Home / اسپيشل افيئر / برطانوي سامراج جو بنياد ڪيئن پيو؟
above article banner

برطانوي سامراج جو بنياد ڪيئن پيو؟

مبارڪ علي

برطانوي سامراج بابت چيو ويندو هوته ان جو سج ڪڏهن به ناهي لهندو. هڪ ننڍڙي ٻيٽ پنهنجي حدن مان ٻاهر نڪري ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا ۾ قبضا ڪري پنهنجي سامراجي تاريخ ۾ واڌارو ڪيو آهي. تاريخدانن ان جو تجزيو ڪيو آهي ته آخر اهو ڦهلاءَ ڪهڙن ڪهڙن مرحلن کانپوءِ ٿيو ۽ ڪهڙي ريت برطانيه پنهنجي سياسي اثر رسوخ کي ڦهلايو. تاريخدانن انهن مرحلن جو تجزيو ڪيو آهي جن مان گذري اهو هڪ سامراجي قوت بڻيو. 1492ع ۾ جڏهن ڪولبس اسپين جي سرپرستي ۾ آمريڪا کي دريافت ڪيو ته ان جو فائدو اسپين کي ٿيو ڇو ته ڪولبس ۽ ان کانپوءِ جيترا به مهم جو آمريڪا ويا انهن جو مقصد اتان سون ۽ چاندي جي ڦرلٽ ڪرڻ هو. شروع ۾ انهن ڏکڻ آمريڪا جي تهذيبن کي تهس نهس ڪري ڇڏيو بعد ۾ جڏهن پيرو (Peru) ۽ ميڪسيڪو (Mexico) ۾ چاندي جون کاڻيون لڌيون ته اتان چاندي جا جهاز ڀري اسپين آندا ويا، انگلينڊ جيئن ته ان ڊوڙ ۾ گهڻو پٺتي هو ان ڪري اهو ڳڻتي ۾ ورتل هو ته ان سموري ڦرلٽ جي دولت مان فائدو اسپين کڻي رهيو آهي. اسپين ۽ انگلينڊ ۾ مذهبي اختلاف ان وقت وڌي ويا جڏهن يورپ ۾ لوٿر جي مذهبي اصلاح جي تحريڪ کانپوءِ انگلينڊ پروٽيسٽنٽ فرقو اختيار ڪيو جڏهن ته اسپين ڪيٿولڪ مذهب جو چيمپين بڻجي ويو. مذهبي ۽ سياسي اختلافن انهن ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جو مخالف بڻائي ڇڏيو، جيئن ته ان مخالفت جي شروعات انگريز سامونڊي ڌاڙيلن کان ٿي هئي، جن اسپين جي انهن جهازن کي ڦرڻ، لٽڻ شروع ڪري ڇڏيو جيڪي سون ۽ چاندي کڻي آمريڪا کان اسپين ويندا هئا. ان کانسواءِ انهن سامونڊي ڌاڙيلن آمريڪا ۾ اسپين جي انهن وستين تي به حملا ڪيا جتي انهن جا رهواسي آباد ٿيا هئا. انهن سامونڊي ڌاڙيلن کي انگلينڊ جي حڪمرانن جي سرپرستي حاصل هئي. ان جو اندازو ان مان ٿئي ٿو ته راڻي ايلزبيٿ، ڪيپٽن ريلي (Raleigh) کي اسپين جا جهاز ڦرڻ جي انعام ۾ نائيٽ هوڊ (Knight Hood) جو خطاب ڏنو ان ڦرلٽ جي نتيجي ۾ انگلينڊ کي جيڪو مال مليو ان هن جي سامراجي مقصدن کي وڌيڪ پختو بڻايو.

apr 15 14

ٻئي مرحلي ۾ جنهن دوران انگلينڊ جي دولت ۾ واڌارو آيو، اهي انگريزن جو واپاري ڪمپنيون هيون. 15 هين صدي عيسوي جي يورپ جا واپاري واپار جي نيت سان ايشيائي ملڪن ۾ اچڻ شروع ٿيا هئا. ايئن 16 سئو عيسوي ۾ راڻي ايلزبيٿ (پهرين) ايسٽ انڊيا ڪمپني کي اوڀر وارن ملڪن سان وڻج واپار ڪرڻ جو چارٽر ڏنو. اهي واپاري مصالحن جي ڳولا ۾ هندستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن تائين هليا ويا، جتي انهن واپاري مالڪ جي حفاظت لاءِ گودام ٺهرايا جيڪي ڪارخانا سڏبا هئا. انهن واپاري جهازن جي حفاظت لاءِ انگلينڊ پنهنجي سامونڊي سگهه کي وڌايو ڇو ته ان جو مقابلو خاص طور تي پورچو گيزن، ڊچن ۽ فرانسيسين سان هو. هندستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي واپارين ڪوشش ڪئي ته مغل حڪومت کان ڪسٽم ڊيوٽي معاف ڪرائي، وڌ مان وڌ نفعو ڪمايو وڃي، ڪمپني کي ان وقت وڌيڪ موقعا مليا جڏهن مغل سلطنت جو زوال ٿيو ۽ هندستان ۾ ننڍين رياستن جي وچ ۾ جنگيون ٿيون ته ڪمپني انهن جنگين ۾ ڪنهن هڪ جو ساٿ ڏئي ان کان سياسي ۽ واپاري رعايتون حاصل ڪيون.

1757ع ۾ پلاسي جي جنگ کانپوءِ ڪمپني سياسي قوت بڻجي اڀري، 1764ع ۾ بڪسر جي جنگ ۾ ڪمپني جي فتح کانپوءِ ان کي مغل بادشاهه طرفان بنگال ۽ بهار ۾ ٽيڪس وصول ڪرڻ جو حق ملي ويو جنهن ۾ ڪمپني تمام گهڻي دولت گڏ ڪئي. ان کانپوءِ هوريان هوريان ڪمپني سڄي هندستان تي قابض ٿيندي وئي ۽ سياسي اقتدار جي ڪري هندستان جي دولت گڏ ڪري انگلينڊ به پهچائي وئي. هي اهو ٻيو مرحلو هو جنهن برطانيه کي سامراج طور وڌيڪ طاقتو ر بڻايو. هندستان مان انهن نه رڳو دولت حاصل ڪئي بلڪه هندستانين کي پنهنجي فوج ۾ ملازم رکي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضا پڻ ڪيا.

برطانوي سامراج جو ٽيون مرحلو اهو هو ته جن ملڪن تي انهن قبضا ڪيا هئا اتي عيسائيت کي پکيڙيو وڃي. برطانيه ۾ ان وقت اهو خيال هو ته قومن کي مهذب بڻائڻ لاءِ پهرين انهن کي عيسائي بڻائڻ لازمي آهي، ان ڪري ان مقصد جي حاصلات لاءِ عيسائي تبليغي مشن ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ پکڙجي ويا.

ان پٺيان خيال اهو هو ته جيڪڏهن بيٺڪيتي قومون عيسائي مذهب اختيار ڪري وٺنديون ته ان صورت ۾ هڪ مذهب هئڻ ڪري برطانيه جي سياسي اقتدار کي به پنهنجو سمجهي تسليم ڪري وٺنديون. ليڪن ان ۾ کين ڪاميابي نه ٿي ۽ اقليت کي ته اهي عيسائي بڻائي سگهيا پر پوري قوم ان فارمولا کي قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي عقيدي تي قائم رهيا بلڪه هندستان ۾ 1857ع جي آزادي جي جنگ ۾ عيسائي تبليغ جو به ڪافي حصو هو. ايئن اسان ڏسون ٿا ته برطانوي سامراج سامونڊي ڌاڙيلن، واپاري ۽ سياسي مرحلن مان گذري عيسائيت جي پرچار وسيلي پنهنجي تڪميل تي پهتو. ان ڪري ان جي سلطنت جي توسيع کي سمجهڻ لاءِ اهي بنيادي مرحلا سمجهڻ ضروري آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو