Home / اسپيشل افيئر / بايو ڊيزل ٽيڪنالاجي: تيل جي بحران جو حل!
above article banner

بايو ڊيزل ٽيڪنالاجي: تيل جي بحران جو حل!

فراز چانڊيو

ڏينهون ڏينهن پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ماحولياتي مسئلن کي نظر ۾ رکندي اڄڪلهه دنيا متبادل ذريعن طرف وڌي رهي آهي. انهي ضرورت کي محسوس ڪندي دنيا جي سائنسدانن بايو ڊيزل تي پڻ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. بايو ڊيزل هونئن ته مخلتف ذريعن وسيلي ٺهي سگهي ٿو پر ناڪاره ۽ استعمال ڪيل ڪوڪنگ آئل کي بايو ڊيزل ۾ تبديل ڪري اسان ماحول کي گدلاڻ کان بچائڻ ۾ مدد ڪري سگهون ٿا. بايو ڊيزل ۾ سلفر جو مقدار بلڪل نه هجڻ برابر آهي ۽ ان ۾ 11 سيڪڙو آڪسيجن هجڻ ڪري اسان ڪاربان مونو آڪسائيڊ جهڙي زهريلي گيس کان به بچي سگهون ٿا.

مشهور آمريڪي سائنسدان Nelson R.G مطابق اسان بايو ڊيزل وسيلي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جهڙي زهريلي گيس جي نيڪال ۾ 17 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي سگهون ٿا. بايو ڊيزل استعمال ڪرڻ لاءِ اسانکي انجڻ جي تبديلي جي ضرورت نٿي پوي. بايو ڊيزل ڪنهن به عام ڊيزل فيول ٽينڪ ۾ سڌو سنئون وجهي سگهجي ٿو. بايو ڊيزل ۾ اهڙيون خاصيتون موجود آهن جيڪي انجڻ جي زندگي پڻ وڌائن ٿيون. اڄڪلهه بايو ڊيزل استعمال ڪرڻ سان اسانجو خرچ پئٽرول ۽ عام ڊيزل جي مقابلي ۾ 25-20 سيڪڙو بچي ٿو. اسان جيڪڏهن ڪوڪنگ آئل مان بايو ڊيزل ٺاهي استعمال ڪيون ته اهو خرچ 60-50 سيڪڙو تائين گهٽجي سگهي ٿو.

aprl 15 25

بهتر خاصيتن جي بدولت ۽ ماحول جي بهتري جي ڪري مختلف ملڪ بايو ڊيزل ريسرچ ۽ بايو ڊيزل جي پيداوار تي خاص ڌيان ڏئي قانونسازي به ڪري رهيا آهن. يورپي تحقيقاتي اداري مطابق سال 2007 ع ۾ يورپ ۾ 2.7 ملين ٽن بايو ڊيزل ٺاهيو ويو ۽ هڪ اندازي مطابق سال 2010 تائين بايو ڊيزل جي پيداوار ۾ 10-8 ملين ٽن تائين جو واڌارو نظر آيو.

پاڪستان ۾ ويسٽ ڪوڪنگ آئل مختلف هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس مان ملي ٿو. هڪ اندازي مطابق هڪ فيملي گهٽ ۾ گهٽ 10 ليٽر ڪوڪنگ آئل هڪ مهيني ۾ استعمال ڪري ٿي ۽ سڄي سال ۾ 240 يعني تقريباََ 155 ملين ليٽر بايو ڊيزل هڪ سال ۾ اسان ٺاهي سگهون ٿا.

بايو ڊيزل جو تاريخي پسمنظر:- سن 1900ع ۾ ايڊولف ڊيزل نالي سائنسدان سڀ کان پهرين بوهي مڱن (Peanuts) جي تيل مان بايو ڊيزل ٺاهيو پر انجي مقابلي ۾ پئٽرول سڀ کان وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيو ۽ ماڻهن ان وقت پئٽرول تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو،

 جنهن جي ڪري ڪوڪنگ آئل مان ٺهندڙ بايو ڊيزل جي استعمال ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ پئٽرول جو بحران شدت اختيار ڪري ويو جنهن جي ڪري ڪجهه وقت لاءِ بايو ڊيزل جي استعمال ۾ واڌ ڏٺي وئي.

پاڪستان ۾ هلندڙ پئٽرول ۽ توانائي جي بحران کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن اسان بايو ڊيزل جي شعبي کي هٿي وٺرايون ته اسان ان بحران کان بچي سگهون ٿا.

ليکڪ بايو ڊيزل ٽيڪنالاجي ۾ مهراڻ يونيورسٽي مان گريجوئيٽ آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو