Home / اسپيشل افيئر / …. ۽ جڏهن هٽلر ۽ نيپولين روس کان شڪست کاڌي!
above article banner

…. ۽ جڏهن هٽلر ۽ نيپولين روس کان شڪست کاڌي!

ڊاڪٽر مبارڪ علي

تاريخ بابت اڪثر چيو ويندو آهي ته ان جو سماج کي عملي طور ڪو فائدو ناهي، ڇاڪاڻ جو اها ماضي جي باقيات کي بيان ڪندي آهي. ان لاءِ اها اسان جي معلومات وڌائيندي آهي پر ان جا فائديمند نتيجا سامهون نه ايندا آهن. اهو هڪ روايتي نقطئه نظر آهي جنهن هيٺ تاريخ جي مضمون کي ڏٺو وڃي ٿو. اهو صحيح آهي ته هڪ زماني ۾ ان جي حيثيت بياني “Narrative” هئي جنهن ۾ مورخ ان ڳالهه کي اهميت ڏيندو هو ته واقعن کي تفصيل سان ۽ ٻولي جي رنگيني سان بيان ڪيو وڃي ته جيئن پڙهندڙ جي ان ۾ دلچسپي رهي. بياني تاريخي جو اهو اسلوب هاڻي به مروج آهي ۽ دلچسپ هجڻ جي ڪري اهو مقبول پڻ آهي.

علم جي ڦهلاءُ جي ڪري جيڪي نوان نوان مضمون سامهون آيا آهن انهن تاريخ کي سمجهڻ ۾ به واڌارو ڪيو آهي. مثال طور سوشيالاجي، انٿراپالاجي، سائيڪالاجي ۽ آرڪيالاجي نون نون نظرين ۽ فڪر جي ڪري تاريخ جي مضمون کي تمام گهڻي وسعت ڏني آهي. ان ڪارڻ هاڻي تاريخ نويسي کي مختلف نظرين هيٺ لکيو وڃي ٿو جيئن نيشنلزم، مارڪسزم، فيمنزم ۽ پوسٽ ماڊرن ازم وغيره. خاص طور تي ماحوليات جي علم قومن جي ريتن رسمن ۽ سندن عادتن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏني آهي. تاريخ نويسي ۾ ان وقت انقلابي تبديلي آئي، جڏهن فرانس جي تاريخدانن انالز اسڪول “Anneles School” جي نالي سان تاريخ لکڻ شروع ڪئي. انهن تاريخ کي سياست ۽ معيشت مان ڪڍي سماجي ۽ ثقافتي جذبن ۽ احساسن کي به تاريخ جي دائري ۾ شامل ڪيو. ان جي ڀيٽ ۾ اٽلي جي مورخن مائيڪرو تاريخ لکڻ جي شروعات ڪئي يعني تاريخ کي ڪنهن هڪ ننڍي دائري ۾ رهي گهرائي سان ڏٺو وڃي، جيئن گِنزبرگ “Ginzberg” پنهنجي ڪتاب “Chese and the worm ” ۾ 16 هين صدي ۾ هڪ ڳوٺ جي رهواسي جيڪو پيشي جي لحاظ کان اٽو پيسائي ڪندڙ هو، ان جي مقدمي جا تفصيل لکيا آهن، جيڪي انڪلوزيشن جي کاتي ۾ هن جي عقيدي کان بيزار ٿيڻ جي ڪري ٿيو هو. ان واقعي جو تجزيو ڪندي مورخ 16 هين صدي جي دور ۾ هارين جي مذهبي عقيدن بابت تجزيو ڪيو آهي. اهڙي قسم جي مائيڪرو تاريخ نويسي ڏاڍي مقبول آهي، ان کانسواءِ تاريخدان اهو به تجزيو ڪري رهيا آهن ته هڪ اهڙي سوسائٽي جو بيان جنهن ۾ مختلف ثقافتون هجن، انهن جي وچ ۾ ڪهڙا فاصلا هوندا آهن ۽ انهن کي ڳنڍيندڙ ڪهڙا ڪهڙا سبب هوندا آهن؟ ان جي باري ۾ تاريخ نشاندهي ڪندي آهي.

march B 14 15

تاريخ جي مضمون جي اهميت اها آهي ته ان جي مدد سان اسان حال جا مسئلا سمجهي سگهون ٿا. مثال طور اڪثر معاشرن ۾ جتي قديم روايتون ۽ ادارا هجن انهن جو منطقي دليل اهو ڏنو ويندو آهي ته اهي فطري هوندا آهن. مثال طور عورتن جي سماجي، رتبي بابت سمجهيو وڃي ٿو ته اهو فطري آهي ۽ هميشه کان ايئن ئي معاشري ۾ امير ۽ غريب جي فرق کي به فطري چئي ان کي تسليم ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته روايتن، ادارن ۽ رسمن کي فطري چئي انهن جي وجود کي جواز مهيا ڪيو وڃي ٿو. انهن جي نه ته تاريخ ڏٺي وڃي ٿي ۽ نه ئي تاريخي طور تجزيو ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن تاريخ جو مطالعو ڪيو وڃي ته اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته ڪا به شيءِ فطري نه ٿيندي آهي بلڪه اها انساني تاريخ جي ارتقا جو نتيجو آهي. مثال طور عورتون هميشه مردن جي تابع نه رهيون آهن، سندن الڳ سڃاڻپ ۽ ڪردار رهيو آهي. سماجي تبديلين جي ڪري ارتقائي طور مرد جي بالادستي ٿي جنهن عورت جي برابري واري درجي کي گهٽائي کيس پنهنجي تابع بڻائي ڇڏيو. اهڙي ريت اسان سماج ۾ ذات پات جي ورهاست، امير ۽ غريب جي فرق کي به سمجهي سگهون ٿا. هڪ وقت هو جڏهن مفڪر ۽ مذهبي رهنما غلامي کي فطري چئي ان کي سماج لاءِ ضروري سمجهندا هئا. ليڪن جڏهن تبديلي آهي ته ان غلامي جي اداري کي ختم ڪري ڇڏيو. اها ئي تبديلي هاڻي اسان سماج ۾ عورت جي رتبي بابت ڏسون ٿا ۽ طبقاتي نظام کي به، جنهن ماڻهن جي وچ ۾ متڀيد قائم ڪري انهن ۾ نفرت ۽ دشمني جا جذبا پيدا ڪيا آهن. ان لاءِ اسان پنهنجي حال جي ڪيترن ئي مسئلن کي ان وقت تائين نٿا سمجهي سگهون ۽ نه ئي انهن جو حل ڳولهي سگهون ٿا جيستائين اسان تاريخ ۾ وڃي ان جو بنياد ڳولهي نه لهون.

اڪثر اهو چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ماڻهو ۽ قومون ماضي ۾ ٿيندڙ غلطين مان سکي وٺن ته اهي غلطيون ٻيهر حال ۾ نه دهرائيندا ليڪن تاريخ ڪو نصيحت ڀريو مضمون نه آهي، ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو خاص حالتن ۽ ماحول ۾ ٿيو جڏهن ته وقت سان گڏ ٿيندڙ واقعن جو بنياد ان جي پنهنجي ماحول جو نتيجو هوندو آهي. ليڪن اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ آهي ته ماضي جا واقعا شعور ۽ فهم ۾ واڌارو ڪن ٿا.

ليڪن اسان ڏسون ٿا ته ماڻهو تاريخ کان گهٽ ئي سکندا آهن اها ڳالهه ان مان واضح ٿيندي آهي ته جڏهن هڪ جهڙين حالتن بابت بار بار ساڳي غلطي دهرائي ويندي آهي. مثال طور جڏهن پيٽر جيڪو روس جو بادشاهه هو ان جو جهيڙو سوئيڊن جي حڪمران گسٽاف ايڊولس “Gustf adolus” سان ٿيو ته سوئيڊن روس تي حملو ڪيو. جيتوڻيڪ روس جي فوج تربيت يافته هئي ۽ ايڊولس هڪ ماهر جرنيل هو ليڪن ان کي ان ڪري شڪست ڏني ڇو ته روس ۾ ٿيندڙ برفباري ان جي فوج کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. ايڊولس جا جرنيل گرفتار ٿيا، عام فوجي ماريا ويا ۽ کيس زخمي حالت ۾ هڪ پالڪي ۾ لڙڪائي روسي فوج کان بچندي ترڪي جي رستي سوئيڊن پهچايو ويو. ليڪن جڏهن 1812ع ۾ نيپولين هڪ وڏي فوج سان گڏ روس تي حملو ڪيو ته هن ايڊولس جي شڪست جو شايد مطالعو نه ڪيو هو ڇو ته هن جي فوج جو به روس جي برفباري ۾ اهو ئي حشر ٿيو جنهن سان سوئيڊش فوج منهان منهن ٿي هئي. آخر ۾ نيپولين به پنهنجي فوج کي بک، برفباري ۽ روسي حملن جو نشانو بڻجڻ لاءِ ڇڏي آيو ۽ پاڻ هڪ سيلج ۾ ويهي فرار ٿي ويو. ان وقت جڏهن هن جي فوج بکن ۾ پاهه ٿي مري رهي هئي. تڏهن کيس رستي ۾ گرم کاڌو ۽ شراب ملندو رهيو.

ٻي مهاڀاري جنگ ۾ جڏهن هٽلر روس تي حملو ڪيو ان وقت به انهن ٻنهي تجربن کي نه ڏٺو ويو ۽ اهو سمجهيو ويو ته هو برفباري کان اڳ اها مهم ختم ڪري ڇڏيندا پر ايئن نه ٿيو ۽ جنگ جي ڊيگهه سبب جرمن فوجن کي روس جي برفباري کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان ڪارڻ ئي جرمني کي شڪست ملي. ان ڪري سوال پيدا ٿئي ٿو ته ماڻهو تاريخ مان سبق ڇو نه ٿا سکن؟ شايد ان جو سبب اهو هجي ته اڳواڻ جن کي سبق سکڻ گهرجي، اهي اهو سمجهندا هجن ته ماضي ۾ حڪمرانن ۽ اڳواڻن جيڪي غلطيون ڪيون آهن هو اهي پنهنجي عقلمندي سان ٻيهر دهرائڻ نه ڏيندا، ليڪن ايئن ٿيندو ناهي. تاريخ ۾ آمر، جابر ۽ ظالم حڪمرانن کي لڳ ڀڳ هڪجهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ تاريخ ۾ سندن لاءِ عزت ۽ وقار جي ڪا جاءِ ناهي هوندي.

ان ڪري جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تاريخ جو مضمون هڪ هنڌ بيٺل ۽ جامد نٿو رهي، اهو حالتن ۽وقت جي تبديلي سان گڏ بدلبو رهندو آهي ۽ جيڪڏهن ان جو مطالعو ڪيو وڃي ته اهو فهم ۽ شعور ۾ واڌارو آڻيندو آهي. ان لاءِ خاص طور انهن سماجن لاءِ جتي اڻ ڳڻيا پيچيده مسئلا آهن اتي تاريخ پڙهڻ ضروري آهي. ڇو ته تاريخ نه رڳو مسئلن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندي آهي بلڪه ماڻهن ۾ اها اميد به پيدا ڪندي آهي ته مايوسي ۽ نااميدي جون حالتون هميشه نه ٿيون رهن بلڪه تبديل ٿي سماج کي امن ۽ سڪون ميسر ڪري سگهن ٿيون.

ليکڪ تاريخدان ۽ 50 کان وڌيڪ ڪتابن جو لکاري آهي، هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

mubarakali21@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو