Home / ڪرنٽ افيئر / زرداري-مرزا تڪرار: ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو
above article banner

زرداري-مرزا تڪرار: ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو

Sameerڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان پهرين  ملاقات سندس آفيس يونائيٽيڊ هوٽل بدين شهر ۾ 1995 ۾ ٿي هئي، ساڻس ملاقات کان اڳ هن جي واتان جيڪي لفظ ٻين لاءِ ٻُڌا سي وري ز ندگي ۾ ڪنهن ٻي واتان ڪنن تي نه پيا. مون سان سندس مُلاقات انتهائي شفقت واري رهي. ڪجهه دير پهرين قائم ٿيل تاثر بلڪل ختم ٿي ويو. پر اها ملاقات آخري ئي ثابت ٿي.

مون جيان بدين وارن جا  به هن جذباتي ماڻهو لاءِ الڳ الڳ تاثر آهن. ڪي هن کي بدمزاج وغيره چون ته ڪي هن لاءِ جان قربان ڪرڻ لاءِ به تيار. ڪنهن به ماڻهو جو پٽڪو ڌوڙ ڪندي هي همراهه دير ئي نه ڪري ۽ اها ڳالهه ڪنهن کان لڪل ناهي. پاڻ سان گڏ مرچ کڻي هلندڙ ۽ لوفرن جو ٽولو ساڻ هئڻ ڪري لاڙ پٽ جا اٻوجهه ماڻهو هن کان شايد ئي ڪڏهن جرئت ڪري پڇي سگهيا هُجن ته ڊاڪٽر صاحب اسان جي به ڪا عزت آهي.

هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو ڊاڪٽر مرزا ڪن دڪاندارن جو پٽڪو ڌوڙ ڪيو هجي. ڪنهن هوٽل تي ويهي سرعام ڪن ماڻهن جي لاءِ نازيبا لفظ نه ڪڍيا هجن. هن جي سياسي طاقت جو ڊپ ان ڪري به ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪافي عرصي کان ويٺل آهي جو هي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان خاص طور بدين موڪليو ويو هو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو تعلق بدين سان ناهي پر بدين جي ماڻهن ئي کيس سڃاڻپ ڏني آهي.

30-April-2015 18

ايئن به ناهي ته مرزا هتي جي ماڻهن کي ننڌڻڪو ڇڏيو هجي. هن ۽ سندس زال ڊاڪٽر فهميده مرزا هتي جي ماڻهن کي مختلف اسڪيمن سميت ڪيترن ئي سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون پڻ ڏياريون. فطري، قانوني ۽ اخلاقي طور ته اهو هتان جي ماڻهن جو حق آهي ته جيڪو ڪجهه هنن لاءِ ڪيو ويو ان کي ڳڻايو نه وڃي. ماضي ۾ ڪيل ڪمن ۽ روين سبب بدين تقريبن ٻن حصن ۾ ورهايل آهي.هڪ حصو ڊاڪٽر مرزا سان جذباتي لڳاءُ رکي ٿو. جڏهن ته ٻيو حصو پارٽي سان جڙيل نظر اچي ٿو. جيڪو حصو پارٽي سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو اهو پهرين واري پارٽي قيادت يعني ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو ۽ سندس ٽيم مان ڪنهن به طرح مطمئن نظر نٿو اچي.

“ڊاڪٽر منڌرو ته هميشه بي وس ئي رهيو آهي.” هڪ شهري هڪ جملي ۾ سڀ ڪجهه بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. “هو بيحد شريف ماڻهو هجڻ سان گڏو گڏ انتهائي لائق به آهي پر ان سان عام ماڻهو جو عام مسئلو حل نٿو ٿئي.” هڪ ٻئي شهري تبصرو ڪيو.

سياسي ماڻهن سان وابستگي پهرين ووٽ ۽ پوءِ ڪم جي بنياد تي ئي رکي وڃي ٿي. انهن ڪمن ۾ سرفهرست نوڪري، ڪا اسڪيم يا وري ٻڌرائڻ، ڇڏرائڻ يا ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ آهن. ڊاڪٽر منڌرو اهڙن ڪمن ۾ بيحد ٿڌو ماڻهو آهي، جنهن جو فائدو مرزا ۽ سندس فيملي ڀرپور ورتو.

هي جيڪو چيو وڃي ٿو ته مرزا جا سندس پارٽي سان نظرياتي اختلاف آهن- اهو نسورو ڪوڙ آهي. اختلاف نج ذاتي ۽ مفادن جا آهن. ذوالفقار مرزا بدين ۾ هڪ ننڍي ڪار ۾ آيو، اڄ هو ارب پتي آهي. سندس شگر ملون، زمينون، بنگلا، گاڏيون، بئنڪ بيلنس وغيره- معنيٰ گنج ٺاهيو اٿس. انهيءَ ٺاهڻ واري مرحلي ۾ هن هڪ حصو پنهنجي دوست جو به رکيو. انهيءَ عمل دوران هن بدين مان ڪي ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ کين سياسي ۽ مالي حوالي سان پڻ نوازيو. مال ٺاهڻ ايترو به سولو ناهي. انهيءَ مرحلي دوران من پسند آفيسر پڻ رکرايا ويا. ڪي ذاتي دوست، ڪي ويجها مائٽ پڻ بدين ۾ مقرر ان وقت پڻ ڪيا ويا جڏهن طاقت عروج تي هئي. پنجاهه هزار جي اسٽريٽ لائيٽ جو پول لکن ۾ لڳو. من پسند سنگت کي ڪروڙين روپين جا ٺيڪا ڏنا ويا. آفيسرن جون ٽنگون ٻانهون ڀڃي ويهاريو ويو. سڀ ڪجهه مرضي سان ڪرايو ويو. بئنڪن ۾ اڪائونٽ کليا، رقم ورهائي کاڌي وئي. تڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ هو. پارٽي جي اعليٰ قيادت لاءِ ۽ بدين جي لوڪل قيادت لاءِ پڻ!

ذريعن جو چوڻ آهي ته مرزا جا پهريون ڀيرو زرداري فيملي سان لاڳاپا ان وقت خراب ٿيا جڏهن گهرو وزارت کان سواءِ باقي وزارتون آهستي آهستي واپس ورتيون ويون. معاملو ٿڌو ڪرايو ويو، کيس بدين تائين محدود ڪيو ويو.

“اڳوڻن اختلافن جو سبب اختيارن جو محدود ٿيڻ هو” ڊاڪٽر مرزا جي ويجهي دوست، هاڻوڪي ايم اين اي ۽ ضلعي پارٽي صدر ڪمال چانگ “افيئر” کي ٻڌايو. هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر مرزا جا لڳرايل آفيسر ٻدلي ٿيڻ سان هو چڙي پيو آهي. هن جي مطابق مرزا صاحب پوليس جي پريشر وڌڻ ڪري مختلف ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرائي پيو. “هن سان منهنجي ڪا به ذاتي دشمني ناهي، هو پارٽي ۽ قيادت خلاف ٿو ڳالهائي جيڪا ڳالهه برداشت کان ٻاهر آهي”. ڪمال چانگ پڻ اهو سمجهي ٿو ته ذوالفقار مرزا جي تازي ڪاوڙ جو هڪ ڪارڻ سندس پٽ حسنين مرزا کي وزارت نه ملڻ پڻ آهي. “آءُ هن جي ڏکي وقت جو ساٿي آهيان. روپوشي جي دور ۾ هر ممڪن تعاون ڪيم. سمورن ڪيسن ۾ ضامن پڻ آءُ ئي آهيان.” مون مرزا صاحب جي نوڪر سڏڻ واري ڳالهه جو جواب ڏنو.

مرزا جي هاڻوڪي ڪاوڙ ۽ مسلسل ڪمال چانگ ۽ سندس هڪ ٻئي ويجهي ساٿي داڪٽر عزيز ميمڻ تي ڇتي تنقيد کان پوءِ پارٽي قيادت ڊاڪٽر منڌرو جي جاءِ تي ڪمال چانگ کي پارٽي ضلعي صدر بڻايو آهي ۽ ڊاڪٽر عزيز کي جنرل سيڪريٽري. اهو فيصلو پڻ سياسي نه بلڪه ڊاڪٽر مرزا کي سبق سيکارڻ لاءِ ڪيو ويو.

هڪ طرف مرزا جو سياسي حوالي سان گهيرو تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ٻئي طرف آصف علي زرداري جي نئين ڪاروباري منيجر انور مجيد کي هن پويان لڳايو ويو آهي. هن اچڻ شرط مرزا جي ڪاروبار کي ٺپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي بدين جي ٻن اهم واپاري شخصيتن سان تعلق رکيو ۽ انهن جي معرفت ڊاڪٽر مرزا جي شگر مل کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تاج محمد ملاح ۽ امتياز ميمڻ جا لاڳاپا ڪجهه ئي عرصي ۾ پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سان ويجهڙائپ اختيار ڪري ويا جو انهن کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ شموليت واري تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه کي هدايتون ڏنيون ويون ته اهو اچي کين عزت بخشي.

تقريب جو حاصل مقصد پڻ ذوالفقار مرزا کي ڪاوڙ ڏيارڻ هو. هڪ نياپو اهو پڻ ڏيڻو هو ته جيڪي ٺاهي سگهن ٿا سي ڊاهي پڻ سگهن ٿا. “هتي هميشه ٻاهروارن سياست ڪئي ۽ عام ماڻهن جو استحصال ڪيو” تاج محمد ملاح “افيئر” کي ٻڌايو. “مرزا ڪرپشن جو بادشاهه آهي. هن بدين کي ڦري لٽي ڇڏيو آهي” هن ٻڌايو ته کيس پيپلز پارٽي سان ويجهو آڻڻ ۾ انور مجيد جو اهم هٿ هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هو ۽ امتياز ميمڻ بنا شرط جي پارٽي ۾ شامل ٿيا آهن. “زرداري صاحب ٻڌايو ته بدين جي ترقي لاءِ کوڙ پراجيڪٽ ڏنا ويا” تاج محمد ملاح ۽ سندس ساٿي جلد پارٽي اعليٰ قيادت کي بدين جي مسئلن تي ڪي پروپوزل ڏيڻ جو ارادو رکن ٿا.

اڳوڻو گهرو وزير، متحده کي للڪاريندڙ ۽ آصف علي زرداري جي ويجهي دوست کان ڪمال چانگ، ڊاڪٽر عزيز ميمڻ، تاج محمد ملاح، امتياز ميمڻ وغيره برداشت ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ پارٽي بدين جي ورڪرن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا فرمائشي ماڻهن کي اڳيان آندو آهي، جنهن سبب پڻ مرزا جي حمايت بدين ۾ وڌي آهي. ٻنهي طرفن کان ريلين ڪڍڻ جو سلسلو مسلسل جاري هو. پر 30 اپريل واري بدين ۾ نڪتل ريلي معاملا وڌيڪ بگاڙي ڇڏيا.

ذريعا ٻڌائن ٿا ته پيپلز پارٽي واري سنگت کان اها ريلي هضم نه ٿي. هن ريلي جي هڪ ٻي خاص ڳالهه سامهون آئي آهي ته پاڪستان مسلم ليگ وارن پڻ هن يار جي کُليل سپورٽ ڪئي. “اسان جي ريلي تي مڪمل نظر هئي.” ڪمال خان چانگ ٻڌايو.

ريلي جي ٺيڪ ٽئين ڏينهن صبح جو سوير مرزا جي حمايتي ۽ ان ريلي ۾ پيش پيش رهندڙ نديم مغل کي ڪار چوري ۾ پوليس کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ناڪام بڻائي وئي. اهڙي عمل کان ترت پوءِ مرزا جي حامين ڌرڻو هنيو. مرزا وارثي ڪندي نه صرف ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي پر سوين ساٿين سميت امتياز ميمڻ ۽ تاج محمد ملاح جي دڪانن تي حملا ڪيا. دڪان زوري پڻ بند ڪرايا. قافلو ٿاڻي تي پهتو. اتي به هڪ تماشو ٿيو. سڄي دنيا ڏٺو ۽ ذوالفقار مرزا تي پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي جي ساٿين ڪيس داخل ڪرايا.

اختلاف سياسي هجن ته انهن جو حل پڻ سياسي هجي ته واهه واهه. پر بدين ۾ طاقت جو استعمال ٻنهي پاسن کان ڪيو پيو وڃي. مقامي ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهايو ۽ استعمال ڪيو پيو وڃي. جنهن جو فائدو وري به ٻاهرين کي ٿيندو. مرزا سان لک ماڻهن جا اختلاف صحيح پر نديم مغل لاءِ ايڏو رسڪ کڻڻ کان پوءِ بدين جي ڪيترن ئي نوجوانن هن جي جرئت منداڻي قدم جي ساراهه ڪئي. “ڪو ليڊر عام ڪارڪنن لاءِ ايئن ڪري سگهي ٿو ته ڇو نه ڪارڪن به هن لاءِ جان ڏين” هڪ دوست تبصرو ڪيو. هن جو چوڻ هو ته مرزا جي ايڏي حمايت فطري آهي. “هڪ ته مرزا هتي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ۽ ٻيو ته هميشه هنن وٽ ڪو آپشن ئي ناهي”.

مظاهرن جو جواب مظاهرن سان هئڻ گهرجن- هي نفرت واري سياست بدين جي آئندي لاءِ انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿيندي. سياست ۾ اختلاف جو هرگز مقصد ذاتي دشمني ناهي ۽ نه ئي هئڻ گهرجي.

آصف علي زرداري جي پارٽي جي واڳ سنڀالڻ کان پوءِ واپارين ۽ سڻڀين ڌرين کي پارٽي ۾ نه صرف وڏي جاءِ ڏني وئي آهي بلڪه انهن کي آڏو به آندو ويو آهي. جن ڪوڙا کاڌا، جيل ڪاٽيا، پارٽي لاءِ پنهنجو رت ۽ ست ڏنو اهي ڳولئي نٿا لڀن. موجوده صورتحال مان ته ايئن ٿو لڳي ته پيپلز پارٽيءَ کي صرف “شيئر هولڊرز” جي ضرورت آهي، عام ورڪر، جيالي جي نه.

تاج محمد ملاح جي چونڊن ۾ بيهڻ وقت هڪ تاثر اهو پڻ هو ته بدين جا ملاح ماڻهن کي روڊن تي هلڻ ئي نه ڏيندا. “ايئن ناهي، مون کي ملاحن کان وڌيڪ ٻين برادرين ووٽ ڏنو” تاج محمد ملاح جواب ڏنو.

پر هن سوال جو جواب هو ڪيئن ڏيندو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ شرط هن جي چوڻ تي نه صرف FIRs ڪٽجن ٿيون بلڪه شهر پڻ بند ٿئي ٿو.!!

ٻئي دوست مطابق “مرزا وٽ سياسي ماڻهو گهٽ پر ڏنگا ڇوڪرا وڌيڪ آهن، جيڪا هن جي سياسي ڪيريئر لاءِ چڱي ڳالهه ناهي”.

هڪ ٻئي دوست جو خيال آهي ته ڪمال چانگ به پنهنجا دروازا عام ۽ خاص لاءِ کولي رکيا آهن. “جيڪڏهن پيپلزپارتي ڪمال چانگ کي پڻ ساڳيا اختيار ڏي ٿي ته ماڻهو مرزا کي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڇڏي ڏيندا”

بدين مڪمل طور تي ٻن حصن ۾ ورهايل ٿو لڳي. جيڪڏهن ڪنهن طرح طاقت جو استعمال نه ٿو ڪيو وڃي ته ايندڙ چونڊن ۾ مرزا فيملي ۽ ڪمپني پيپلز پارٽي وارن دوستن کي گولاڙچي، بدين، ٽنڊو باگو ۽ تلهار ۾ ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿي.

پيپلز پارٽي جا سمورا مرد ۽ عورتون اڳواڻ پارٽي نه پر قيادت جو غير فطري ۽ غير سياسي دفاع ڪري رهيا آهن. جيڪو عمل پيپلز پارٽي کي نٿو سونهين. هڪ طرف هو هن کي احسان فراموش ۽ ڪرپٽ چون ٿا پر اهو نٿا ٻڌائين ته هن ڪٿي ۽ ڪيئن ڪرپشن ڪئي. هو اهو پڻ نٿا ٻڌائين ته هن نه صرف پاڻ مال ٺاهيو پر “ٻي سنگت” کي پڻ پَتي پهچائي. ان جو ذڪر ڪير ڪري؟ اسان ته صرف ايترو چونداسين ته “لگي رهو منا ڀائي پارٽي باقي ٿوڙي بچي هي…”

مرزا ۽ سندس ساٿين جو هن وقت به خوف ايترو آهي ته نه ڪو کُلي هن خلاف ڳالهائي ٿو ۽ نه ئي کُلي لکي ٿو. جيڪڏهن واقعي بدين کي تباهه ڪرڻ ۾ هن همراهه جو هٿ آهي ته ڪو جرئت ڪري. نه ته هاءِ ويز، ورڪس اينڊ سروسز وغيره ۾ جن ماڻهن جا نالا ورتا پيا وڃن اهي افسانوي ڪردار ئي ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن واقعي هن پويان ڪي ڳجها هٿ آهن ته انهن کي به وائکو ڪرڻ گهرجي نه ته هر شيءَ ڪامريڊن جيان “سامراج” جي کاتي ۾ وجهي جند نه ڇڏائڻ گهرجي.

چون ٿا ته مرزا جي شگر ملن تي قبضي کان اڳ هتي جي ماڻهن جي پسنديده نوڪري شگر جي هوندي هئي. جڏهن ته ماحولياتي ماهر ڪجهه ٻيو ٿا چون!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو