Home / ڪرنٽ افيئر / ايم ڪيو ايم بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي پئي!
above article banner

ايم ڪيو ايم بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي پئي!

Salman Abidاسان جي ڪجهه سياسي ماڻهن جو منطق اهو هو ته ڪراچي ۾ ننڍين چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي کانپوءِ ايم ڪيو ايم سياسي ڌر طور هڪ حقيقت بڻجي اڀري آهي. ايم ڪيو ايم جي اها ڪاميابي اسٽيبلشمينٽ جي ناڪامي طور ڏٺي ويندي. اهڙي ريت ڪجهه دوستن جو اهو خيال هو ته متحده جي هاڻوڪي ڪاميابي سان ڪراچي ۾ هلندڙ فوجي آپريشن به متاثر ٿيندو ليڪن ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف هلندڙ آپريشن تي عسڪري قيادت جي ٻن بيانن واضح ڪري ڇڏيو ته فوج ڪراچي جي مسئلي تي سياسي ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو اهو چوڻ ته ڪراچي ۾ هاڻوڪي ٽارگيٽ ڪلنگ پٺيان مخصوص مقصد آهن ۽ اهو عمل مخصوص منصوبي جي نشاندهي ڪري ٿو. نمبر ٻه ڳالهه اها ته آءِ ايس پي آر جي ترجمان طرفان اهو بيان جاري ڪرڻ ته فوج جي خلاف الطاف حسين جو بيان بيهودا ۽ قومي مفادن جي ابتڙ آهي ان بيان جي حوالي سان قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ايس ايس پي ملير رائو انوار طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف پريس ڪانفرنس ۽ پڪڙيل دهشتگردن طرفان “را” جي مدد سان تربيت جو اعتراف، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڌمڪي وارا فون ڪرڻ، پمفليٽن جي ورهاست، ڪريڪر بم اڇلائڻ ۽ ٻين ڏوهاري سرگرمين جي نشاندهي سميت انهن سمورين ڪاررواين ۾ ايم ڪيو ايم جي قيادت جي شموليت ايم ڪيو ايم کي هڪ نئين سياسي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو. اڃا ايم ڪيو ايم جي قيادت پير سنڀاليا ئي نه هيا ته الطاف حسين جي جوابي تقرير ايم ڪيو ايم جي سموري قيادت، رابطه ڪميٽي ۽ سندس سياست کي اهڙي ٻه واٽي تي آڻي بيهاريو آهي جو ايم ڪيو ايم جي سياست ۽ ان جي بقا لاءِ وڏو چيلينج بڻجي ويو آهي. جيتوڻيڪ الطاف حسين فوج جي سخت رد عمل تي پنهنجي ئي بيان تي معافي گهري ورتي آهي، سندس بقول “را” کا سندس مدد گهرڻ وارو مطالبو طنزيه جملو هو. ليڪن سندن طرفان ڪارڪنن کي هٿيارن جي تربيت وٺڻ، ويڙهاڪ بڻجڻ ۽ ملڪ خلاف اڪسائڻ کي ملڪ جي سياسي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حلقن ۾ سخت ناپسند ڪيو ويو آهي.

30-April-2015 16

جيتوڻيڪ دفاعي اداري هن وقت تائين ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جي سياست تي ڪڏهن به سڌي ريت ناهي ڳالهايو، عام طور تي ڪراچي ۾ دهشتگردي ۽ سياسي پارٽين ۾ موجود ڏوهاري عنصرن جي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ضرور ڪئي وئي آهي ليڪن پهريون ڀيرو فوج جي ترجمان سڌي ريت الطاف حسين بابت ڳالهايو آهي. اصل ۾ ڪجهه عرصي کان ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جي سياست واقعي دٻاءُ جو شڪار آهي، صولت مرزا جا بيان، نائين زيرو تي رينجرز جو ڇاپو ۽ اتان دهشتگردن جي گرفتاري، هٿيارن جي موجودگي ۽ گرفتار دهشتگردن طرفان متحده جي پرپرستي ۾ ڏوهاري سرگرميون ڪرڻ جو اعتراف، ايم ڪيوايم کي دفاعي پوزيشن ۾ آڻي بيهاريو هو. ويجهڙ ۾ ڪراچي جي تڪ اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ايم ڪيو ايم پنهنجي روايتي سياست کان هٽي ڪري وڙهي. ايم ڪيو ايم جو خيال هو ته مذڪوره ننڍي چونڊ جي ڪاميابي سان سندن سياست تي جيڪو دٻاءُ وڌيو هو اهو گهٽجي ويندو. ليڪن مسئلو رڳو صولت مرزا جو نه آهي. بلڪه اهي ماڻهو جيڪي هينئر تائين رينجرز گرفتار ڪيا آهن اهي اهڙا اعتراف ڪن ٿا جن جي ڦري گهري ذميواري ايم ڪيو ايم جي سياسي قيادت تي اچي ٿي.

اها ڳالهه به واضح آهي ته ايس ايس پي رائو انوار جي پريس ڪانفرنس ڪنهن سياسي تنهائي ۾ ناهي ٿي، هن وٽ ڪي شاهديون هونديون ۽ ڪٿان ته کيس ٿفڪي به ملي هوندي. پيپلزپارٽي جي اڳوڻي حڪومت ۽ هاڻوڪي گهرو وزير سميت ڪيترائي ماڻهو اهو چوندا رهيا آهن ته ڪراچي جي صورتحال خراب ڪرڻ ۾ ڪو ٻاهريون هٿ به ملوث ٿي سگهي ٿو. صولت مرزا اعتراف ڪيو آهي ته متحده جا “را” سان لاڳاپا آهن، جيتوڻيڪ اهي سڀ الزام آهن، ماضي ۾ به اهڙا الزام ايم ڪيوا يم تي لڳندا رهيا آهن. هاڻي به جيڪي الزام آهن انهن جي غير جانبدارڻي تحقيقات ٿيڻ گهرجي، ليڪن الطاف حسين جي بيان ۽ پوءِ انهن ئي بيانن کان لاتعلقي ۽ معافي اهم معاملو آهي.

عام طور تي جڏهن ڪنهن بيان جو سخت رد عمل سامهون ايندو آهي يا ته ان کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو ويندو آهي يا معافي گهري ويندي آهي. الطاف حسين جي هاڻوڪي بيان بنا ڪنهن سبب جي سندس سياسي مخالفن کي مٿس تنقيد ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪري ڇڏيو آهي. ليڪن سوال اهو آهي ته الطاف حسين پنهنجي تقرير ۾ جن رابطن جو ذڪر ڪيو ۽ پوءِ معافي گهري ڇا ان کانپوءِ سندس خلاف اسٽيبلشمينٽ سميت جيڪو رد عمل مختلف حلقن کان آيو آهي، ڇا اهو ختم ٿي ويندو. ڇا دفاعي ادارو به ان معافي کي قبول ڪري وٺندو ته اهو جملو طنزيه هو؟ ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته الطاف حسين رائو انوار جي پريس ڪانفرنس جو رد عمل ڏيڻ کانپوءِ پاسيرو رهي ها، جيڪڏهن مؤقف ڏيڻو به هو ته احتياط کان ڪم وٺي ها. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته فوج الطاف حسين خلاف ڪنهن حد تائين وڃي ٿي ۽ ڇا سندس خلاف ڪو غداري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو.

ايم ڪيو ايم جي پاڪستان ۾ موجود قيادت ڪيترائي ڀيرا اهو چئي چڪي آهي ته الطاف حسين دفاعي اداري خلاف نه آهي ۽ نه ئي ان خلاف ڪڏهن سڌي ريت ڳالهه ڪئي آهي. ليڪن هاڻي ايم ڪيو ايم تي دٻاءُ وڌي ويندو ته اها الطاف حسين جي هر بيان جي حمايت کانسواءِ ان کان پنهنجي لاتعلقي اظهار ڪري. پر مسئلو اهو آهي ته ايم ڪيو ايم جي پاڪستان ۾ موجود قيادت ڇا الطاف حسين کي اهو پيغام ڏئي سگهندي ته اهو جذبات ۾ ادارن تي سڌي ريت تنقيد ڪرڻ کان پاسيرو رهي. جيتوڻيڪ الطاف حسين هميشه فوج جي حمايت ۾ بيان بازي ڪندو رهيو ۽ هو پاڻ سنڌ ۾ فوج گهرائڻ جو مطالبو به ڪندو رهيو آهي. الطاف حسين اهو سمجهي رهيو هو ته ان حمايت کانپوءِ فوج سندس ۽ متحده جي باري ۾ محتاط رويو اختيار ڪندي ليڪن ايئن نه ٿي سگهيو. ماضي ۾ به الطاف حسين جي ڪجهه بيانن کي اسٽيبلشمينٽ جي حلقن ۾ پسند نه ڪيو ويو ليڪن هن دفعي فوج جو رد عمل ڪافي سخت نظر اچي ٿو.

ايم ڪيو ايم جا هن وقت پيپلزپارٽي ۽ خاص طور آصف علي زرداري سان سٺا رابطا رکي ٿي. پر هن ڏکي گهڙي ۾ پيپلزپارٽي هڪ حد تائين متحده جي حمايت ۾ اڳتي وڃي سگهي ٿي. پيپلزپارٽي ۾ هڪ مضبوط گروپ موجود آهي جيڪو ايم ڪيو ايم جي سياست جو سخت مخالف آهي، ٻيون سياسي پارٽيون به هن ڏکئي معاملي ۾ ايم ڪيو ايم جو کليل طور ساٿ نه ڏئي سگهنديون، بلوچستان ۽ خيبرپختون خواهه اسيمبلي ۾ متحده سربراهه الطاف حسين خلاف قراردادون متفقه طور تي پاس ٿي چڪيون آهن پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ٿي چڪي آهي جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جي خاموش حمايت سبب اها قراردار پيش ڪرڻ نه ڏني وئي. باوجود ان جي انهن قراردادن جي ڪري ايم ڪيو ايم جي سياست وڌيڪ دٻاءُ جو شڪار ٿيندي. مني لانڊرنگ ڪيس، ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس، صولت مرزا جي بيانن سميت ٻين گرفتار ڪيل دهشتگردن جا انڪشاف ايندڙ ڏينهن ۾ الطاف حسين تي وڌيڪ دٻاءُ وڌائيندا. اسٽيبلشمينٽ جي حلقن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر خاص طور پيپلزپارٽي طرفان الطاف حسين جي بيان تي مفاهمتي انداز کي پسند ناهي ڪيو. ڪجهه بيان آيا ليڪن انهن جي نوعيت انفرادي هئي پارٽي کليل طور ان مسئلي تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.

ايم ڪيو ايم جو مسئلو اهو آهي ته اها اڃا تائين ان ڳالهه تي اتفاق نه ٿي ڪري ته پارٽي اندر اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي پارٽي ۽ پارٽي اڳواڻن جي صلاح سان ڏوهاري سرگرميون ڪن ٿا. ان ڪري بهتر ٿيندو ته ايم ڪيو ايم جي پاڪستان ۾ موجود قيادت صورتحال جي نزاڪت کي سمجهي ۽ پنهنجي اندر موجود غلطين کي محسوس ڪري. اصلاح ۽ احتساب جو عمل پنهنجي اندر محسوس ڪري. اهڙي طرح سياسي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي اهو ئي سياسي لحاظ کان بهتر ٿيندو. ٻي صورت ۾ ايم ڪيو ايم لاءِ وڌيڪ سوال اٿندا جيڪو عمل ايم ڪيو ايم لاءِ ٺيڪ نه هوندو.

ليکڪ لاهور جو سينئر صحافي آهي، هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو