Home / اسپيشل افيئر / تاريخ سان ڀوڳ ڇا محمد بن قاسم پهريون پاڪستاني هو؟
above article banner

تاريخ سان ڀوڳ ڇا محمد بن قاسم پهريون پاڪستاني هو؟

نديم ايف پراچا

جماعت اسلامي 1970ع جي شروعاتي ڏينهن کان “يوم باب الاسلام” ملهائيندي اچي، اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سنڌ کي عرب ڪمانڊر محمد بن قاسم طرفان اٺين صدي ۾ فتح ڪرڻ جو جشن ملهائڻ ۽ اهو تاثر ڏيڻ رهيو ته انهن ڏينهن کان اسلام ڏکڻ ايشيا ۾ آيو. مقرر پهرين ته قاسم کي “پهريون پاڪستاني” قرار ڏيندي، پاڪستان جي قيام کي 13 هزار ورهيه اڳ ايندڙ عرب ڪمانڊر سان منسوب ڪندا رهيا.

نه وسارڻ کپي ته جماعت اسلامي اها پارٽي آهي، جنهن 1947 ع ۾ قاعد اعظم محمد علي جناح طرفان پاڪستان جي قيام جي مخالفت ڪئي هئي. جماعت اسلامي جي بانيڪار ابولاعليٰ مودودي جناح کي اولهه جي قومپرستي جو نمائندو سڏيندي هڪ مسلم رياست جو سربراهه ٿيڻ کي سٺو سنوڻ نه سڏيو هو.

جيتوڻيڪ جماعت اسلامي سڀ کان پهرين ان پرچار جي شروعات ڪئي ته اٺين صدي ۾ هتي آيل عرب پاڪستان جا حقيقي بانيڪار هئا، ليڪن اهڙي ئي سوچ جو اظهار 70ع جي ڏهاڪي جي پڇاڙي ۾ ان کانپوءِ به سامهون آيو، جڏهن اسڪول جي نصابي ڪتابن ۾ ان معاملي کي لڳ ڀڳ ايئن پيش ڪيو ويو. ان جو مظهر 1953ع ۾ آيل هڪ ڪتاب “پاڪستان جا پنج سال” پڻ آهي. اهو ڪتاب پاڪستان سرڪار طرفان ملڪ جي قيام جي پنجين سالگرهه جي موقعي تي شايع ڪيو ويو. ان ڪتاب جو هڪ باب سرڪاري آرڪيالاجي فنڊ تحت آرڪيالاجسٽن لکيو، جنهن ۾ انهن ڄاڻايو ته: سنڌ محمد بن قاسم جي حملي کانپوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پهريون اسلامي صوبو هو.

ويجهڙ ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ تاريخ جي پروفيسر منان احمد آصف پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته: 1953 کانپوءِ جي ڪيترين ئي لکڻين ۾ محمد بن قاسم کي “پهريون پاڪستاني” ڄاڻايو ويو آهي، هن کي پهريون ڀيرو سرڪاري طرح “پاڪستان جو پهريون شهري” “پاڪستان جا پنجاهه سال” نالي ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو فيڊرل بيورو آف پاڪستان طرفان 1998ع ۾ شايع ڪيو ويو.

قاسم جي سنڌ تي حملي کي پهريون ڀيرو 1953ع ۾ پاڪستاني آرڪيالاجسٽن طرفان ڏکڻ ايشيا ۾ الڳ مسلمان رياست جي وجود واري تصور جي اک سان ڏٺو ويو. ان کانپوءِ ان تصور کي مذهبي ڌرين پاران اڳتي وڌايو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي جي دؤر ۾ ملڪ ۾ سخت سياسي بحران هو، جنهن سبب ڊسمبر 1971ع ۾ اڳوڻو اوڀر وپاڪستان بنگلاديش بڻيو. پر ان حوالي سان اهو تصور اڳ ۾ ئي نصابي ڪتابن ۾ داخل ٿي چڪو هو.

ان تصور کي آمر جنرل ضياءُ الحق جي دؤر يعني 1977 کان 1988ع دوران وڌيڪ هٿي وٺرائي وئي ۽ اهو چيو ويو ته پاڪستان جون قديم عرب ريگستان ۾ ڏکڻ ايشيا کان وڌيڪ گهريون پاڙون آهن.

aprl 15 42

پروفيسر منان، محمد بن قاسم بابت تاريخدانن جي نقطئه نظر جي حوالي سان مطمئن نه آهي، ان ڪري ڪيترائي سوال پئدا ٿين ٿا. عرب تاريخدان البلدوري جي 15 هين صدي جي ڪتاب “ڪتاب فتوح البلدان” جيڪو موجود تاريخي ماخذن مان پهريون ماخذ آهي، ان ۾ محمد بن قاسم جو سنڌ تي حملي جو احوال ڄاڻايو ويو آهي. اهو ڪتاب قاسم جي سنڌ تي حملي کان 100 ورهيه پوءِ لکيو ويو. ان کانسواءِ ان حوالي سان 13 هين صدي جي فارسي ماخذ “چچنامي” ۾ پڻ ان جو احوال اچي ٿو، جيڪو قاسم جي سنڌ تي حملي کان 400 ورهيه پوءِ لکيو ويو.

پروفيسر منان ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي جهڙن تاريخدانن جي نظر ۾ عربن سنڌ ۾ 634ع ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي هئي. اموي سلطنت (پهرين وڏي مسلم سلطنت) 644ع ۽ 710ع ۾ پنهنجا حملي آور فوجي جٿا موڪلي سنڌ کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن حملي آورن سان مقامي قبيلن سخت مزاحمت ڪئي، جڏهن ته ان دوران عرب فوجي جٿا مڪران (ڏکڻ سنڌ) ۾ پڻ ڪجهه عرصو ترسيا پر گهڻو عرصو نه رهي سگهيا.

اموين طرفان خطي ۾ داخل ٿيڻ جا ڪيترائي سبب هئا، ڇو ته اها وسعت اختيار ڪندڙ سلطنت هئي. ان ڪري انهن خطي ۾ داخل ٿي خطي جي پورٽس جي وڻج واپار تي قبضو ڄمائڻ پئي چاهيو. انهن اموين خلاف بغاوت ڪندڙن کي چيڀاٽڻ لاءِ پڻ فوجي جٿا مڪران موڪليا، ڇو ته باغي اموي سلطنت خلاف حملا ڪري مڪران ۾ اچي لڪي ويندا آهن. اهڙن باغين ۾ “خارجي” اهم هئا، جن مڪران ۾ پنهنجو مرڪز ٺاهيو هو.

نائين صدي کانپوءِ جي مسلمان تاريخدانن جو عام نقطئه نظر اهو رهيو آهي ته قاسم کي بغداد جي اموي گورنر طرفان سنڌ تي چڙهائي لاءِ ان ڪري موڪليو ويو جو سنڌ جي ڦورن طرفان عربن جا بحري ٻيڙا ڦريا پئي ويا ۽ سنڌ جي حڪمران راجا ڏاهر ان لاءِ ڪجهه به نه پئي ڪيو.

ڊاڪٽر مبارڪ علي ۽ پروفيسر منان جهڙن تاريخدانن کي اهڙي قسم جي نطقئه نظر بابت ڪي حقيقي شاهديون گهڻيون نه ملي سگهيون آهن. منان موجب: قاسم جو سنڌ تي حملو دراصل 60 سالن کان عربن طرفان سنڌ ۽ حڪمران جي بندرگارهه تي پنهنجا پير ڄمائڻ ۽ شاهوڪارن کان اهي بندر کسڻ جي مهم جوئي تسلسل هو.

اها ڳالهه به ڪنهن ريت ٺيڪ نه آهي، ته قاسم جي لاءِ سنڌ ۾ حمايت موجود هئي، 791ع۾ قاسم جي لاڏاڻي کان 20 ورهيه پوءِ جڏهن الحڪيم القلبي کي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو تڏهن هو هڪ اهڙي هنڌ پهتو جتي اڪثريت کي قاسم جي هتي رهڻ دوران زبردستي مسلمان بڻايو ويو هو، اهي بعد ۾ واپس هندو ۽ ٻُڌَ وڃي بڻيا.

اڻويهين صدي جي بيٺڪي دؤر جو انگريز ليکڪ جيمز هِل پنهنجي ڪتاب “The History of British India” ۾ لکي ٿو ته قاسم هڪ حملي آور طور خطي ۾ انتشار ڦهلايو. هِل ان سلسلي ۾ مختصر شاهديون پيش ڪري ٿو،ليڪن ٻين انگريز ليکڪن جي نظر ۾ پڻ قاسم هڪ اهڙو حملي آور هو جنهن مسلسمان حملي آورن لاءِ دروازا کوليا ته اهي اچي هندستاني تهذيب کي تباهه ڪن.

حقيقت اها آهي ته هڪڙا تاريخدان ان جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندي نٿا ڍاپن، ته ٻيا ان تي تنقيد واري راءِ رکن ٿا. ليڪن ان جي ڪيل تاريخي طور تباهي واري سچ کان گهڻا تاريخدان بلڪل پالها آهن.

(C) DAWN

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو