Home / اسپيشل افيئر / سامونڊي ڪُميون، ختم ٿيڻ جو خطرو!
above article banner

سامونڊي ڪُميون، ختم ٿيڻ جو خطرو!

ناصر علي پنهور

aprl 15 51

سامونڊي ڪُمين جو شمار ڌرتي تي ريڙهيون پائيندڙ اوائلي جانورن ۾ ٿئي ٿو. دنيا ۾ سامونڊي ڪُمين جا 7 قسم آهن، جنهن مان 6 قسم عربي سمنڊ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي سامونڊي سرحدن ۾ ملن ٿا پر آئي يو سي اين جي ريڊ لسٽ مطابق ڪمين جي ڇهن ئي قسمن جي وجود کي شديد خطرو آهي. سامونڊي ڪميون ساحلي ماحولياتي نظام جو اهم حصو آهن ۽ سمنڊ جي ماحولياتي صحت جو اهڃاڻ آهن. سامونڊي ڪمين جي نسل کي جيڪي خطرا درپيش آهن تن ۾ ڪمين جي ماڳن خاص ڪري جتي هو آنا ڏينديون آهن تن علائقن جي بربادي کان سواءِ ڄاڻ جي گهٽتائي سبب ماهيگيري دوران به ڪمين کي مارڻ شامل آهي. ماهيگيريءَ وارن علائقن ۾ وڃڻ ڪري، ڪمين جو وڏو تعداد مڇين جي ڄار ۾ ڦاسي مري وڃي ٿو.

مڇين جي ڄار ۾ ڪمين جو ڦاسي مرڻ ڪمين جي نسل کي هڪ مکيه خطرو آهي. جڏهن ته ڪُمين جي ماڳن جي تباهي به اهم خطرن ۾ شامل آهي. پاڪستان ۾ سامونڊي ڪمين جو ماڳ سنڌ جي ساحلي علائقي هاڪس بي ۽ سينڊز پِٽ کان سواءِ بلوچستان جا ڪجهه سامونڊي علائقا آهن. هتي ڪمين جون ٻه جنسون سائي ڪمي ۽ اولو ردلي ٿين ٿيون. سائي ڪمي سنڌ جي ساحلي علائقي ۾ وڌيڪ تعداد ۾ ٿئي ٿي ۽ تقريباََ سڄو سال آنا ڏئي ٿي. جڏهن ته ڪميءَ جو ٻيو قسم سائي ڪمي جي ڀيٽ ۾ ننڍو ٿئي ٿو ۽ ان جي آنن ڏيڻ جو مدو به گهٽ ٿئي ٿو. مجموعي طور تي هڪ ڪمي هڪ وقت ۾ سو آنا ڏئي ٿي. آنن ڏيڻ جو پورو عمل پنجن ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿئي ٿو. جنهن مان ڪميءَ جو سمنڊ مان نڪري ڪناري تائين پهچڻ، آنن لاهڻ لاءِ مناسب جڳهه جي ڳولا ڪرڻ، آنن لاهڻ لاءِ کوٽائي ڪرڻ، آنا لاهي کڏ کي پورڻ ۽ پوءِ واپس سمنڊ ڏانهن وڃڻ شامل آهي.

هڪ لحاظ کان سامونڊي ڪمين جي سنڌ ۾ صورتحال چڱي آهي ڇاڪاڻ ته ان کي کائڻ لاءِ استعمال نه ٿو ڪيو وڃي. سامونڊي ڪمين جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي وجود کي درپيش خطرن بابت آئي يو سي اين پاران ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ريجنل سيپوزيم منعقد ڪيو ويو،جنهن ۾ ايشيا ۾ ڪمين جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن مان سکڻ ۽ ڄاڻ جي ڏي وٺ ٿي. سيمپوزيم ۾ پاڪستان کان سواءِ بنگلاديش، ملائيشيا، سريلنڪا، ويٽنام، ٿائلينڊ ۽ جرمني جي ماهرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته سيمپوزيم ۾ ڪُمين جي تحفظ لاءِ علائقائي سطح تي سهڪار وڌائڻ لاءِ به ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي پاڪستان جي ساحلي علائقن ۾ 2014 ۾ ڪمين جي صورتحال بابت ڪيل سروي جا تفصيل ٻڌايا ويا، جنهن مان خبر پئي ته صرف 2014 ۾ هڪ هزار ڪميون مڇي جي ڄارن ۾ ڦاسي مري ويون.

ملائيشيا ۾ ڪمين کي ڄارن ۾ ڦاسي مرڻ کان بچائڻ لاءِ ڄارن ۾ هڪ اوزار (Turtle Excluder Device) متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن جا سٺا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن ۽ ڪمين جي ڄار ۾ ڦاسي مرڻ جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي. جنهن اوزار کي ڄار ۾ لڳائڻ سان ماهيگيرن کي بيشمار فائدا حاصل ٿين ٿا، جنهن ۾ مڇيءَ جي شڪار ۾ اضافو، تيل جي خرچ ۾ گهٽتائي، ننڍي مڇيءَ جي تحفظ سان گڏ مجموعي طور ماهيگيري جي سرگرميءَ ۾ بهتري اچي ٿي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ به هن اوزار جي استعمال جي شروعات ٿي چڪي آهي. پر ان کي وڌيڪ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ماهيگيرن کي ان جي فائدن بابت معلومات ۽ آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي.

سامونڊي ڪمين کي ٻيو وڏو خطرو ڪمين جي ماڳن جي تباهي آهي. ساحلي علائقن ۾ رهائشي ۽ واپاري منصوبا ڪمين جي فطري ماڳن کي وڌيڪ تباهه ڪندا. ساحلي علائقن ۾ ٿيندڙ اها نام نهاد ترقي ڪنهن لحاظ کان پائيدار ترقي جي اصولن تي ٻڌل ناهي. هڪ پاسي سڄي دنيا ۾ فطري ماڳن ۽ جهنگلي جيوت کي تحفظ ڏئي فطري سياحت کي هٿي وٺرائي پئي وڃي ته ٻئي پاسي اسان وٽ فطري ماڳن ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ جي حوالي سان ڪا به سنجيدگي نظر نه ٿي اچي.

لاطيني آمريڪا جي هڪ ننڍڙي ملڪ جو ئي مثال وٺو جتي مون کي 1998ع ۾ وڃڻ جو موقعو مليو. ڪوسٽاريڪا جي معنيٰ آهي شاهوڪار سمنڊ. هن ملڪ جي معيشت فطري سياحت تي مشتمل آهي. ڪوسٽاريڪا ۾ ئي مون کي پهريون ڀيرو سائي ڪمين جي آنن ڏيڻ جو منظر ڏسڻ جو موقعو مليو، جنهن لاءِ رات جو ٻارهين بجي ساحلي علائقي ۾ ميلن تائين پنڌ ڪرايو ويو. ڪمين کي سياحت لاءِ استعمال ڪري ڪوسٽاريڪا جهڙو ملڪ سياحت کي هٿي وٺرائي سگهي ٿو ته پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ته اهڙا ڪيترائي ماڳ آهن جن کي فطري سياحت طور ترقي وٺرائي سگهجي ٿي پر بدقسمتي سان اسان جي حڪومتن وٽ نه فطرت جو تحفظ ۽ نه ئي وري سياحت ترجيح تي رهيا آهن.

هن ڌرتي تي نه رڳو انسان پر ٻين جانورن جو به اوتروئي حق آهي. ڌرتيءَ جي خوشحالي به سڀني جاندارن جي بقا سان جڙيل آهي پوءِ چاهي اها ظاهري طرح غير اهم نظر ايندڙ ڪمي ڇو نه هجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو