ڦاهي کان 6 ڪلاڪ اڳ ۾ ويڊيو بيان رڪارڊ ڪيو ويو ، جنهن ۾ ساڳيون پراڻيون ڳالھيون ڪيون ويون، جيڪي گذريل ڳچ سالن کان سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو جي صورت ۾ شيئر ٿي رهيون آهن. اها ويڊيو پاڪستان جي ڳجهن ادارن پاران رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ خوش شڪل صولت مرزا پنهنجي بدترين ڏوهن جو اعتراف ڪندي نظر اچي ٿو، مچ جيل ۾ رڪارڊ ڪيل ويڊيو بيان ايم ڪيو ايم جي بنيادن کي لوڏڻ لاءِ ڪافي هو، صولت مرزا جي ڦاهي کان اڳ واري بيان جي لاءِ اها اميد ڪئي پئي وئي ته ائين ئي ٿيندو، پر اهو اندازو نه هو ته اهو رڪارڊ ڪري ان ئي رات ميڊيا کي هڪ ئي وقت ۾ جاري ڪيو ويندو. اطلاع آهن ته آخري ملاقات ۾ صولت مرزا پنهنجي زال کي چيو هو ته کيس ان ڳالهه جي پڪ آهي ته رٿيل تاريخ تي ڦاهي نه ايندي، مچ جيل دفاعي اداري جي نگراني ۾ آهي، ان ڪري اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو بيان ڊيٿ سيل ۾ ڪنهن رڪارڊ ڪيو هوندو، صولت مرزا جي بيان جي جاچ ڪرڻ لاءِ بلوچستان جي گهرو وزارت جيڪا جاچ ڪميٽي جوڙي هئي اها به ڪجهه ڏينهن بعد ختم ڪئي وئي.

مارچ جي ٻئي هفتي کانپوءِ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي ڇاپي بعد صورتحال جنهن تيزي سان تبديل ٿيندي رهي آهي، ان ايم ايم ڪيو ايم لاءِ هڪ طرف شديد پريشاني پيدا ڪئي آهي پر رينجرس جو اهو آپريشن، جيڪو ڏوهارين لاءِ هجڻ گهرجي ان مان واضح طور اهو تاثر به اڀري رهيو آهي ته هڪ سياسي پارٽي طور ايم ڪيو ايم کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي، جنهن جي ڪري اردو ڳالھائيندڙن جي اڪثريت ۾ جنهن کي ايم ڪيو ايم وقت به وقت مهاجرن جي نالي ۾ ڪيش ڪرائيندي رهي آهي، لاءِ وڌيڪ همدريون به پيدا ٿي رهيون آهن، مثال طور جنهن ڏينهن ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي ڇاپو هنيو ويو ان ڏينهن رينجرس جي ڪرنل طاهر جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي هئي ۽ ٻئي ڏينهن جيڪي ڏوهاري دهشتگردي جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيا ويا هئا، انهن جي انگ اکرن ۾ گهڻو فرق هو، جنهن انداز سان انهن ڏوهارين کي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو انهن جا فوٽو ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ ڇپجڻ بعد انهن ڏوهارين لاءِ عام ماڻهو جي ذهن ۾ موجود خراب راءِ کي بهتر ڪرڻ جي هڪ بيوقوفاڻي ڪوشش ڪئي وئي. اي ٽي سي جي جج پاران جيڪي رماڪس پاس ڪيا ويا اهي به مناسب نه هئا، عامر خان ( جنهن لاءِ هاڻي پڪ ٿي چڪي آهي ته اهو ئي ان ڇاپي هو اهم محرڪ ۽ مخبر هو،) کي رينجرس جنهن انداز سان عدالت ۾ اکين تي پٽيون ٻڌي پيش ڪيو ان جو به بهتر تاثر سامهون نه آيو، ممڪن آهي ته پيش ڪندڙن هٿ وٺي اهو عمل ان ڪري ڪيو هجي ته متان ائين نه سمجهيو وڃي ته پڪڙيندڙ عامر خان مٿان وڌيڪ مهربان آهن.

آپريشن جي ان انداز بابت جڏهن مون مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاھ کان ان بابت پڇيو هو ته ان چيو ته “هو پاڻ ان راءِ جو آهي ته جنهن انداز سان آپريشن ڪيو پيو وڃي ان سان ايم ڪيو ايم جي ڏوهاري فيڪٽر کي فائدو ٿي رهيو آهي، ۽ آپريشن ايم ڪيو ايم کي سياسي فائدو ڏئي رهيو آهي”

جنهن ڏينهن صولت مرزا جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو هو ان جي ڪجهه ڪلاڪن بعد سنڌ جي وڏي وزير کي اهو اطلاع ملي چڪو هو ، جڏهن ته دفاعي اداري پ پ پ جي شريڪ چيئرمين پاران ايم ڪيوايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي تي به سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو هو، ۽ اهڙو نياپو سنڌ جي وڏي وزير معرفت زرداري ڏانهن موڪليو ويو هو، ۽ اهو به چيو ويو هو ته ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل نه ڪرڻ جو واضح اعلان به ڪيو وڃي.

هن سڄي صورتحال ۾ ڪجهه ڳالھيون واضح ٿي ويون آهن، جن ۾ پهرين اها آهي ته اسٽيبلشميٽ ايم ڪيوايم جي اڳواڻ الطاف حسين مان سخت بيزار ٿي چڪي آهي، ان ڪري ماضي جيان هن دفعي به مائينس الطاف فارمولا تي عمل شروع ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم اهڙي اڪيلي سياسي پارٽي آهي، جنهن جي حمايت ۾ رڳو زباني ڪلامي بيان ته اچن ٿا، پر سموريون ڌريون هن کي سياسي ڌر سمجهڻ سان گڏوگڏ دهشتگردن جي هڪ وڏي لڏي جي سرپرست به سمجهن ٿيون، ان ڪري هن مرحلي تي هاڻي اهي سوال ٿيڻ لڳا آهن ته جيڪڏهن الطاف حسين کانسواءِ ايم ڪيو ايم هوندي ته اها ڪهڙي هوندي؟

“ جيڪڏهن ڪا ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو وري چار کان پنج هزار ايم ڪيو ايم جا حمايتي قتل ٿيندا” ڪراچي ۾ ايم ڪيوايم جي اميدوارن سان چونڊن ۾ مقابلا ڪندڙ ن ليگ جو هڪ اميدوار مونکي ٻڌائي رهيو هو، جيڪو پاڻ به اردو ڳالھائيندڙ آهي، “ ايم ڪيو ايم هن وقت تائين جيڪي پنهنجي ارڙهن هزار ڪارڪنن جي شهيد ٿيڻ جي دعوا ڪري ٿي، ان ۾ وڏي اڪثريت ايم ڪيو ايم اندر موجود تڪرارن جي نتيجي ۾ ماري وئي آهي، هن دفعي مصطفي ڪمال ۽ مشرف به ايم ڪيو ايم اندر جاءِ والاري سگهن ٿا، آفاق احمد به تيار آهي، جيڪو عامر خان معرفت ايم ڪيو ايم اندر هڪ ڌار گروپ قائم ڪري چڪو آهي ،پر جيڪڏهن پاڪستان جا رياستي ادارا رڳو ايم ڪيو ايم جو خوف ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ ووٽر کي ووٽ ڏيڻ جي آزادي جو حق ملي ويو ته ان جو فائدو سياسي پارٽين کي ٿيندو، جنهن ۾ گهڻو فائدو پي ٽي آءِ کي ٿيندو، جڏهن ته باقي ووٽ پ پ پ ۽ ن ليگ ڏانهن به ويندو” هو مونکي ٻڌائي رهيو هو.

ڪجهه باخبر ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ايم ڪيو ايم جو قائد الطاف حسين ذهني ۽ جسماني طور تي سخت بيمار آهي، ڊاڪٽر هن جي علاج بابت مايوسي جو اظهار ڪري چڪا آهن، اهو ئي سبب آهي ته الطاف حسين پنهنجي ئي بيانن جي ترديد ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪري. لنڊن اندر ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ الطاف حسين لاءِ حالتون ڏينهون ڏينهن تنگ ٿينديون ٿيون وڃن، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم وڏي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي چڪي آهي، ان ڪري هر ٻئي يا ٽئين هفتي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي کي تبديل ڪيو وڃي ٿو.

ايم ڪيو ايم جي گورنر کي وزيراعظم پنهنجي ڪراچي واري آخري دوري ۾ نه سڏائي واضح پيغام ڏئي ڇڏيو آهي، اطلاع آهن ته گورنر سنڌ جنهن کي ڊبل ايجنٽ قرار ڏئي سگهجي ٿو، ان کي هن وقت ايم ڪيو ايم پاران چيو ويو آهي ته هو پاڻ استعيفا نه ڏئي ، وفاقي حڪومت پاڻ ان کي هٽائي. ان موقعي تي گورنر آڏو اهو سوال آهي ته جيڪڏهن کيس هٽايو ويو ته پوءِ ڇا هو محفوظ طريقي سان پاڪستان مان دبئي روانو ٿي سگهندو، اها ضمانت ڪير به گورنر کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، صولت مرزا جي بيان ۾ گورنر پاران ڏوهارين کي گورنر هائوس ۾ پناھ ڏيڻ واري بيان کي هٿ وٺي ايڊٽ نه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ايم ڪيو ايم ڊاڪٽر عشرت العباد کي پاڻ کان وڌيڪ اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو سمجهندي رهي آهي، پر هڪ ڏينهن هن به نجي ڪچهري ۾ اها ڳالھ ڪري ڇڏي هئي ته ايم ڪيو ايم جو جن سان تعلق آهي، پاڻ به پنهنجا معاملا انهن سان طئي ڪري ڇڏيا آهن، پر جن سان هن معاملا طئي ڪري ڇڏيا آهن، اهي هن دفعي هن جو ساٿ ڪجهه شرطن تي ئي ڏئي سگهن ٿا. ايم ڪيو ايم هاڻي پنهنجي ساڳي شڪل ۾ برقرار رکڻ جي پوزيشن ۾ نظر نٿي اچي، اهو به سوال ڪيو پيو وڃي ته جنهن مقصد لاءِ ايم ڪيو ايم کي ٺاهيو ويو هو ڇا هاڻي اهو مقصد پورو ٿي چڪو آهي، يا ايم ڪيوايم ماضي جي تجربن جيان هاڻي انهن جي ئي هٿن مان نڪري وئي آهي. لنڊن ۾ رهڻ جي ڪري الطاف حسين انهن جون سڀ ڳالھيون پوريون به نٿو ڪري ، ان ڪري اهو طئي ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ نه رڳو ايم ڪيو ايم جي خوف کي ختم ڪرايو وڃي پر سياسي ڌرين کي به جاءِ پيدا ڪري ڏني وڃي جيئن ايندڙ منظر نامي ۾ ٿوري ٿوري حصي تي سڀني کي راضي ڪيو وڃي. هڪ ڳالهه واضح آهي ته ڪراچي ۾ نائين زيرو تي لڳل ڇاپي بعد نه رڳو ٻين کي پيغام ڏنو ويو آهي، هن ڇاپي جي عام ماڻهو وٽ گهڻي پذيرائي به ٿي آهي.

صولت مرزا جي ڦاهي 30 مئي تائين ملتوي ٿي چڪي آهي، جنهن کانپوءِ امڪان آهن ته ڪي اي ايس سي جي مقتول ايم ڊي جو ڪيس ٻيهر کوليو ويندو، جيئن ان قتل جي حڪم ڏيندڙ کي به ان ڏوھ ۾ شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته اهو ڪيس جيئن کليو ته سنڌ جي گورنر سيمت انيڪ ان جڪڙ ۾ ايندا،

گورنر جو پتو ايندڙ ڏينهن لاءِ سنڀالي رکيوويو آهي. اصولي طور تي هجڻ ته ائين گهرجي ها ته جيڪڏهن ڏوهارين خلاف آپريش ڪري عوام مٿان ايم ڪيو ايم جي ڪرمنل فيڪٽر جو خوف ختم ڪرايو وڃي ها ته ان جا نتيجا بهترين نڪرن ها، پر ڇاڪاڻ ته ڪراچي وارو آپريشن ڪندڙن جي پنهنجي سياسي ايجنڊا شامل ٿي وئي آهي، ان ڪري امڪان آهن ته ان آپريشن جا اهي نتيجا سامهون نه اچي سگهندا جنهن جي دعوا ڪئي پئي وڃي.

سنڌ ۾ گورنر راڄ جا امڪان نظر نٿا اچن، ڇاڪاڻ ته ايپڪس ڪميٽي جي نالي ۾ گهڻا معاملا هاڻي سنڌ حڪومت جي هٿ ۾ نه رهيا آهن، جڏهن ته ميان نواز شريف اهڙي غلطي نه ڪندو، ڪراچي آپريشن جو ڪپتان سنڌ جو وڏو وزير ائين آهي، جيئن صدر ممنون حسين آهي، علامتي ڪپتاني رڳو آپريشن تائين محدود ناهي، پر سنڌ جي وڏ وزارت به علامتي آهي، اختيار اڃا ٻين جي هٿ وس آهن.

razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو