Home / اسپيشل افيئر / زرداري، الطاف حسين سان گڏجي ملڪ رياض ذريعي سنڌ نيلام ڪري رهيو آهي، سنڌي ريڊ انڊين بڻجي ويندا
above article banner

زرداري، الطاف حسين سان گڏجي ملڪ رياض ذريعي سنڌ نيلام ڪري رهيو آهي، سنڌي ريڊ انڊين بڻجي ويندا

Aajiz Jamaliسنڌ جو اڳوڻي گهرو وزير ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اهم اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هڪ دفعو وري ميدان تي لٿل آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداريءَ جي پڳمٽ يار ڊاڪٽر مرزا ڪرپشن جا اُهي کاتا کولي ڇڏيا آهن، جيڪي اڳتي هلي پيپلز پارٽي جي هاڻوڪن وزيرن لاءِ “موت جو کوهه” به ثابت ٿي سگهن ٿا. ڇو ته ملڪ جي نئين سياسي منظر نامي ۾ پيپلز پارٽي زوال ڏانهن ويندي نظر اچي رهي آهي. پيپلز پارٽيءَ منجهه رڳو ذوالفقار مرزا ئي نه پر ٻين کوڙ اهم اڳواڻن جا اختلاف به سامهون اچي رهيا آهن. ڊاڪٽر مرزا ۽ آصف زرداريءَ وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ جون ڪوششون هلندڙ آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان نئين صورتحال بابت ڏاڍي تفصيلي ڪچهري ٿي. آف دي رڪارڊ ڳالهين کي ڇڏي رڪارڊ تي آيل ڪچهريءَ کي انٽرويو جي صورت ۾ “افيئر” جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.

افيئر: اوهان جو اختلاف ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين سان هو پوءِ اوهان اوچتو پيپلز پارٽيءَ خلاف ميدان تي اچي ويا؟

مرزا: نه پيپلز پارٽيءَ خلاف نه- مان پيپلز پارٽيءَ اندر ان ڪرپٽ مافيا خلاف آواز اٿاريو آهي، جنهن ڪرپشن خاطر ئي ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪري سنڌ کي معاشي طور نه رڳو تباهه ڪيو بلڪه مونکي خوف آهي ته ڪجهه سالن کانپوءِ سنڌ جي شهرن ۾ سنڌين جي حالت “ريڊ انڊين” جهڙي هوندي. زرداري ٽولي سنڌ کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جون زمينون، ملڪيتون، سنڌ جا وسيلا، وڪڻي هي “مني لانڊرنگ” ذريعي پئسا دبئي، جرمني، لنڊن، ڪينيڊا، الائي ڪٿي ڪٿي منتقل ڪن پيا. مان ڪالهه به ايم ڪيو ايم جي خلاف هئس، اڄ به انهي جي خلاف آهيان، منهنجي ڳالهين کي صولت مرزا سچ ثابت ڪيو آهي. لنڊن ۾ الطاف حسين خلاف انڪوائري مون شروع ڪرائي ۽ انشاءَ الله الطاف حسين کي انهيءَ جي منطقي انجام تائين پهچائيندس  پر الطاف حسين ۽ آصف زرداري ٻئي سنڌ کي لٽڻ ۾ برابر جا شريڪ آهن ته پوءِ مان آصف زرداريءَ کي ڇو ڇڏيان. آصف زرداري بظاهر وڏيون قوم پرستي جون ڳالهيون ڪندو آهي پر حقيقت ۾ هن سڄي سنڌ ٻاهران آيل ماڻهن کي وڪڻي ڇڏي آهي. بحريا ٽائون نه رڳو ڪراچي پر سڪرنڊ ۾ به ڌارين کي آباد ڪري رهيو آهي. ايئن ئي ذوالفقار آباد آهي ائين ئي ٻيا منصوبا آهن جيڪي اسان سنڌين لاءِ ناهن، اسانجي ٻچن جي مستقبل ۾ اونداهه آهي، تباهي آهي، هي سڀ ڪجهه پيپلز پارٽي جي نالي تي ٿي رهيو آهي. پيپلز پارٽي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جاگير ناهي، پيپلز پارٽيءَ لاءِ سنڌ جي لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون. اسان جيل ڪاٽيا روپوشيون اختيار ڪيون. بينظير ڀٽو شهيد ٿي وئي، هنن کي ڪمائڻ جو رستو ملي ويو. هي مونکي مارائڻ چاهين ٿا، مان هنن کي هاڻي ڪو نه ڇڏيندس، هر ڳالهه قسم ساک ۽ ثبوتن سان آڻيندس. مان هنن کي چوان ٿو ته منهنجي باري ۾ هي چمچا وزير سوچي سمجهي ڳالهائن، مون وٽ سڀني جي ڪرپشن جا ثبوت آهن. پوءِ انهن ثبوتن سبب هي جيل وڃن يا ڦاهي چڙهي وڃن مان ذميوار ناهيان. هنن سنڌ جي غريب ماڻهن جي دوائن جا پئسا، اسڪولن جا پئسا، روڊن رستن جا پئسا، پيئڻ جي پاڻي جا پئسا هضم ڪري ڇڏيا، اوهان ڏسجو ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جا ماڻهو هنن ڪرپٽ وزيرن کي جوتا هڻندا ۽ مڪاني اليڪشن به هارائي ويندا.

30-April-2015 22

افيئر: ڊاڪٽر صاحب ان سڀ ڪجهه جو ذميوار ڪير آهي؟

مرزا: ذميوار “ادو” ۽ ادي آهن، جن ملڪيتون ٺاهڻ لاءِ سڄي سنڌ ڪابينا ۽ سڄي پارٽي کي ڌنڌي تي لڳائي ڇڏيو. جيڪو به هنن جي ڌنڌي جي مخالفت ٿو ڪري هي انهي کي ٿڏا هڻي سائيڊ لائين ڪري ٿا ڇڏين. جيڪو هنن کي وڌيڪ ڏوڪڙ ڪمائي ٿو ڏئي هي انهن کي اڳيان ٿا ڪن. وزارتون، نوڪريون، آفيسريون سڀ ڪروڙن تي وڪامن ٿيون. هنن کي خدا جي مار پوي “ڀنگي” جي نوڪري به هنن پئسن تي کپائي، پوءِ سنڌ ۾ غريب جي ٻار کي ڇا ملندو. ادو ۽ ادي پيپلز پارٽي جي تباهيءَ جا ذميوار آهن  ۽ مونکي جهڙي ريت ڌمڪيون ملن پيون، جهڙي ريت مون کان سيڪيورٽي واپس ورتي وئي مان لکت ۾ وصيت ٿو ڪريان ته منهنجي جان کي خطرو ٿيو، مونکي قتل ڪيو ويو ته ان جا ذميوار زرداري، فريال ٽالپر، قائم علي شاهه ۽ انور مجيدهوندا.

افيئر: ڊاڪٽر اوهان انور مجيد جو اڪثر نالو وٺو ٿا، هي ڪير آهي؟

مرزا: انور مجيد اڄڪلهه آصف زرداريءَ جو رحمان ملڪ ۽ ڊاڪٽر عاصم کان وڌيڪ خاص ماڻهو آهي، بنيادي طور تي هي آصف زرداريءَ جي هڪ پراڻي دوست عارف مجيد جو ڀاءُ آهي. عارف مجيد ۽ آصف زرداريءَ هتي گڏجي پنهنجي عياشين لاءِ بنگلو ورتو هو. انور مجيد دبئي بئنڪ جي ڪراچي برانچ ۾ مئنيجر هو ۽ ان بئنڪ مان سڀ کان پهرين قرض وٺي آصف زرداري هنن سان گڏجي “ٽريڊ ٽاور” جو پراجيڪٽ شروع ڪيو هو. ان کانپوءِ هي هميشه لاءِ زرداري جو بزنس پارٽنر بڻجي ويو. اڄڪلهه انور مجيد سنڌ جون سموريون شگر ملون، زرداريءَ لاءِ خريد ڪري رهيو آهي، سڄي سنڌ ۾ زميندارن کان زمينون خريد ڪري رهيو آهي جتي به ڪا سٺي زمين ڏسن ٿا اها خريد ڪرڻ چاهين ٿا.

افيئر: ڇا انور مجيد اوهان کان به شگر مل خريد ڪئي؟

مرزا: منهنجي شگر مل تي بئنڪ جو ڪو به قرض ڪونهي، هنن هڪڙي شگر مل تي قبضو ڪيو آهي ٻي  پنگريو شگر مل آهي جيڪا منهنجي خاندان جي آهي. ان جي بورڊ آف ڊائريڪٽر ۾ منهنجي خاندان جا ڀاتي شامل آهن، اها به ڦٻائڻ ٿا چاهين ان لاءِ هيسائي رهيا آهن. هڪ چمچي ڪمال چانگ ذريعي منهنجي زمين تي قبضا ڪرڻ ٿا چاهين پر هنن کي ڀُل آهي، آصف زرداري مونکي چڱي طرح سُڃاڻي ٿو ان ڪري پاڻ ميدان تي ڪو نه ٿو اچي. ننڍڙا ننڍڙا “ٽٽون” منهنجي پٺيان لڳائي ڇڏيا اٿس پر ذوالفقار مرزا مرڻ کانسواءِ انهن ٽٽوئن آڏو جُهڪڻ وارو ناهي. مون وٽ انهن سڀني جي ڪرپشن جا ثبوت پيا آهن. آصف زرداريءَ کي سندس ماءُ پيءُ کان به وڌيڪ مان ٿو سڃاڻان، مون ان سان گڏ 25 سال گذاريا آهن. محترما به هن کي ڪو نه سڃاتو محترمه ۽ آصف وچ ۾ ته طلاق جي نوعيت تائين ڳالهه پهچي وئي هئي. خدا معاف ڪري اسان وڃي محترمه جي آڏو آصف لاءِ ڪوڙا قسم کڻندا هئاسين. اسان سچ ته آصف جي دوستيءَ جي ڪري وڏا گناهه ڪيا. اسانجو مٿس عقيدي جي حد تائين اعتماد هو پر محترما جي شهادت کانپوءِ جيئن اسانجي حڪومت آئي، جيئن ئي آصف ملڪ جو صدر بڻجي ويو، هن ملڪي ۽ غير ملڪي سطح تي اهڙا فيصلا ڪيا جيڪي سنڌ جي بلڪل خلاف هئا. مان جيستائين “هوم منسٽر” هوس تڏهن به کوڙ شين جي مخالفت ڪندو هوس. هي سڀ جيڪي چمچا اڄڪلهه بڪ بڪ ڪري رهيا آهن انهن کان پڇو ته آصف جي سامهون ڪو ڳالهائيندو هئو؟ صرف هڪڙو ماڻهو ڳالهائيندو هو جيڪو ذوالفقار مرزا هو. جنهن سبب آصف مونکي اڪثر چوندو هو تون ماٺ ڪري ويهه.

افيئر: اوهان پيپلز پارٽي جي وزيرن تي الزام هڻو ٿا اوهان وٽ ڪهڙا ثبوت آهن؟

مرزا: ادا، مون وٽ سمورا ثبوت آهن پر مان هنن سڀني کي ذاتي طور سُڃاڻان ٿو هي هر حوالي سان ڪرپٽ آهن، اخلاقي طور يا مالي طور هي ڪرپٽ آهن. هي صرف آصف ۽ فريال کي خوش ڪرڻ ۽ پاڻ لاءِ پئسا ڪمائڻ ۾ سرگرم آهن. شرجيل ميمڻ، مڪيش چاولا، ممتاز جکراڻي، امداد پتافي، طارق مسعود آرائين، کان وٺي ڪمال چانگ تائين، ڪمال چانگ کان وٺي قائم علي شاهه تائين سڀني جا ڪارا چٺا مون وٽ آهن. دستاويزي ثبوت آهن. جن جي بنياد تي هي سڀ سزائون کائي ويندا، جيل هليا ويندا، هي ڪي ايڏا مڙس ماڻهو آهن ڇا جو الطاف حسين کان وڌيڪ سگهارا هجن. ڏسجو فريال ٽالپر هنن کي بچائڻ ايندي، هي سڀ ڀڄي ويندا. هنن کي ڀڄڻ ڪو نه ڏيندس. مون سنڌ سرڪار کي وارننگ ڏني آهي. ڪرپٽ آفيسرن ۽ ڪرپٽ وزيرن خلاف جڏهن ميدان تي لهندس ته سنڌ جا هزارين ماڻهو مون سان گڏ هوندا. هنن کي منهن لڪائڻ جي جاءِ به ڪا نه ملندي.

افيئر: ڊاڪٽر اوهان تي پيپلز پارٽي وارا الزام ٿا هڻن ته اوهان ڳجهن ادارن جي هٿن ۾ استعمال ٿي رهيا آهيو؟

مرزا: مان جڏهن هوم منسٽر هوس ته آصف زرداريءَ جي مرضيءَ سان آءِ ايس آءِ جي چيف شجاع پاشا سان ملاقات ڪري انهي کي الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن جا ثبوت ڏنا هئا. مون چيو ته هي پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهين ٿا. ايم ڪيو ايم جي سڀني منصوبن جي آصف زرداري کي به خبر هئي پر جڏهن هنن منهنجي ڳالهه نه مڃي مان ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين کي ميڊيا ۾ وائکو ڪيو ته مون سان آصف زرداريءَ جهڳڙو ڪيو. مان سنڌ ۾ “پاورفل” هوم منسٽر هوس مون جيلن ۾ دهشتگردن جون سهولتون ختم ڪيون. عياشيون بند ڪيون. جڏهن فوج به هنن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي مون ايم ڪيو ايم خلاف اعلان جنگ ڪيو. وزارت ڇڏي، پارٽي عهدا ڇڏيا، اسيمبلي جي سيٽ ڇڏي ڏني پر مون پنهنجي جنگ جاري رکي جيڪا دعا آهي ته مرڻ گهڙيءَ تائين جاري رهندي جيستائين ساهه آهي. دعا آهي ته ماڻهو غيرت سان مري اوهان دعا ڪجو، باقي هي ڀاڙيا ڀُتا، ڇا ڪندا، هي سڀ فريال ٽالپر جون جتيون کڻڻ وارا آهن. جيڪي ڪالهه فريال ٽالپر کي “ڦولن ديوي” چوندا هئا اڄ نمبر وڌائڻ لاءِ منهنجي خلاف سڄو ڏينهن بَدشد ڳالهائيندا آهن پر هنن سڀني مٿان منهنجا احسان آهن. قرآن شريف اڳيان رکي اچي مون سان ڳالهائين.

افيئر: اوهان الڳ پارٽي ڇو نه ٿا ٺاهيو، سنڌي قوم پرستن سان اتحاد ڇو نه ٿا ڪريو؟

مرزا: قوم پرست منهنجا ڀائر آهن پر انهن جي پنهنجي سياست آهي مان سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريان پيو، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙ ڌرين کي وائکو پيو ڪريان، قوم پرست ساٿ ڌين گڏجي آواز اٿاري سگهون ٿا پر پيپلز پارٽيءَ اندر لکين ڪارڪن “زرداري ٽولي” کان بيزار آهن مان انهن کي رڻ ۾ اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهان. مان چوان ٿو پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي ته انهي کي قيادت ڏني وڃي. ڪو چيئرمين کي اختيار ئي ناهي ته هو چيئرمين جي خلاف ڳالهائي. اها ته پارٽي ڊسپلين جي ڀڃڪڙي آهي جو ڪو چيئرمين پارٽي چيئرمين خلاف پيو ڳالهائي. اسانجي جنگ ئي ان لاءِ آهي ته پارٽي قيادت بلاول ڀٽو زرداري حوالي ڪئي وڃي. ورڪرز بلاول سان گڏ آهن خود پارٽيءَ جا سينئر اڳواڻ اهو ئي چون ٿا پر انهن ۾ ڳالهائڻ جي همٿ ناهي، هو ڊڄن ٿا ته متان زرداري پارٽي مان ڪڍي ڇڏي پر مان وري به چوان ٿو ته پارٽي زرداري جي جاگير ناهي پارٽي اسان سڀني جي آهي.

aajizjamalijamali@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو