Home / اسپيشل افيئر / ڪراچي ۽ آءٌ اُجرو ڪَالر، ميرو رومال
above article banner

ڪراچي ۽ آءٌ اُجرو ڪَالر، ميرو رومال

 ارشاد ميمڻ

 ڪراچي ۽ منهنجي وچ ۾ رنگدار پردو آهي. رومانس جنهن مٿان حاوي شيڊ چئجي. ڏک، خوشي ۽ بي وسي ڀريل. چٽڪمرو، بُک، پيٽ ڀرائي ۽ ڊپ گاڏڙ. حواسن جي پختگي بخشيندڙ. مسڪراهٽ کي بچائي جيئڻ جي سگهه ڏيندڙ ۽ ڪٿي وري مٿو گهمائي، ڀنواٽي وگهي پير ڪڍي ڇڏيندڙ. ايترو ڀرت ڀري زندگي، ڳوٺن ۾ اوهان سامهون بنهه ڪين ايندڙ. نهايت مانوارو امر جليل جنهن کي اصل ڪراچي ٿو ڪوٺي، ڊائون ٽائون کان گهڻو پري شهر جي ڪناري ڪناري حياتي مختلف روپ ۾ پَسبي. ڌپياري. باقي جڳ جي انيڪ اربن مرڪزن مثل اتي جهالت، ڏاڍ مڙسي ۽ ڏوهه جو راڄ آهي. بليٽري سرڪار ۾ رهندي ڪلفٽن ۽ اهڙن ٻين ماڳن جو مشاهدو ليکڪ جي مَنَ ۾ عجب هلچل کي جنم ڏيندو رهيو آهي. شايد اڪيلو ميگا سٽي سڏجي جتي وڌ کان وڌ آڱوٺي ڇاپ اچي وسن ۽ معاشي طور سکيا ستابا پڻ ٿي گهمن. شهري علائقا هونئن پڙهيل لکيل ۽ هنر مند انسانن جون وسنديون ڪوٺجن. اوهان ڪٿان به لڏي اچو، ڪراچي ۾ داداگيريءَ جي آزادي ماڻي سگهو ٿا. ڄَٽُ ماڻهوءَ لاءِ هڪ لساني پٽيون سرنديءَ وارو ٿيڻ ڪاڻ زرخيزي جهولي ڀري آڇين . عام ٻوليءَ ۾ ٻه نمبري جو دوڪان سدائين کليل. ڀَل بورڊن تي تحرير ٿيل انگ نه سڃاڻي رَهو.

سنڌي قوم پرستن وانگر پٺاڻن ۽ سرائڪين هن سٽي کي محاذ ڄاڻي جوٽ ڪئي آهي. افغانستان کي مذهبي جنگ جو فرنٽ ڄاڻي اتي جا تباهي آندي وئي، سڀني جي آڏو آهي. ڄامشورو ۽ قاسم آباد کي مياڻي ڄاڻيندڙ نتيجا پاڻ پرکين. ٽيئي گروهه ڪراچي جي ڪپ سان آڙاهه ٻاريو ويٺا آهن. ايئن جيئن ناظم آباد، لالوکيت، ڪورنگي، لانڍي ۾ شهري واگهن جي رات آهي، لياري ڏاڏن جي حوالي. ايندڙ ڏهاڪن ۾ مڙني لساني گروپن جي ٽلٽي هِت ٿيندي. ٻارڻ گڏ ٿي چڪو آهي. دونهين ڪڏهوڪو دکي وئي. اسان وٽ اڪيلي ميگا سٽي جا آنڊا بڪيون چٽ ڪرڻ خاطر هڙني ڏند تِکا ڪرائي ڇڏيا آهن. ڪراچي تڏهن واڳن جي وات چئجي، اطمينان سان ننڊ ڪندڙ نه وسارين ته سندن وارو اچڻ ۾ دير بلڪل ڪانه لڳندي. گلشن معمار سان لاڳاپيل ميداني پٽ دهشتگردي مخالف ويڙهاند جو آخري محاذ هوندا- راوي اڳڪٿي ٿو ڪري. جن کي هيءُ شهر ڌار پرڳڻو ٿي کپي سي ياد رکن ته پنجاهه سيڪڙو کان سرس محسود هيڏانهن اچي آباد ٿيا آهن. سنڌي جوڌن ايم ڪيو ايم دشمني ۾ پٺاڻن جي آمد پاسي ڪن لاٽار کان ڪم ورتو. سرائڪين کي پنهنجو مظلوم ڀاءُ ڪوٺيندا رهيا. پنهنجي اهڙي ورتاءَ جو ڦل ڄاڻ ڪي چکيائون.

 march A 15-2015  46

نالي ۾ نهال سول سوسائٽي غريب پروري جو هوڪو ڏيندي ٿڪجي ڪا نه، سندي مفلسي جو انت پهريون وجُهه هجين، جڏهن ته. اٽي لٽي اجهي جي چنتا برابر وزنائتي، سماج کي پر اخلاقيات پڻ گهرجي. قدر، ويليوز، اوهان کي گڏ، آشتيءَ سان جيئڻ سيکاريندا. ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪندڙ مسڪين خلق سڀ ليڪا لتاڙي حياتي پئي گذاري. اٺ ڏهه هزار روپيا ماهوار ڪمائيندڙ غير هنر مند لاءِ فاٽا، ملتان يا هالاڻي ۾ ايترا پئسا حاصل ڪرڻ جا موقعا صفا اڻلڀ هجن- عام فهم تنهن جواز کي اصل ڪو نه قبول ڪندو. هن شهر ۾ ايتري آمدني منجهه ڪنهن اڪيلي انسان جو جياپو پڻ امڪان کان ٻاهر چئجي. روزانو پنج ڇهه سئو جي عيوض جسماني پورهيو ڪندڙ ڄاڻين ٿا ته اها رقم سندن ذاتي خرچ جي بلڪل هيٺين سطح آهي. رهائش، کاڌو، ٽرانسپورٽ، ڪپڙو ۽ علاج. هر مهيني واپس ڳوٺ طرف اچ وڃ انهن پئسن کان مٿاهون بار چئجي. سول سوسائٽي جي غريب پروري اکيون ٿي ٻوٽي ان کان ته پنهنجي ڪڙم سان سلهاڙجي ئي سهي، بهاولپور کان ڪراچي پهچي ڪا نوجوان ڇوڪري هتي رڳو هزار روپيا مهينو ٿانو ڌوئڻ يا ٻهاري ڪڍڻ نه آئي آهي ۽ نه وري ٿلهو ٿنڀرو همراهه قمبر کان سيڙ جي هررات اڍائي ٽي سئو ۾ چوڪيداري ڪرڻ. وٽن ٻي ايجنڊا به چئجي. پروگرام جيڪو ميگا سٽي جي گڏيل بربادي ۾ حصو وٺندو. مرڪزي علائقن ۾ ممڻ اڳ ئي متل آهي. ڀتو، اغوا، ٽارگيٽ ڪلنگ. اردو ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ جواني وڏي عرصي کان ان اونداهي راهه تي آهي. شهر جي ڪناري سان قبضو ڪيل زمين تي وسندڙ نيون آباديون ڪيتريون گلزار آهن- زمانو ٿو خبرون رکي.

گرو مندرَ کان ڏکڻ طرف جا رهاڪو ڪيترن ئي مسئلن سان مهاڏي ۾ هوندا. اتان کان اتر، اوڀر ۽ اولهه پاسن ڏي انسانن جا انبوهه لٿل آهن، جن کي ڪراچي اچڻ جو خيال فقط لنگهڻ ڪاٽڻ سبب آيو؟ اخلاقيات جي اڻهوند هن ملڪ ۾ سڀ کان اول ٻهراڙين جي زندگانيءَ کي ڏنگيو آهي. ٻين هنڌن شايد ايئن نه هجي. ڏوهه، ڪرائيم لڳي ٿو ته پهريون اتساهه آهي جنهن ڪارڻي شهر جي آبادي ۾ تيزي سان واڌ اچي رهي آهي. هر طرح جو ڏوهه. صوبائي صحت کاتي ۾، خيرپور ضلعي ۾ ڀرتي ٿيندڙ پٽيوالو ڪوشش ٿو ڪري ته سنڌ سيڪريٽريٽ ڏانهن بدلي ٿيئس. ميگا سٽي ۾ مسواڙ تي خاندان رهائي. پالنا ڪندڙ هو صاحب پندرهن هزار روپين ۾ گذارو ڪري سگهندو؟ سفيد ڪالر ڪرائيم جي ڀِڪ وٺندو. آفيس ۾ ماڻهن کي ڦريندو. عملدارن کي هر نموني خوش ڪرڻ جا جتن ڪندو. اهڙو منظر غربت جي ڍونڍ مان جنم ٿو وٺي يا اخلاقيات جي کرڙيءَ منجهان؟ سول سوسائٽي جواب ڏيڻ جو قرب ڪري.

لوڪ جي ٻولي ۾ فنٽر ماڻهو هتي ترقي ماڻي سگهي ٿو. خبيث، مڇلو ۽ بي حس. لک سوا خاطر ٻئي جي منڍي وڍيندڙ. ڊائون ٽائون جا واسي نرالي نموني ڏوهه ڪن. ڪروڙن ۽ اربن ۾ کيڏن. ڪلفٽن پل جي مٿئين ڪناري گهاريندڙ مخلوق هنن خاطر ڄڻ ڪيڙا ماڪوڙا. سا کاکڙکوکڙ خلق پنهنجي حالتن ۾ سڌاري واسطي وري ڪرائيم جي راهه اختيار ڪندڙ. ايڪانامي کان وڌيڪ اخلاقيات جو قتل. نقصان هڪ خوبصورت هستي، ميگا سٽي ڪراچي جو. شهر جي ترقي لاءِ لازم سماجي قدرن. ويليوز کي ڪيئن پيدا ۽ انهن جي پالنا ڪري سگهجي ٿي؟ جواب جو بار سول سوسائٽي سان لاڳاپيل، ڀڀ ڀريل سوشل سائنس جي ماهرن مٿان آهي.

سياست وارا هر شيءِ رک ڪري چڪا. اديبن ۽ شاعرن جي نڙي تي لت آيل آهي. جنهن سٽي ۾ “آگ کا دریا” ناول تحرير ڪيو ويو. سا ڪراچي موڪلائي وئي. آءُ جنهن شهر جو رهائشي آهيان ات قانون فقط لچ لوفر جو ساٿاري ڄاڻو. ڏوهه جي سرپرستي ڪندڙ. ڪرائيم جيڪو اجرو ڪالر پائي ڪيو وڃي يا ميرو رومال ويڙهي. ڪراچي هاڻ ڪرمنلز جي وسندي آهي. اشراف انسان ڪنڌ جهڪايو هلن. سندن عزت ۾ هٿ وجهڻ سڀ کان آسان پورهيو آهي. مزدوري جا ڪرڻ لاءِ ڪابل، فاٽا، جهنگ، ملتان، تربت ۽ پني عاقل کان لوڌ هيڏانهن ڪاهي رهي آهي. رياستي ادارن جو ساڻن سهڪار مثالي ڪوٺجي. آثار آهن ته هو خود ان ڪڌائپ ڀريل ڌنڌي ۾ شريڪ آهن. لاڀ وٺن پيا. پوليس جي سپاهي کان وٺي حساس تاڃي پيٽي جي مکيه عملدارن تائين جنهن همراهه جي بدلي هتي ٿي آهي سو هڙ ٻڌي موٽندو گڏبو. ڪراچي ۾ ترسي پوندو يا پرڏيهه وڃي رهائش اختيار ڪندو. سٽي مٿان ڪارا ڪڪر ڏيهاڙي گهاٽا ٿيندا وڃن.

ايئن اَندران ئي اَندران ڀَور ٿي ٽوٽ جي شڪار هِنَ اجگر جيڏي شهر کي بچائڻ جي اُمنگ ڪنهن وٽ ڪَانَه ملي. جهان جاٻيا ميگار سٽيز برابر بحرانن وڪوڙيل آهن. اسان جي معاملي ۾ مرض نرالو چئجي. بيمار روزانو ايندڙ هَر چَهڪَ تي مُسرت جو اظهار ڪري. شاندار وسندي ڏيهاڙي اجل جو مهانڊو ڏسي ۽ ٻيهر جيئڻ جي همت ساري. زندگاني هِت مُئي مَڏي وانگر ڏوهارين جا هَٿَ مٽائيندي رهي. آئيندي ۾ ڪهڙيون اُميدون رکجن؟

ڪائنات کي سموئيندڙ مساوات

نئين ملينيم جي قدم رکڻ گهڙيءَ سي اين اين جي مشهور پروگرام “ليري ڪنگ لائيو” ۾ ميزبان جا شروعاتي لفظ اڄ به گهڻن جي ڪنن ۾ ٻُرندا هوندا- اسان جي هن قسط جو مهمان ڌرتي جي گولي تي سڀ کان وڌيڪ ذهين انسان آهي… بعد وارا پنجاهه منٽ ٽي وي سيٽ سامهون ويٺلن جا پنڊ پهڻ ٿي گذريا. ڊش اينٽينا جي مُهابي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ وسندڙ ڪيترن اٻوجهه ماڻهن کي، دنيا جي هن حصي ۾ منجهند ٽي وڳي هلندڙ اهو شو ڏسڻ نصيب ٿيو. الاهي هوندا جن اسٽيفن هاڪنگ جو ڪتاب “وقت جي سرسري تاريخ” اصل انگريزي ۾ پڙهي، مَنَ ۾ ولوڙي، سندس ويچارن کي اندر ۾ اوتي ڇڏيو.

مضمون جي ترجمن کي ڍنڍ ۾ اڇلايو. هن جي ٻولي پڻ جادوئي آهي. هاڪنگ هينئر 73 ورهين جو آهي، ڦوهه جواني ۾ کيس تنتي سرشتي جي اهڙي بيماري ظاهر ٿي جنهن کانپوءِ سندس معذوري اڻٽر هئي. ٻاويهه ورهين جي ڄمار ۾ ٻڌايو ويس ته هو باقي ٻه سال جيئرو رهي سگهندو. پاڻ پنجاهي وڌيڪ پساهه کڻي ڏيکاريائين. هڪ هنڌ پيو هوندو آهي. ڪمپيوٽر جي مدد سان زندگي گذاري ٿو. اسٽيفن جو دماغ البت چست چئجي.

هو جڏهن پيرن تي بيٺل هئو ، ڇوڪراڻي حيات ۾ اسپيني زبان جي ڪلاسيڪل شاعري ۾ ڊاڪٽريٽ ڪندڙ جَين سان عشق ٿيس. هوءُ ڄڻ ٻارڙي هئي جو آفت جو شڪار ٿي. اسٽيفن هاڪنگ ۾ مرض ۽ محتاجي جون علامتون ظاهر ٿيڻ لڳيون. سٺ واري ڏهاڪي جا شروعاتي سال هئا. جَين همت کان ڪم ورتو ۽ محبوب هستي سان وفاداري ڏيکاريندي شادي ڪيائين. اولاد وانگر سنڀاليائينس. کانئن ٽي ٻار ٿيا. گهڻو عرصو نه لنگهيو آهي جو هنن رضا خوشي طلاق سندو رستو اپنائڻ جو پهه ڪيو. دوستن مثل سٺا واسطا رکيائون. اڳتي هلي مائي جَين ڪنهن ٻئي همراهه سان پرڻو ڪري، هاڪنگ سان گهاريل ڏهاڪن جون يادگيريون تحرير هيٺ آنديون. سندس ڪتاب جي هاڪ سڀني ٻڌي. “ٽريولنگ ٽو انفنائٽي” نالو آهيس. آخري محاوري جو سنڌي ۾ بدل ڪو به ڪونهي.

جيمس مارش نالي ڊائريڪٽر پوئين ورهيه مڙسي ڏيکاري جَين جي ڄاڻايل ڪتاب تي فلم ٺاهي آهي- دي ٿيوري آف ايوري ٿنگ. اسٽيفن هاڪنگ جو ڪردار ادا ڪندڙ ايڪٽر ايدي ريڊ مايني کي هن جي بي مثال پرفارمنس تي 2015ع جو سڀ کان بهترين اداڪار وارو آسڪر ايوارڊ مليوآهي. ڪردار سان سندس نباهه کي هاڪنگ پاڻ به ساراهيو آهي. فلم ساڳئي وقت دنيا جي هڙني کان سرس ذهين انسان جي حياتي جا انيڪ پاسا گڏوگڏ اڳتي وڌائيندي ڏسي سگهجي ٿي. پيار، فزڪس، بيماري، دوستي، اولاد ۽ ٻيا. آخر ۾ سندس آخري خواهش پڻ- اهڙي پراڪيلي وصف، مساوات جنهن منجهه سموري ڪائنات، سرشٽي کي سموئي سگهجي. اميد ته اسان کي اهو ڊراما ڏسڻ جي توفيق ٿيندي.

ارشاد ميمڻ

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو