Home / اسپيشل افيئر / دبئي 5 ڪروڙ ڊالر کڻي ويندڙ ٻيڙي ڳجهارت بڻيل
above article banner

دبئي 5 ڪروڙ ڊالر کڻي ويندڙ ٻيڙي ڳجهارت بڻيل

 رزاق کٽي

aprl 15 24

ڏاندارين بدران ڊمپرن سان سنڌ جي عوام جو مال ميڙڻ وارو رواج وجهندڙ پيپلزپارٽي هن وقت ٻه طرفي بحران جو شڪار آهي، اهي ٻئي بحران عوام يا سندس ڪارڪنن سان نه پر پارٽي قيادت سان لاڳاپيل آهن، جن ۾ پهريون بحران اهو آهي ته جيڪو مال ميڙيو ويو آهي، اهو حفاظت سان پاڪستان مان ڪڍي ڪيئن دبئي پهچائجي ۽ ٻيو بحران اهو آهي ته پارٽي اندر پيدا ٿيل ان سوچ جو ڪيئن خاتمو ڪجي جيڪا بلاول ڀٽو جي حوالي سان پيدا ٿيل آهي، ته هو ڪاوڙيل آهي، پارٽي لاڙڪاڻي بدران هاڻي نوابشاهي ٿي وئي آهي، سنڌ ۾ هاڻي ڪوبه اهڙو فرد يا ادارو ناهي جتي فريادي ماڻهو وڃي دانهين. ذريعا ان ڳالهه تي بضد آهن ته ايم ڪيو ايم کانپوءِ هنن جو وارو آهي، ڇاڪاڻ ته رڳو هڪ طرفي صفائي سان ڪم نه هلندو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته ممڪن آهي ته ان عمل خلاف عوام ۽ پارٽي پاران اهڙو ڪو اثرائتو ردعمل نه اچي، پر سچ اهو آهي ته ان جو فائدو انهن ئي ڌرين کي ٿيندو جيڪي سدائين جمهوريت کي پاڻ لاءِ خطرو سمجهن ٿيون.

پيپلزپارٽي 2018ع وارين چونڊن مان به مايوس

تازو پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پنهنجي پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نابالغ قرار ڏيندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي جواني ۽ سياست جي مئچورٽي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون پيا. 9 اپريل تي زرداري صاحب جي ڏنل ان بيان بعد هڪ بيان ٻيو به جاري ڪيو ويو ته بلاول ڀٽو زرداري کي اوورسيز جا پارٽي معاملا ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ملڪي معاملا شريڪ چيئرمين سنڀاليندو، ان مان واضح ٿي ويو آهي ته بلاول ڀٽو جي فلحال پاڪستان واپسي جا امڪان نظر نٿا اچن. بلاول ڀٽو کي هٿ وٺي ان ڪري ٻاهر روانو ڪيو ويو آهي ته هن زرداري صاحب لاءِ مسئلا گهٽ ڪرڻ بدران وڌائڻ شروع ڪيا هئا، ان ڪري هن سمجهيو پئي ته بلاول جي پاڪستان ۾ موجودگي ڪنهن به صورت ۾ پارٽي بدران شريڪ چيئرمين لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي سگهي پئي. ڇاڪاڻ ته جارحاڻي پاليسي مفاهمتي پاليسي جي مڪمل ابتڙ هئي، بلاول انهن سمورين ڌرين خلاف هو جن سان سندس پارٽي جو شريڪ چيئرمين ڦٽائڻ نه پيو چاهي، ٽين ڳالهه اها آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي اڻ اعلانيل اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته 2018 ۾ وفاقي حڪومت ۾ سندس ڪٿان ڪو حصو نه هوندو، جڏهن ته وزيراعظم ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 35 سال ڄمار گهربل آهي، ان ڪري ان عرصي دوران بلاول ڀٽو جي ڄمار ايتري نه هوندي، ان ڪري 2023 ع ۾ ئي بلاول ڀٽو وزيراعظم ٿيڻ جي ڄمار کي پهچي سگهي ٿو. پارٽي ذريعا ٻڌائين ٿا ته 2018ع جي چونڊن ۾ کين ڪوبه آسرو ناهي، ان ڪري بلاول ڀٽو ئي فلحال پاڪستان جي سياست ۾ شامل ڪرڻ پارٽي جي مفادن ۾ ناهي، پارٽي جي اڳواڻن جو موقف پنهنجي جاءِ تي پر سوال هي آهي ته لُٽ مار جي ان پاليسي دوران سنڌ تائين محدود ٿيل پارٽي پنهنجي وجود جو به دفاع ڪري سگهندي جنهن کي هن وقت ان ڳالهه جو غرور آهي ته سنڌ ۾ ڪابه اهڙي سياسي قوت ناهي جيڪا کين پريشان ڪري سگهي، ممڪن آهي ته هو پنهنجي طور تي درست تجزيو ڪندا هجن، پر سياسي سائنس ان تجزئي کان مڪمل انڪاري آهي. جڏهن ته هر ڏينهن تي تبديل ٿيندڙ پاڪستان جي صورتحال ۾ ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته جيڪو ڀڳل ٽٽل نظام هن ملڪ ۾ موجود آهي اهو جاري به رهندو يا نه؟ خاص ڪري سياسي ڌرين ۽ جمهوريت جي علمبردارن جي لڇڻن جي ڪري غير جمهوري قوتن لاءِ رستا وڌيڪ هموار ٿين ٿا.

اها ٻيڙي ڪنهن جي آهي؟

14 مارچ تي دبئي ويندي گرفتار ٿيل 22 سالن جي ماڊل ايان علي هن وقت پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري حلقن ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي، ايان علي 5 لک آمريڪي ڊالر غير قانوني طور کڻي وڃي رهي هئي، ته کيس بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئر پورٽ تي ايف آءِ اي گرفتار ڪيو هو، اطلاع آهن ته گرفتاري کان اڳ ۾ هوءَ 41 دفعا اڳ ۾ به ايتري رقم دبئي منتقل ڪري چڪي هئي. انتهائي پوش زندگي گذاريندڙ ايان علي لاءِ چيو وڃي ٿو ته پاڪستان جي هڪ اهم شخصيت هن جي ادائن کان متاثر ٿيڻ بعد مٿس مهربان هئي، تازو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ايان علي کي ڀاڀي ايان علي قرار ڏنو هو، هن جو اشارو ڪنهن ڏانهن هو، اهو هر ڪو سمجهي سگهي ٿو. ڪراچي ۾ ڪريڪ وسٽا ٽاور نالي هڪ شاندار رهائشي اپارٽمينٽ آهي، جتي لڳل لفٽ هر گهر ڌڻي جي گهر جي دروزاي جي سامهون کلي ٿي، اطلاعن موجب ان عمارت ۾ هڪ فليٽ جي قيمت 10 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، ذريعا ٻڌائين ٿا ته گرفتاري کان اڳ ۾ ايان علي هڪ رات مدهوشي واري حالت ۾ 2 کان 3 وڳي ڌاري پنهنجي يا پنهنجن جي فليٽ تي وڃڻ لاءِ پهتي. گن مين ساڻس گڏ هئا، عمارت جي حفاظت لاءِ موجود محافظن هٿيارن سميت ايان علي جي محافظن کي لفٽ ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه ايان علي جي شان جي خلاف هئي، ايان علي ان وقت ڪنهن کي فون ڪيو، ڪجهه دير بعد ذري گهٽ هڪ ڊزن پوليس موبائلون سپاھ سميت پهتيون، ان بعد عمارت جي محافظن مٿان نه رڳو غير انساني تشدد ڪيو ويو پر کين اها به هدايت ڪئي وئي ته ايان علي کي هاڻي ڪير به نه روڪيندو. ايان جي گرفتاري بعد حيران ڪندڙ ڳالهه اها سامهون آئي ته سندس فون جي ڊيٽا مڪمل طور تي ڊليٽ ڪرائي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ خيبر پختون خواھ جي هڪ شخصيت وٽ ان موبائل فون نيٽ ورڪ جو لائيسنس آهي، ڪمپني جي مالڪ کي هدايت ڪئي وئي ۽ ان بعد ايان جي فون جي ڊيٽا صاف ٿي وئي ، جنهن کانپوءِ فون نمبرن ذريعي ان ماڻهو تائين پهچڻ ممڪن ناهي ، جيڪو ايان علي سان ان معاملي ۾ لاڳيتو رابطي ۾ هو. هن معاملي ۾ سڌي ريت پاڪستان جا ڳجها ادارا جاچ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پرديدارن لاءِ مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته وچ اپريل ڌاري ڪراچي جي سامونڊي حدن ۾ پاڪستان جي هڪ سيڪيورٽي اداري سمنڊ ۾ هڪ ٻيڙي تي ڇاپو هنيو آهي، جيڪا 5 ڪروڙ ڊالر کڻي دبئي وڃي رهي هئي، ان ڇاپي دوران 8 ماڻهو به گرفتار ٿيا آهن، جن کي تحويل ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ذريعا اهو به ٻڌايئن ٿا ته انهي ڊالرن جي اسمگلنگ جو لنڪ ايان علي ڪرنسي اسمگلنگ سان ڳنڊيل آهي.

رزاق کٽي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو