Home / ويندي ويندي / گورنر راڄ بمقابله جيالا راڄ
above article banner

گورنر راڄ بمقابله جيالا راڄ

اڄڪلهه سنڌ ۾ امڪاني گورنر راڄ جو وڏو چرچو آهي. نالي ۾ نهال باخبر حلقا چون ٿا ته ته وڏي سرڪار جيالن جي انڌي ڪرپشن مان جند ڇڏائڻ لاءِ گورنر راڄ هئڻ جي آپشن تي سنجيدگي سان غور ويچار ڪري رهي آهي. پر اسان جي دل کي اها دعا لڳي ئي نه ٿي. ڇوته ماضي ۾ سنڌ ۾ لڳل گورنر راڄ سنڌ جي ڀلائي ۾ ڪڏهن به نه لڳا آهن. هاڻ ڪيئن سنڌ جي ڀلي جو سوچي ڪو نئون سيٽ اپ آندو ويندو؟ ان ڪري اجايو ڪنهن به گمان ۾ غرق نه ٿيو. سيد قائم علي شاه پنهنجي طبعي ڄمار وزيراعلي هائوس ۾ گذاريندو.

ڇونه گذاري؟ پ پ يا سيد قائم علي شاه اهڙو ڪهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو وڏي سرڪار لاءِ اڻ وڻندڙ هجي؟ پ پ جي گذريل ستن سالن جي حڪومت ته ويتر وڏي سرڪار تي اسان سنڌين جي روز جي ملامت لاٿي ته اهي اسان جو استحصال ڪن ٿا، حق نه ٿا ڏين وغيره وغيره. هاڻ اوهان ڪنهن محفل ۾ اها ڳالهه ڪريو ته سنڌين جو استحصال ٿي رهيو آهي ته هڪدم چوندا ته اهو استحصال ڪو پنجاپ يا پختونخواه ٿورئي، زرداري سرڪار ڪري رهي آهي. سنڌ جي پڇڙي جي آبادگارن جون زمينون پنجاپ سبب نه پر آبپاشي کاتي ۾ ڏوڪڙن عيوض پاڻي وڪڻڻ جي رواج سبب سڪي رهيون آهن. ٿر ۾ ٻارن جو مرڻ يا ماڻهن جو لنگهڻ ويهڻ جي ميار وفاقي سرڪار تي نه پر صوبائي سرڪار تي ٺهي ٿي. سنڌ ۾ چاليهه هزار جعلي ماستر ڪنهن نواز شريف يا شهباز طرفان نه پر شريف هڪ سنڌي پاران ڀرتي ڪري تعليم کاتي جو اڳيون نور به چٽ ڪيو ويو. سنڌ جي صحت کاتي جي صحت سنڌين ئي تباه ڪئي. سنڌ جي نالين، گهٽين ۾ گندگي جا ڍير هڪ سراج دراني ۽ شرجيل ميمڻ جي کاتي ۾ لڳل کاٽ سبب ٻيو اسان جا افعال. سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جا پئسا ڪيئن صاف ٿي وڃن ٿا، ڪيئن گهوسٽ اسڪيمون ڪاغذن ۾ ئي ٺهن ۽ انهن تي پئيسا جاري ٿين ٿا اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. ائين هڪ هڪ ڪري ڳڻائبو ته سنڌ جو ڪوبه شعبو يا ادارو جيالاازم کان محفوظ ناهي. سنڌ جي ترقي جو خواب ڪٿان ساڀيان ماڻي؟ ٻين لفظن ۾ سنڌ جي بهتر ڀينگ جيالي سرڪار ڪري سگهي ٿي ته پوءِ ڪنهن ٻئي جو ٿورو ڇو کڻجي؟ ڇو ڪو پرائي پاران گاريون کائي؟

www

۽ جيالي سرڪار جي ڪرپشن مان مرڪز، پنجاپ يا اسٽيبلشمينٽ کي ڪهڙو لهر يا لوڏو؟ سنڌي لوفر هوندا ، ڄٽ ۽ جاهل هوندا ته ويتر چڱو جو اهي ٻه چار نوڪريون جيڪي ميرٽ تي وٺن ٿا سي به نه ملندن. نه هوندا سڌريل نه ٿيندا مٿي جو سور. ابتو زرداري صاحب ته ڄڻ سندن ڪم سولو ڪري ڏيئي رهيو آهي. اڳ اڪيلي وڏي ڀاءُ کي ميارون ملنديون هيون ته سنڌ سان ناڻي، پاڻي ۽ وسيلن ۾ ناانصافي ڪري رهيو آهي. سنڌي هاڻ جيالي سرڪار مان جند ڇڏائن ته اڳتي جي سوچن. زرداري جهڙا پٽ ته اسٽيبلشمينٽ کي مولا ڏياريا. سندس پارٽي ٻه چار سال وڌيڪ حڪومت هلائي ته سنڌين جي اها حالت ٿي ويندي جيڪا آمريڪا جي ريڊانڊين جي يا آسٽريليا جي اصلوڪن رهواسين جي ٿي آهي. ڪنهن ثقافتي ڏهاڙي تي ساوا نيرا ڪپڙا پائي، ڪلهي تي ڪوڏر يا ڪهاڙي رکي مهمانن جو دل وندرائيندي نظر ايندا. جيڪو خواب جنرل ضيا جي آمريت به ساڀيان نه ڪيو سو ست سالن جي جيالي سرڪار ڪري ڏيکاريو. اهڙن کاٽائو پٽن کي انعام ملندو نه ڪي کين هٽائي گورنر راڄ لڳندو!

ته سنڌ لاءِ سدائين هاڃڪار رهيو آهي- پر پوٰ به ڪرپٽ جيالي سرڪار جو احستاب ضرور ٿيڻ کپي!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو