Home / اسپيشل افيئر / 1992 جهڙي آپريشن جي شروعات نائن زيرو تي ڇاپي جو فيصلو ڪهڙي هائوس تي ڪيو ويو؟
above article banner

1992 جهڙي آپريشن جي شروعات نائن زيرو تي ڇاپي جو فيصلو ڪهڙي هائوس تي ڪيو ويو؟

عاجز جمالي

هي تاريخ جو جبر آهي يا ورجاءُ آهي ته 1992ع ۾ فوج جي هڪ ميجر ڪليم تي تشدد ٿئي ٿو. ان تشدد جي ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي ٻين ماڻهن سان گڏ ايم ڪيو ايم سرواڻ الطاف حسين کي مک ڏوهاري طور ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيو ويو هو. ان تسلسل ۾ ٽي جون 1992ع تي ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن شروع ٿيو. تاريخ جو ورجاءُ هيئن ٿيو جو 22-سالن کانپوءِ ڪراچيءَ جي سول لائين ٿاڻي تي هڪ ايف آءِ آر داخل ٿي آهي. رينجرز جي ڪرنل طاهر پاڻ اِها ايف آءِ آر الطاف حسين جي خلاف ٿاڻي تي داخل ڪرائي. ڪرنل طاهر هن ايف آءِ آر ۾ لکرايو ته الطاف حسين کيس قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. 17 هين مارچ (اڱاري ڏينهن) تي داخل ايف آءِ آر ۾ جيڪي قلم لڳايا ويا آهن تن ۾ الطاف حسين کي ڏهه سال سزا ٿي سگهي ٿي.

ايم ڪيو ايم جي سياست ۽ ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي 1985 کان وٺي اڄ تائين هڪ ٻئي سان ڳنڍيل رهيون آهن. 1988 کان وٺي اڄ تائين ايم ڪيو ايم خلاف ڪراچي ۾ ٿيندڙ آپريشنز جو مختصر جائزو وٺون ٿا ته جڏهن جڏهن اردو ڳالهائيندڙ جرنيل دفاعي اداري جو سربراهه رهيو تڏهن تڏهن ايم ڪيو ايم مزي ۾ رهي. پر جڏهن جڏهن به پنجاب جو سگهارو ڪو جرنيل سربراهه رهيو تڏهن تڏهن ايم ڪيو ايم کي سختي ڏسڻي پئي. اڄ جنرل راحيل شريف ۽ آءِ ايس آءِ جو ڊائريڪٽر جنرل رضوان اختر سگهارا جرنيل تصور ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن جو فيصلو ڪافي مهينن جي هوم ورڪ کانپوءِ ڪيو ويو. ذريعن چواڻي هن آپريشن جي حتمي منظوري 16 هين فيبروري تي ڏني وئي. جڏهن وزير اعظم ڪراچيءَ ۾ صوبائي ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاٰءِ پهتو هو. جيتوڻيڪ ان ڏينهن فوج جي سربراه جنرل راحيل شريف جي والده جي انتقال کي اڃا ڪجهه ڏينهن گذريا هئا ۽ سندس ڪراچيءَ جو رٿيل دورو ملتوي ٿيڻ جو امڪان هو پر ٻه ڏهاڙا اڳ وزير اعظم هائوس کي ٻڌايو ويو ته “راحيل شريف” ڪراچي پهچندو پر ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس کان هڪ ڪلاڪ اڳ “ڪور فائيو” (ڪور ڪمانڊر ڪراچي هائوس) ۾ آرمي چيف وزير اعظم سان ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو. ان ملاقات کانپوءِ ايپڪس ڪميٽيءَجو گورنر هائوس ۾ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به شريڪ ٿيو هو.

march A 15-2015  25

راوي ٻڌائين ٿا ته وزير اعظم جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪندڙ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پڻ ڪور ڪمانڊر هائوس پهتو هئو پر کيس وزير اعظم چيو ته “اوهان گورنر هائوس هلو مان اتي پهچان ٿو”. ذريعن چواڻي ان ڏينهن اصل ۾ ڪور “ڪمانڊر هائوس” مبينه طور سنڌ جي وڏي وزير تي بداعتمادي ظاهر ڪئي، جنهن جو اظهار ان ئي ڏينهن گورنر هائوس جي اجلاس ۾ ٿيو. جڏهن سنڌ ۾ پوليس آفيسرن جي بدلين کي ايپڪس ڪميٽيءَجي صلاح سان مشروط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڦڪائي کان بچڻ لاءِ بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير پاڻ ئي صوبي ۾ پوليس آفيسرن جي بدلين تي پابندي هڻي ڇڏي.

ذريعا ٻڌائين ٿا ته ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ “ٽن وڏن” يعني وزير اعظم نواز شريف، آرمي چيف راحيل شريف ۽ آءِ ايس آءِ چيف جنرل رضوان اختر جيڪي فيصلا ڪيا ان ۾ سڀ کان وڏو فيصلو ايم ڪيو ايم ۾ هٿ وجهڻ جو فيصلو هو. بعد ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار کي گڏجاڻي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ڊي جي رينجرز کي مڪمل اعتماد ڏنو ويو. سُڌ ٻڌ جوڳا ذريعا ٻڌائين ٿا ته ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس کان ٽي چار ڏينهن پوءِ ڊائريڪٽر جنرل رينجرز سنڌ ميجر بلال اڪبر گورنر هائوس جو دؤرو ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته ڪراچي آپريشن دوران رينجرز هوم ورڪ مڪمل ڪري ايم ڪيو ايم سان واڳيل 400-انتهائي خطرناڪ ماڻهن جي لسٽ ٺاهي آهي. اهي ماڻهو رينجرز حوالي ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ سختيءَ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اهڙي لسٽ گورنر جي حوالي ٿيڻ کانپوءِ به رينجرز کي گهربل موٽ نه ملي. جنهن سبب ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپي دوران 26 خطرناڪ دهشتگردن سميت ڏيڍ سو کن خطرناڪ هٿيارن جو ملڻ رينجرز لاءِ وڏي ڪاميابي هئي. ان ڪاميابيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان هڻي سگهو ٿا ته ڪور ڪمانڊر ڪراچي پاڻ رينجرز جي هيڊڪوارٽر پهتو. کيس نائن زيرو مان هٿ ڪيل هٿيار ڏيکاريا ويا ۽ دهشتگردن بابت تفصيل ڏنا ويا.

رينجرز جي ذميوارن موجب سو سوا کن گرفتار ڪيل ڪارڪنن ۾ 26 اُهي دهشتگرد به شامل آهن جن جا نالا رينجرز جي تيار ڪيل 400 نالن جي لسٽ ۾ شامل آهن. نائن زيرو تي ڇاپي کانپوءِ به ڪجهه خطرناڪ دهشتگرد رينجرز گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيا آهن جن ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ڪميٽيءَ جي اڳوڻي انچارج حماد صديقيءَ جو ويجهو مائٽ عمير صديقي به شامل آهي، جنهن جاچ دوران 103 ماڻهن کي قتل ڪرڻ ۽ بلديا ٽائون فيڪٽري ۾ شامل هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي. پر رينجرز ذميوارن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن جو سلسلو ان وقت تائين جاري رهڻو آهي جيستائين دهشتگردي رهندي. نائن زيرو تي ڇاپو لڳڻ کانپوءِ ٽن ڏهاڙن تائين ڪراچي ۾ هڪ به قتل ڪو نه ٿيو ۽ ڪرائيم ريٽ (ڏوهن جي شرح) زيرو رهيو. هفتو گذرڻ باوجود ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگز جو ڪو به واقعو نه ٿيو.

اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي پوليس جي سربراهه غلام قادر ٿيٻو اهو تاثر ڏنو ته ڪراچي آپريشن ۾ تيزيءَ سبب ڪراچي ۾ ڏوهه گهٽجي ويا آهن. اها ڳالهه درست به آهي ۽ سياسي طور ايم ڪيو ايم هڪ دفعو وري 1992 جهڙي پوزيشن تي اچي وئي آهي. ايم ڪيو ايم ان حد تائين جو رٿيل احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبليءَ ۾ ڪراچي جي صورتحال تي بحث تان هٿ کڻي وئي. ذريعن چواڻي ته وڏي سرڪار ايم ڪيو ايم جي سياسي قيادت کان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ذريعي اهو پيغام پهچايو ويو آهي ته هو “عسڪري ونگ” مان هٿ ڪڍي ته سندس “سياست زنده” رهي سگهي ٿي. جيئن لياري ۾ پيپلز پارٽيءَ کي پيغام ڏنو ويو هو ته هو پيپلز امن ڪيمٽي مان هٿ پٽي. لياري ۾ گذريل ٽن مهينن دوران رينجرز جي جڙتو مقابلن ۾ 200-ماڻهو مارجي چڪا آهن جن جو تعلق امن ڪميٽي جي ٻن گروپن سان آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن گهٽ قتل ٿيا آهن پر ايم ڪيو ايم جا سوين ڪارڪن ڇهن مهينن دوران گرفتار ڪيا ويا آهن جن کان تحقيقات ڪري هاڻي کين عدالتن ۾ آڻي اعترافي بيان ڏياريا پيا وڃن.

نائن زيرو تي ڇاپي جو هڪ ٻيو اهم پهلو 1992 جو هيرو عامر خان آهي. جنهن کي ڇاپي دوران گرفتار ڪري رينجرز عدالت ۾ اکين تي پٽي ٻڌي پيش ڪيو هو. رينجرز ذريعن چواڻي ته عامر خان نائن زيرو تي ان وقت انهن دهشتگردن سان گڏ هو جيڪي سزا يافته آهن. پر تاريخ پاڻ کي ورجائي رهي آهي ته 19 جون 1992 تي جڏهن ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو هو ته ان وقت الطاف حسين جا سڀ کان ويجها ساٿي آفاق احمد ۽ عامر خان بڪتر بند گاڏين تي چڙهي فوج کي رستا ڏيکاري رهيا هئا ۽ وڪٽري جا نشان ڏيکاري رهيا هئا. بعد ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي جا اهي ٻئي باني ايم ڪيو ايم الطاف گروپ جو نشانو بڻيا. سندن ‘‘موت کا حقدار’’ جا نعرا لکيا ويا هئا. آفاق احمد ته اڄ تائين عتاب جو شڪار آهي پر عامر خان ڪجهه سال اڳ توبهه تائب ڪري ٻيهر الطاف حسين جي بيعت قبول ڪري نائن زيرو وسايو هو.

هاڻي ٻه رايا گردش ۾ آهن. هڪ اها راءِ آهي ته نائن زيرو تي لڳندڙ ڇاپي ۾ عامر خان جو ڀرپور سهڪار حاصل رهيو ۽ سندس حياتي بچائڻ لاءِ کيس رينجرز 90 ڏينهن لاءِ پنهنجي تحويل ۾ رکيو. ٻي راءِ اها آهي ته 1992 وانگر ايم ڪيو ايم هڪ دفعو وري ٽٽي رهي آهي. ملڪ کان ڀڄي ويل ايم ڪيو ايم جا ڪيترائي اڳواڻ، عامر خان سميت نئين گروپ ۾ هوندا ۽ الطاف حسين کي اڪيلو ڪيو ويندو. هڪ نئين ايم ڪيو ايم ٺهندي. اهڙي صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم اندر هڪ وڏي ڇڪتاڻ جو خدشو آهي. پر ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪندڙ ڌرين جو خيال آهي ته هاڻي ايم ڪيو ايم کي هٿياربندن کان الڳ ٿيڻو پوندو. اهڙي راءِ 1992ع ۾ موجود هئي پر ڏٺو وڃي ته عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم وري به کٽي آئي هئي، ڇو ته 1993ع جي چونڊن کان اڳ ڳجهو ٺاهه ٿي چڪو هو پر پيپلز پارٽي جي سرڪار ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن جاري رکيو اهو آپريشن ئي 1996 ۾ بينظير سرڪار جي خاتمي جو ڪارڻ بڻي هئي.

ايم ڪيو ايم هڪ طرف اهم اڳواڻ صولت مرزا کي ملندڙ ڦاسيءَ جو ڌڪ ڪيئن برداشت ڪندي. اين آر او کانپوءِ ٻيهر وڏن ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو. آپريشن کي منهن ڏيڻو پوندو. اندرئين دٻاءَ کي برداشت ڪرڻو پوندو. ملڪي سياست ۾ ايم ڪيو ايم خلاف نوان رڪارڊ ٺهڻ وارا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو