Home / اسپيشل افيئر / تاريخ جي درستگي ڇا ڀٽو خاندان کي سنڌ ۾ نواب ولي محمد لغاري آباد ڪيو هو؟
above article banner

تاريخ جي درستگي ڇا ڀٽو خاندان کي سنڌ ۾ نواب ولي محمد لغاري آباد ڪيو هو؟

رمضان “دلدار” چڍڙ

پندرنهن روزه “افيئر” 31 مارچ- 14 اپريل 2015ع ۾ آصف رضا موريو جو مضمون “نواب ولي محمد لغاري، جنهن ڀٽو خاندان کي لاڙڪاڻي ۾ آباد ڪيو” ڇپيو آهي. مضمون نگار لکي ٿو ته تاريخي ڪتاب اسان کي ٻڌائين ٿا ته “ڀٽو خاندان کي پنجاب مان آڻي لاڙڪاڻي ۾ آباد ڪرڻ وارو شخص به نواب ولي محمد خان لغاري هو بلڪه نواب صاحب جي هڪ گهر واري به ان ڀٽو خاندان منجهان هئي.” هاڻ اچو ته تاريخ جي روشني ۾ ان ڳالهه جي ڇنڊ ڇاڻ ڪريون ته آيا اها ڳالهه ڪيتري قدر درست يا غلط آهي؟

پهرين ڳالهه اِها ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ڀٽو ذات هڪ نج سنڌي (ڄاموٽ) ذات آهي نه ڪي ٻاهران آيل ڪي ڌاريا؟ ڀٽا پنجابي- آرائين- سورج ونشي راجپوت- عرب- مصري- ڀُوٽاني وغيره آهن. ڀٽا اصل ۾ سنڌي آهن. قديم سنڌ جي حصي راجستان جيسلمير (هندستاني ٿر) جا آهن. جت اڄ به ڀٽا جيسلمير ۽ جئه پور ۾ آباد آهن. ڀٽو ذات راجستان مان ٻن گروهن ۾ هڪڙا اوڀر پنجاب جي علائقن حصار ۽ لڌيانه ۾ وڃي آباد ٿيا، جتي انهن آرائين ذات جي ماڻهن سان مٽي مائٽي ڪئي. ٻيا وري هاڻوڪي ننڍڙي سنڌ ۾ آيا.

خود محمد خان ڀٽو لاڙڪاڻي سنڌ ۾ سنه 1474ع ۾ آيو هو. ان وقت خود لغاري ذات جا ماڻهو سنڌ ۾ موجود ڪون هئا. پوءِ نواب ولي محمد لغاري ڀٽو خاندان کي سنڌ ۾ آباد ڪيئن ڪيو؟ نواب ولي محمد لغاري جو والد غلام محمد خان لغاري سنه 1140ع ۾ هاڻوڪي تعلقي سنجهورو ضلعي سانگهڙ ۾ پهريون ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺو هو. نواب ولي محمد لغاري سنه 1165ع ۾ آڀپور لڳ سنجهورو ۾ ڄائو، اهو دور سنڌ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو هو. نواب ولي محمد خان لغاري سنه 1211ع کان سنه 1217ع تائين لاڙڪاڻي جو گورنر رهيو هو. نواب ولي محمد لغاري 1832ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي. پنجاب کان آيل ڀٽا 1474ع ۾ سنڌ ۾ آيا. پوءِ نواب ولي محمد لغاري ڪيئن اچي ڀٽو خاندان کي لاڙڪاڻي ۾ آباد ڪيو؟

هاڻوڪي سنڌ ۾ ڀٽو ذات جو سنڌ ۾ آباد هجڻ جا ڪتابن ۾ مخلتلف رايا ملن ٿا. ان بابت اياز علي ڀاڳت لکي ٿو ته:

محمد خان ڀٽو لاڙڪاڻي سنڌ ۾ سنه 1474ع ۾ آيو هو.

(ڪتاب سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا ص 391 مهراڻ پبليشرز ڪراچي سال 2008ع)

نور محمد ڀٽو لکي ٿو ته:

ڪلهوڙن جي دور ۾ 1748ع ۾ جاگيرون حاصل ڪيائون.

ڪتاب “ڀٽو خاندان” ص 5 نور محمد ڀٽو. سج پبليڪيشن حيدرآباد 2012ع)

ڪامران اعظم جنجوعه لکي ٿو ته:

مير گهرام خان جو پوڙهو پيءُ مير نود بندغ هو جڏهن هن سما ۽ ڀٽو فوجن کي پٽ جي لشڪر ۾ ڏٺو ته حيران ٿي ويو.

(“بلوچ قبائل” ص 51 تخليقات لاهور- سال 2010ع)

هتي ڀٽن جو ذڪر اسان کي سنڌ ۾ ڄام نظام الدين جي دور ۾ پيو ملي. ڪامران اعظم ساڳئي ڪتاب جي صفحي نمبر 57 تي پڻ سما- ڀٽو فوج لکي آهي. صفحي نمبر 61 تي پڻ ڀٽو لشڪر لکيو اٿس. ڪامران اعظم جنجوعه پنهنجي ڪتاب “بگٽي قبيلو” جي ص 72 تي پڻ سما-ڀٽو متحده محاذ لکيو آهي. هي ڳالهه رند- لاشار جنگ (1465- 1495ع ) دؤر ڏانهن اشارو ٿي ڪري.

هاڻ جي ڪامران اعظم جنجوعه جي ڳالهه کي مڃيو وڃي ته ان وقت خود لغاري ذات به سنڌ ۾ موجود ڪون هئي. پوءِ نواب ولي محمد لغاري طرفان ڀٽو خاندان کي لاڙڪاڻي ۾ آباد ڪرڻ واري ڳالهه درست نٿي لڳي محترم سرمد علي، اسٽينلي والپرٽ جي ڪتاب “ذلفي منهنجو دوست” جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته:

ڀٽا اصل ۾ راجسٿان جي واڄٽ ڪندڙ واري جا راجپوت هئا. سندن وڏو “سهتو خان” 1707ع- 1658ع جي دور ۾ مسلمان ٿيڻ بعد خان جو لقب ملڻ کانپوءِ اورنگزيب عالمگير جي وقت ۾ واري جي وسڪاري مان نڪري لاڙڪاڻي چانڊڪا پرڳڻي جي علائقي “رتي ديري” ۾ رهائش اختيار ڪئي.

(سنڌ رنگ اسپيشل مرتضيٰ ڀٽو نمبر آڪٽوبر 1996ع)

مٿي ڏنل حوالي مان اسان کي ڀٽا ذات جو ذڪر سنڌ ۾ اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ پيو ملي ۽ راجسٿان کان سڌو سنڌ ۾ نواب ولي محمد لغاري جو هت ڪو به ذڪر ناهي.

جيڪڏهن نواب ولي محمد لغاري واري ڳالهه هجي ها ته سائين جي ايم سيد پنهنجي مشهور ڪتاب “جنب گذاريم جن سين” ۾ (جلد پهريون) ضرور سردار واحد بخش ڀٽو جي عنوان ۾ لکي ها؟

aprl 15 40

سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته:

چوڻ ۾ اچي ٿو ته سردار صاحب جو خاندان اصل ۾ پنجاب جي طرف کان لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺو هو. سنڌ ۾ اول سندن پڙڏاڏو محمد خان آيو هو.

سائين جي ايم سيد وڌيڪ لکي ٿو ته:

هي سنڌ ۾ ڪهڙي وقت آيا. تنهن جو پورو پتو نٿو پئجي سگهي. سندن وڏي مٺا خان پنهنجو ڳوٺ ٻڌايو هو.

(جنب گذاريم جن سين ڀاڱو پهريون ص 122 ص 123)

هت سائين جي ايم سيد به اهڙي ڳالهه ڪا نه ڪئي آهي ته ڪو نواب ولي محمد لغاري اچي ڀٽو خاندان کي سنڌ ۾ آباد ڪيو هو؟ پر سائين مورڳوئي اهو لکيو آهي ته خبر ناهي ته هي ڪهڙي وقت ۾ سنڌ ۾ آيا.

سائين جي ايم سيد “جنب گذاريم جن سين” جلد ٻيو ۾ به اهڙو ڪو ذڪر ناهي لکيو سر شاهنواز ڀٽو جي عنوان ۾؟

اياز علي ڀاڳت به پنهنجي ڪتاب “سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا” ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪان لکي آهي.

نور محمد ڀٽو به پنهنجي ڪتاب “ڀٽو خاندان” ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪا نه لکي آهي نواب ولي محمد واري.

پوءِ آصف رضا موريو هي حوالو ڪٿان آندو؟ جيڪڏهن ڪتاب ۽ ليکڪ جو نالو لکي ها ته هيڏو مونجهارو پيدا نه ٿئي ها؟ پوءِ ڪتاب جي صحت ۽ مصنف بابت ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وڃي ها.

هي سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصدتاريخ جي رڪارڊ جي درستگي ڪرڻ آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو