Home / سنڌ افيئر / دل جي تھخاني مان ڪراچيءَ جي مالڪي ڪيئن ڪجي؟
above article banner

دل جي تھخاني مان ڪراچيءَ جي مالڪي ڪيئن ڪجي؟

نصير اعجاز

aprl 15 36

منھنجو گذريل ليک “اچو ته ڪراچيءَ جي مالڪي ڪريون” پڙھي ڪيترن ئي دوستن سوال ڪيو آھي ته ڪراچيءَ جي مالڪي ڪيئن ڪجي؟ مونکي اھو سوال ڏاڍو عجيب لڳو. بلڪل ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ڪنھن گھر جو مالڪ پنھنجي گھر ۾ ويٺل ھوندي به پريشان ٿي پُڇندو ھجي ته مان واقعي ھن گھر جو مالڪ آھيان؟ جيڪڏھن مالڪ آھيان ته مالڪي ڪيئن ڪريان؟ پر پنھنجي گھر جي حوالي سان عملي طور مون اھڙي صورتحال ڪانه ڏٺي آھي. اسان انفرادي طور وڏا سگھارا آھيون ۽ پنھنجي ذاتي ملڪيت کي بچائڻ لاءِ انتھائي قدم به کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آھيون، پر بدقسمتيءَ سان اجتماعي مفادن ۽ ملڪيت جي بچاءَ مھل ٻه قدم پُٺتي ھٽي ويندا آھيون. بلڪل اھا ئي رَوش اسان جي ڪراچيءَ جي حوالي سان آھي. ڪراچيءَ کي اسان پنھنجي اجتماعي ملڪيت ته ٺھيو انفرادي ملڪيت سمجھڻ لاءِ به تيار ناھيون. جيڪڏھن اسان ڪراچيءَ کي پنھنجي ملڪيت سمجھون ھا ته ڪراچيءَ جي مالڪي ڪيئن ڪجي جھڙو سوال نه پڇيو وڃي ھا.

اسان اڃا ان سوال تي اٽڪيا پيا آھيون ته پنھنجي ملڪيت جي مالڪي ڪيئن ڪجي پر ڌارين ماڻھن گھڻو اڳ کان ھن شھر جي مالڪي جي دعوى ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ھئي. اسان کي انھن ڌارين پاران گذريل ڪيترن ئي ورھين کان ملھائجندڙ ميلا “ميرا ڪراچي” نه وسارڻ گھرجن. انھن ميلن ڪنھن سنڌي فرد توڙي ڪنھن تنظيم کي اُتساھه ڪونه ڏنو ته اھي به “منھجي ڪراچي” جو نعرو ھڻي ڪو اھڙو ميلو مچائين جنھن سان ڪراچيءَ تي مالڪيءَ جي دعوى ڪندڙ ڌارين کي نياپو وڃي ته ڪراچيءَ جا اصل مالڪ اڃا جيئرا ويٺا آھن.

مان ان سوال جو جواب لکڻ وارو ئي ھئس ته Open Society Initiative for West Africa پاران ھڪ اِي ميل پھتي جنھن منھجي دل ۽ دماغ جون ڳڙکيون کولي ڇڏيون. اھا اِي ميل آفريڪي ملڪن بينن، لائبيريا، نائجير، نائجيريا، سينيگال، ٽوگو  ۽ ڪوٽ ڊي وائر جي انھن ٻاويھه نوجوان شاعرن ۽ دانشورن جي ھڪ گروپ بابت ھئي جيڪو سينيگال جي ساحل کان ميل کن پري ھڪ ننڍڙي “گورِي” ٻيٽ تي گڏ ٿيو ھو. ھنن ان ٻيٽ تي چار ڏينھن گھاريا جنھن کي يونيسڪو عالمي ورثي جي حيثيت ڏني ھئي ۽ جتي فقط ھزار کن ماڻھو آباد ھئا ۽ ڪا به موٽر ڪار ڪانه ھئي. آفريڪي شاعرن ۽ دانشورن چار ئي ڏينھن مڌُ پي مدھوش ٿي ڪونه گذاريا. ھنن پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ شاعري ڪئي جنھن جو موضوع ھو آفريڪا لاءِ سوچڻ يا نئين سر سوچڻ Rethinking Africa. ھنن ٽولا ٺاھي بحث مباحثا ڪري پنھنجي ڌرتيءَ جي هاڻوڪين حالتن جو جائزو ورتو ته جيئن ڪا تبديلي آڻڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاھي سگھجي. سندن چوڻ ھو ته  Rethinking  Africaجو مقصد آفريڪين جي حالتن کي سمجھڻ ۽ سندن مسئلن جو حل ڳولڻ آھي. “اسان آفريڪا جي ادبي روايتن جي اُجھامندڙ لاٽ کي ٻارڻ لاءِ گڏ ٿيا آھيون ته جيئن فن، ادب ۽ ثقافت توڙي اظھار جي آزاديءَ واڌ ويجھه ٿي سگھي،” شاعرن ۽ دانشورن جو چوڻ ھو.

انھن آفريڪين ۾ ڪي ته شاعريءَ جي لحاظ کان بنھه ڪورا ھئا.  ڪو بايو ٽيڪنالاجسٽ ھو ته ڪو انجنيئر ھو، پر اھي سڀ روزانو ڏھه ڪلاڪ مٿا ڪُٽ ڪندا ھئا. نيٺ شاعري جُڙندي وئي جنھن کي ھو ڪپڙن جي ٽُڪرن تي لکندا ھئا. آخري رات ھنن مختلف شعرن کي آخري شڪل ڏئي مشاعرو ڪيو ۽ شاعري لکيل ڪپڙن جي ٽُڪرن کي پاڻ ۾ پِنن سان سبي ان کي “اوڀر آفريڪا جي شاعريءَ جو جھنڊو” جو نالو ڏنو. آفريڪي شاعريءَ جو اھو يادگار جھنڊو ھاڻي گوري ٻيٽ جي تاريخي ميوزم ۾ ھڪ مھيني جي نمائش لاءِ رکيو ويو آھي جنھن کي بعد ۾ گوري انسٽيٽيوٽ ۾ محفوظ ڪيو ويندو. “شاعري ان تِکي تلوار جيان ھوندي آھي، جنھن سان مشڪل کان مشڪل مسئلن جي شڪل ۾ آڏو ايندڙ راڪاسن کي ڳڀا ڳڀا ڪري سگھون ٿا،” نوجوان آفريڪين جي ٽوليءَ مان ھڪ بريٽن باچ شاعري ڪرڻ جو جواز ٻڌايو. “ممڪن آھي ته اسان جا ڀڳل ٽٽل ۽ اُبتا سُبتا لفظ شاعريءَ جي رمزن تي پورا نه لھندا ھجن، پر اسان جون سوچون ۽ خيال آفريڪي کنڊ جي پاليسي ٺاھيندڙن لاءِ ڪارگر ٿي سگھن ٿا،” ھن چيو.

سندن شاعريءَ ۾ پنھنجي ڌرتيءَ آفريڪا لاءِ، آفريڪا جي مختلف شھرن لاءِ پيار ۽ مالڪيءَ جو اظھار ھو. نائجيريا مان آيل 24 سالن جي ھڪ نوجوان شاعر بينگا ايڊيسينا “آفريڪي شھر سان ڪيئن پيار ڪجي” How  to Fall in Love with an African Cityجي عنوان سان ھن ريت شاعري ڪئي :

وقت ايندو منھنجا پيارا دوست، توکي به خبر پوندي ته

پنھنجي شھر لاءِ پيار تنھنجي من ۾ سُڪل پنن جي ھلڪي آھٽ

جيان ڪيئن ٿو جنم وٺي

نيروبي، ابُوجا ۽ ڊاڪار ڪنھن عاشق جي گيت جيان

تنھنجي پاسراٽين اندر ھلچل مچائيندا

اڪره، ھراري ۽ پورٽ نووو پاڻ ئي

تنھنجي خول اندر پنھنجي جاءِ ٺاھيندا

ڄاڻان ٿو ته اسان جي اکين ۾

ڊيڄاريندڙ يادون ۽ ڊپ ڀريل آھن

۽ سمجھين ٿو ته ھتي صرف آنڌيون ۽ انڌيرا ئي ملڻا آھن

پر منھنجا دوست تون وري آبدجان، ياموسوڪرو، ڪگالي، لوونڊا ۽ لاگوس اچ

اھي شھر تولاءِ گيت ڳائيندا

ھتان جون ڳليون، ھتان جون پيليون گاڏيون

تولاءِ نيون ڪھاڻيون لکنديون

ھتان جا شاپنگ مال مُرڪون وکيري تنھنجو آڌُر ڀاءُ ڪندا

۽ ھتان جا اجنبي لڳندڙ ماڻھو کن پل ۾ تنھنجا يار ٿي ويندا

وقت ايندو منھنجا پيارا دوست، توکي خبر پئجي ويندي

ته ڪيئن ڪنھن شھر لاءِ پيار تنھنجي من ۾

سُڪل پنن جي نرم چُرپُر جيان جنم وٺندو

اھي شھر پيار مان تنھنجو ھٿ جھليندا

توکي پيار ڪندا ۽ تنھنجي من کي کل خوشيءَ جي

خزانن سان سرشار ڪندا

آفريڪي شاعرن ۽ دانشورن جا اھي ويچار ۽ شاعري پڙھي منھنجي من ۾ به اھي ويچار اُٿڻ لڳا ته اسان جا شاعر ۽ دانشور به ڇونه اھڙي تاريخي ۽ يادگار محفل ڪراچيءَ ۾ مچائين جنھن جو عنوان ھجي Rethinking Sindh  يا Rethinking Karachi ۽ پنھنجي سنڌ پنھنجي شھرن ۽ خاص طور ڪراچيءَ جي حالتن تي غور ويچار ڪري شاعري ڪن ۽ وقت ۽ حالتن جي آنڌين ۾ سنڌين اندر جھڪي ٿي ويل جوت کي نئين سر جاڳائين. تازو سنڌي ادبي سنگت گلشنِ حديد پاران نيشنل ميوزم ڪراچيءَ ۾ چيٽ جو مشاعرو ڪوٺايو ويو ھو جنھن ۾ سڄي سنڌ مان شاعر اچي مڙيا ھئا. اھڙو ئي ميڙاڪو سنڌي ادبي سنگت پاران ڪراچيءِ جي مالڪيءَ بابت به ٿيڻ گھرجي ۽ ان مشاعري جو محور ڪراچي ھجڻ گھرجي. سنڌ جي شاعرن ھر قومي تحريڪ ۾ سدائين اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ جي تاريخ اھڙن شاعرن جي لازوال ڪردار جي امين آھي. اڄ به سنڌ انھن شاعرن کي سڏي پئي ته اچو پنھنجي قوم منجھه پنھنجي ڌرتي ۽ پنھنجي شھرن جي مالڪيءَ جو احساس جاڳايو. مونکي يقين آھي ته ماضيءَ جيان ھاڻ به سنڌي شاعري پنھنجي قوم جي رڳن ۾ رت جي گردش کي تيز ڪري ڇڏيندي ۽ تکي تلوار جيان ھر قسم جي راڪاس کي ڳڀا ڪري وجھندي.

ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو تعداد بي حساب آھي. اھي وڏي انگ ۾ روزگار، ڪاربار ۽ نوڪرين سانگي آيا آھن. سندن آمد اڃا به جاري آھي. ڪراچيءَ ۾ سندن آمد ۾ ڪنھن به سياسي پارٽي يا قومپرست تنظيم جو ھٿ ڪونھي. سنڌ جون اقتصادي ۽ سماجي حالتون کين پنھنجا ڳوٺ، وستيون واھڻ ۽ شھر ڇڏي ڪراچيءَ ڏانھن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪندا رھيا آھن. انھن منجھه اھو احساس پيدا ڪرڻو آھي ته ڪراچي سندن شھر آھي، تنھنڪري ھُو پنھنجي ويڳاڻپ ختم ڪن ۽ پنھنجي شھر جي مالڪي ڪن. جڏھن اھا ويڳاڻپ ختم ٿيندي ته اڃا وڌيڪ سنڌي ھتي ايندا ۽ سندن وجود نظر ايندو. پوءِ سڀني کي محسوس ٿيندو ته ڪراچي ڪنھن ٻئي جو نه پر سندن پنھنجو شھر آھي. ڏسون ته سنڌ جا شاعر ڪڏھن ٿا ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿين ۽ ڪراچيءَ بابت شاعريءَ جو جھنڊو تيار ڪن. ڪراچيءَ جي مالڪيءَ بابت اھڙن مشاعرن، ادبي ۽ ثقافتي ميڙاڪن جو سلسلو ھن شھر ۾ سنڌين جي اوپرائپ کي ختم ڪندو ۽ ڪراچيءَ جي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺڻ لاءِ اُتساھڻ سان گڏ ٻين سنڌين کي به ھتي ڇڪي آڻڻ ۽ اڳتي ھلي شھر جي سياسي اقتدار کي پنھنجي وس ڪرڻ واري عظيم مقصد ڏانھن اھم وِک ثابت ٿيندو.

(خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيل)

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو