Home / اسپيشل افيئر / جينياتي ڊيٽا جي ٻوڏ ۽ استعمال
above article banner

جينياتي ڊيٽا جي ٻوڏ ۽ استعمال

نتاشا لوڊر

2014ع ۾ انساني جنيوم کي وڏي مقدار ۾ ترتيب ڏيڻ ممڪن ٿي ويو هو. هاڻي هڪ هزار ڊالر ۾ هڪ شخص جو جينياتي نقشو تيار ڪيو پيو وڃي. اها هڪ اهڙي اڳڀرائي آهي جنهن مان 2015ع ۾ نه رڳو انساني جينياتي معلومات ۾ انتهائي واڌارو ٿيندو بلڪه ان ڀرپور ڊيٽا کي استعمال ۾ آڻڻ جي طريقن تي پڻ غور ويچار شروع ڪيو ويندو.

سان ڊياگو جي ڪمپني ايلومينا جي تيار ڪيل مشين هاڻي 25 منٽن ۾ هڪ جينوم تيار ڪري سگهي ٿي. ان جي ڀيٽ ۾ پهرين انساني جينوم کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ ۾ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ وقت ۽ 3 ارب ڊالر خرچ آيو هو. اها سستي ۽ تيز ترتيب سازي طب، جيوڙن خلاف جنگ، کاڌ خوراڪ جو تحفظ، فارينسڪ سائنس، جهنگلي جيوت ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ معيار جي بنياد کي لوڏڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

ايندڙ سال برطانيا پنهنجي هيلٿ سروس وسيلي هڪ لک کان وڌيڪ مريضن جي مڪمل جينوم جي ترتيب تي ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. ٻين ملڪن جون حڪومتون به انهي خيال تي غور ڪري رهيون آهن. ان سلسلي ۾ برطانيا جون ڪوششون انتهائي ڳڻپ جوڳيون آهن ڇو ته اهي ڪوششون شيلبي ويلينٽ جهڙن مريضن جي زندگي تبديل ڪري سگهن ٿيون. اها ٻارڙي پنهنجي ڄم کان پوءِ جلد ئي هڪ اهڙي پراسرار بيماري جو شڪار رهي ۽ اَٺن سالن جي عمر تائين پهچندي پهچندي سندس زندگي موت ڏانهن وڌڻ لڳي. تڏهن ان جو مڪمل جنيوم ترتيب ڏيڻ کانپوءِ ئي هڪ جينياتي بي قاعدگي سان اصل مسئلي جي خبر پئجي سگهي ۽ ڊاڪٽرن ان مناسبت سان دوا ڳولي شيلبي جي زندگي بدلائي ڇڏي. اها به حقيقت آهي ته سڀ مريض ايترا خوشقسمت نه هوندا پر ان ترتيب سازي سان انهن والدين جي اذيت ختم ٿي سگهندي جن جا ٻچا ڪنهن پراسرار بيماري ۾ ورتل آهن.

ايلومينا جو صدر فرانسس ڊي سوزا چوي ٿو ته 2015ع ۾ ترتيب ڏنل جينومز جو تعداد ٻيڻو ٿي ويندو. سستي ۽ تڪڙي ترتيب سازي جو پهريون فائدو ڳورهارين عورتن کي پوندو. ڄم کان اڳ تشخيص ۾ ڊرامائي تبديلي اچڻ واري آهي. ڇو ته ترتيب سازي ۾ ماءُ جي رت جي نمونن مان جنيني مرضن جي سڃاڻپ ممڪن ٿي وئي آهي. اهڙي طرح ڊائونز سنڊروم جهڙن مرضن جي لاءِ جارحاڻين ۽ خطرناڪ ٽيسٽن جي ضرورت نه رهندي. ڊي سوزا مطابق ٻن کان ٽن سالن ۾ خطري واري ڳڀ لاءِ اهڙيون ٽيسٽون معمول ٿي وينديون ۽ ايندڙ پنجن سالن تائين ڄمڻ وقت ئي ٻارن جي جينياتي ترتيب سازي ڪئي ويندي. ان عرصي ۾ ڪينسر جي جنيوم جي ترتيب پڻ معمول ٿي ويندي ۽ هڪ ڏهاڪي ۾ ئي ڪينسر هڪ موتمار مرض بدران موذي مرض ٿي ويندو.

30-April-2015 29

سڀ ڪجهه ترتيب ۾ آهي

2015ع ۾ ترتيب سازي مان فائدو کڻڻ جي ڊوڙ ۾ نوان گروپ شامل ٿي ويندا. فارينسڪ ماهرن کي اهو ادراڪ ٿي ويندو ته اصل هنڌ تان گڏيل محلولن جي هڪ نموني مان ڪيترن ئي ماڻهن جي سڃاڻپ ممڪن آهي. ڪسٽم اختيارين کي جهنگلي جيوت جي تحفظ بابت قانون لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ملندي جڏهن اهي ڪنهن به جانور جي کل جي نموني جي ترتيب سازي سان اهو ٻڌائڻ جا قابل ٿي وڃن ته اهو چمڙو قانوني آهي يا نه. 2015ع ۾ آفريڪا ۾ هٿرادو ترتيب سازي جي هڪ يونٽ جو گشتي تجربو شروع ڪيو ويندو جنهن مان مليريا خلاف جنگ ۾ مدد ملندي. هٿ ۾ جهلي ويندڙ Q-POC نالي هي مشين صرف 15 منٽن ۾ رت جي هڪ ڦڙي جي جاچ ڪري مخصوص جيوڙي جي سڃاڻپ ۽ دوا جي مزاحمت جي ممڪن سطح بابت ٻڌائي ٿي. اهو تجربو اسپتالن ۾ به ڪيو ويندو جتي رت گهاٽو ڪرڻ جي دوا خلاف مريضن ۾ ڪنهن ممڪن جينياتي تبديلي جي جاچ ڪئي ويندي. هاڻوڪي دريافت مان اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته آنڊن جا بيڪٽريا ٿولهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا جن کي خوراڪ ۾ تبديلي ذريعي تبديل ڪرڻ ممڪن آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪمپنيون انهن بيڪٽيرياز کي وزن گهٽائڻ واري پروگرام طور تي ترتيب ڏيڻ جي آڇ ڪرڻ لڳنديون.

The Economist

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو