Home / ڪور افيئر / سعودي يمن تڪرا جي تاريخ
above article banner

سعودي يمن تڪرا جي تاريخ

ڊاڪٽر برڪت نوناري

يمن جنهن کي عرب دنيا ۾ يمن السعيد سڏيو وڃي ٿو ان يمن کي يوناني تاريخدانن “عربن جي خوشحال ڌرتي” عريبيا فيلڪس ڪري لکيو آهي. پنج هزار سالن جي تاريخ رکندڙ يمن کي ام العرب (عربي ٻوليء جي ماءُ) به سڏيو ويندو آهي ڇو ته عربي ٻولي جي سڀ کان پهرين لکت يمن منجھان دريافت ٿي هئي ۽ قرآن شريف جو سڀ کان قديم نسخو پڻ لکت ۾ يمن جي گاديء جي شهر صنعاء جي هڪ قديم مسجد منجھان مليو آهي جيڪو 2 هجري جو لکيل آهي.

يمن جون زميني سرحدون اتر طرف سعودي عرب، ڏکڻ طرف ڳاڙهي سمنڊ ۽ اوڀر طرف عمان سان لڳن ٿيون.

اسلام جي اچڻ کان اڳ يمن جي مٿان عيسائي مذهب سان تعلق رکندڙ رومي شهنشاهيت جي حڪومت هئي جنهنجي نتيجي ۾ يمني عربن جي اڪثريت به عيسائي مذهب سان تعلق رکندي هئي. عيسائي مذهب سان تعلق هجڻ جي باوجود يمن ۾ رهندڙ سمورن عربن وٽ مڪي شريف جي ڪعبة الله جي لاءِ عزت ۽ احترام هيو. يمن اوائلي دور کان انڊيا ۽ آفريقا جي وچ ۾ گرم مصالحي ۽ ڪپڙي جي ڪاروبار جو واپاري مرڪز ۽ واپاري لنگهه (ٽريڊ روٽ) هيو. يمن جا واپاري مڪي شريف کان شام تائين ڪاروبار ڪندا هيا جنهنڪري سندن اچ وڃ مڪي شريف مان ئي ٿيندي هئي. نبوت جي اعلان کان پوءِ ڪيترائي يمني اسلام قبول ڪري يمن تائين اسلام جو پيغام پهچائيندا رهيا. 630ع ۾ نبي سائين (ص) جن جي حڪم تي حضرت علي يمن جي شهر صنعا پهتو ته لکين يمني اسلام جي دائري ۾ اچي ويا. حضرت علي کان يمن جا ماڻهو تمام گھڻو متاثر رهيا آهن يمن جي هر گھر ۾ (شيعه توڙي سُني) حضرت علي جي مناقبت (جهڙي نموني سنڌي ۾ مولود چوندا آهن) ڳائيندا آهن. يمن جي عربن ۾ هڪ روايت عام آهي ته ميل ملاقات ۾ جيڪڏهن هڪٻئي جو نالو ياد نه هوندن ته هڪٻئي کي علي يا ابو الحسن (حضرت علي جو لقب) ڪري سڏ ڪندا آهن.

aprl 15 17

موجوده سعودي عرب ۽ يمن جا پاڻ ۾ جاگرفيائي، لساني ۽ ثقافتي لڳ لاڳاپا هجڻ سان گڏ نسلي لاڳاپا پڻ رهيا آهن. سعودي عرب جا واپاري يا سرمائيدار اڪثريتي طور تي يمني نسل جا آهن جن ۾ سعودي عرب جي وڏي ۾ وڏي ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ جا مالڪ بن لادن، سعودي عرب جي وڏي ۾ وڏي بئنڪ جا مالڪ راجحي سان گڏ حضرمي (يمني شهر حضر موت جا رهواسي) ۽ الحازمي (يمني شهر حزام جا رهواسي) شامل آهن. ان کان سواءِ ڪيترائي قبيلا اهڙا آهن جن جا اڌ ماڻهو سعودي عرب ۽ اڌ ماڻهو يمن ۾ آباد آهن. خلافت راشده جي ڏينهن کان وٺي عباسي خلافت تائين تقريبن سمورو يمن گڏيل اسلامي حڪومت ۾ شامل رهيو. عباسي خلافت جي دوران 893ع ۾ يمن جي زيدي قبيلي (جن کي هن وقت حوثي باغي سڏيو وڃي ٿو) تن بغاوت ڪري امام يحي ابن الحسين جي اڳواڻي ۾ زيدي امامت جو بنياد وڌو. زيدي اسلام جي شيعه فرقي سان تعلق رکندڙ اثناء عشري فقه سان تعلق رکن ٿا. يمن جي اڪثريت شروع کان ئي شيعه فرقي سان تعلق رکي ٿي جيڪي امامي شيعه (اثناء عشري) سڏجن ٿا. انهن کان سواءِ اسماعيلي شيعه آهن جيڪي يمن ۽ سعودي عرب جي سرحدي علائقن ۾ آباد آهن. بنو صليح سان تعلق رکندڙ اسماعيلي شيعن زيدي قبيلي سان بغاوت ڪري يمن ۾ اسماعيلي شيعه رياست جو بنياد وڌو. پر اهي ٻئي شيعه رياستون گھڻي دير قائم رهي نه سگھيون ۽ صلاح الدين ايوبي پوري يمن کي هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل اسلامي حڪومت ۾ شامل ڪيو جنهن کان پوءِ ترڪن جي عثماني خلافت تائين يمن ٿوري گھڻي بغاوت سان ترڪ خلافت جي ڪنٽرول ۾ رهيو.

عثماني خلافت جي ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ اتر يمن تي متوڪلي سنين جي حڪومت قائم ٿي جڏهن ته ڏکڻ يمن جي مٿان وري زيدي قبيلي سان تعلق رکندڙ شيعن جي حڪومت قائم ٿي. عثماني خلافت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ يمن ٽن حصن ۾ ورهائجي ويو، جن مان اتر يمن تي متوڪلي، ڏکڻ يمن تي زيدي ۽ عسير جي رياست تي ادريسين جون حڪومتون قائم ٿيون. 1915ع ۾ برطانوي سرڪار عسير جي ادريسين سان معاهدو ڪيو جنهن جي خلاف زيدين بغاوت ڪئي. ادريسي مراڪشي عرب هيا جن جي ڪنٽرول ۾ يمن جا 4 صوبا عسير، الباحه، جيزان ۽ نجران، برطانيه سان ٺاھ ڪرڻ جي عيوض کين ڏنا ويا. زيدي شيعن کي مُنهن ڏيڻ جي لاءِ عسير جي ادريسين ۽ سعودي حڪمران عبد العزيز ابن سعود جي وچ ۾ 1932ع ۾ معاهدو ٿيو پر 1933ع ۾ سعودي حڪمران عبد العزيز ابن سعود ان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي عسير جي ادريسين جي علائقي ۽ زيدين جي حُديده تي قبضو ڪيو. برطانيه زيدين جي شهرن عدن، تعز ۽ اِب تي شديد بمباري ڪئي، اٽلي جي مداخلت کان پوءِ برطانيه پنهنجون فوجون ٻاهر ڪڍڻ تي راضي ٿيو. سعودي حڪمران طرفان ٺاھ جي ڀڃڪڙي کان پوءِ عسير جي ادريسين ۽ ڏکڻ يمن جي زيدين ۾ هڪ نئون معاهدو ٿيو جنهن ۾ يمن کي گڏائڻ تي راضي ٿيا. پر برطانيه طاقت جو استعمال ڪندي ادريسين کي حڪومت کان الڳ ڪري ڇڏيو، زيدي پنهنجو علائقو بچائڻ خاطر جھُڪي ويا ۽ برطانيه جي ٽياڪڙي ۾ سعودي عرب جي بادشاھ عبد العزيز بن سعود ۽ يمن جي بادشاھ امام يحي زيدي جي وچ ۾ هن ريت معاهدو ٿيو.

يمن سان تعلق رکندڙ 3 صوبا نجران، جيزان ۽ عسير 60 سالن جي لاءِ سعودي عرب جي ڪنٽرول ۾ رهندا جنهن جي عيوض سعودي عرب جي اندر يمن جي هر شهري کي بغير ڪنهن رنڊ روڪ يا بغير ڪنهن قانوني گھرجن (بغير ويزا) اچڻ وڃڻ، حج عمري، ڪاروبار جي اجازت هوندي.

يمن سان تعلق رکندڙ شهر عدن 40 سالن تائين برطانيه جي ڪنٽرول ۾ رهندو جنهن کي فري پورٽ ڪري ملندڙ ڪمائيء مان يمن جي مالي مدد ڪئي ويندي.

يمن جو بادشاھ امام يحيٰ زيدي 1962ع ۾ وفات ڪري ويو جنهن کان پوءِ اتر يمن جي اندر زيدين جي خلاف بغاوت اٿي جنهن کي مصر جو جمال ناصر حمايت ۽ پٺڀرائي ڪري رهيو هيو جڏهن ته ڏکڻ يمن کي سعودي عرب حمايت ۽ مدد ڏني. 6 سال جاري رهندڙ ان گهرو ويڙهه کان پوءِ يمن ٻن حصن (اتر يمن ۽ ڏکڻ يمن) ۾ ورهائجي ويو. اتر يمن کي يمن عرب ريپبلڪ ۽ ڏکڻ يمن کي پيپلز ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف يمن جي نالن سان سڏيو ويو. 1972ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ لڳي، عرب ليگ جي مداخلت کان پوءِ جنگ بندي جو اعلان ٿيو. 1978ع ۾ علي عبد الله صالح يمن عرب ريپبلڪ (اتر يمن) جو صدر ٿيو، جنهن کان پوءِ 1979ع ۽ 1986ع ۾ وري ٻنهي ملڪن ۾ جنگ لڳي.

22مئي 1990ع ۾ اتر يمن ۽ ڏکڻ يمن جي اڳواڻن جي گڏجاڻيء ۾ ٻنهي ملڪن جي انضمام جو اعلان ڪيو ويو. اتر يمن جو صدر علي عبد الله صالح گڏيل يمن جو صدر بڻيو ۽ ڏکڻ يمن جو صدر علي سالم البيض گڏيل يمن جو نائب صدر ٿيو. 1990ع ۾ ڪويت جي مٿان عراقي قبضي کان پوءِ جڏهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل عراق جي مٿان طاقت جي استعمال جي قرارداد منظور ڪئي ته يمن ان قرارداد جي مخالفت ڪئي. جنهن جي ڪري سعودي جي حڪومت يمن مٿان ناراض ٿي ۽ سعودي عرب ۾ رهندڙ 80 هزار يمني شهرين کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي جنهنجي نتيجي ۾ يمن جي اندر سخت ترين معاشي بحران سامهون آيو. يمن جي معيشت جو 70 سيڪڙو آمدني سعودي عرب سان ڪاروبار ۽ سعودي عرب ۾ رهندڙ يمني مزدورن جي موڪليل پئسن تي مدار هيو. سعودي عرب ۾ ڪاروبار ڪندڙ يمنين جي اڪثريت ڏکڻ يمن جي هئي جنهنجي ڪري ان معاشي بحران جو گھڻو اثر ڏکڻ يمن تي ٿيو.

1994ع ۾ ڏکڻ يمن سان تعلق رکندڙ علي سالم البيض سرڪاري ادارن، فوج، بيورو ڪريسي ۽ وسيلن جي ورڇ ۾ ڏکڻ يمن کي نظر انداز ڪرڻ جو الزام هڻي نائب صدارت جي عهدي تان استعفي ڏئي عمان ۾ جلاوطن ٿي ويو. جتان کيس ملڪ نيڪالي ڏني وئي، جنهن کان پوءِ هو جرمني ويو ۽ ڏکڻ يمن جي بحالي جو اعلان ڪيو. اتر يمن ۽ ڏکڻ يمن سان تعلق رکندڙ فوجين جي وچ ۾ جھڙپون ٿيون پر حڪومت حالتن کي سنڀالي ورتو.

1999ع ۾ يمن ۾ پهريون ڀيرو سڌيون چونڊون ٿيون جنهن ۾ اڳوڻو صدر علي عبد الله صالح وري چونڊجي آيو. نائين اليون جي واقعي کان پوءِ يمني صدر علي عبد الله صالح آمريڪا جي حمايت جو اعلان ڪيو ۽ القاعده جي خلاف آمريڪي ويڙھ ۾ هر قسم جي سهڪار جي آڇ ڪئي جنهن کان پوءِ يمن جي اندر موجود القاعده جي ٺڪاڻن تي ڊرون حملا ٿيا ۽ القاعده جا 176 اڳواڻ يمني حڪومت قيد ڪيا. القاعده سان تعلق رکندڙ اڪثر ويڙهاڪن جو تعلق يمن سان هيو، جڏهن آمريڪا ٿوري گھڻي قيد کان پوءِ القاعده جا اڳواڻ گوانٽانامو بي جيل مان آزاد ڪرڻ شروع ڪيا ته يمن جي صدر علي عبد الله صالح به القاعده جي اڳواڻن کي ٿوري گھڻي سزا کان پوءِ جيلن مان آزاد ڪيو. آمريڪي جيلن مان آزاد ٿيل القاعده جا سعودي عرب ۽ مصر سان تعلق رکندڙ اڳواڻ به يمن ۾ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ عرب دنيا سان تعلق رکندڙ القاعده اڳواڻن يمن جي اندر القاعده جي هڪ نئين تنظيم القاعده في الجزيره العرب قائم ڪري ورتي. يمن جي مرڪزي حڪومت جي ڪمزور ٿيڻ، حوثي باغين جي بغاوت کي مُنهن ڏيڻ ۽ آمريڪا طرفان القاعده بدران شام ۾ هڪ نئون جنگي محاذ کولڻ جي ڪري القاعده کي يمن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، هن وقت يمن جي 60 سيڪڙو ايراضي تي القاعده جو قبضو آهي.

جون 2004ع ۾ يمن جي اندر زيدي شيعن جي امام حسين بدر الدين الحوثي يمني حڪومت جي خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو تنهنڪري ان پوري تحريڪ کي حوثي بغاوت جو نالو ڏنو ويو حالانڪه سندن تنظيم انصار الله جي نالي سان ڪم ڪري ٿي. يمني حڪومت ۽ سعودي عرب جو الزام اهو آهي ته يمن جي اندر حوثي بغاوت جي پٺيان ايران جو هٿ آهي پر ايران جي حڪومت ۽ حوثي باغي ان الزام جي ترديد ڪندا رهيا آهن. عالمي ادارن ۽ پرڏيهي مبصرن جو چوڻ آهي ته يمن جي اندر حوثي بغاوت ۾ ايران جي ڪا به شاهدي نه ٿي ملي پر ايران کي عرب خطي ۾ امن بحال ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائڻ گھرجي.

عرب بهار سان مشهور ٿيل 2011ع ۾ جڏهن پوري عرب دنيا ۾ موجود آمريتن جي تبديلي شروع ٿي ته يمن ۾ پڻ حڪومت مخالف مظاهرا شروع ٿيا جنهن کان پوءِ مظاهرا ڪندڙ نوجوانن ۽ سرڪاري فوجن ۾ جھڙپون ٿيون جنهنجي نتيجي ۾ سوين نوجوان مارجي ويا. نومبر 2011ع ۾ گڏيل قومن يمني حڪومت جي خلاف قرارداد منظور ڪئي جنهن کان پوءِ يمني صدر علي عبد الله صالح سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض پهچي خليج تعاون ڪائونسل جي آفيس ۾ پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪري اقتدار نائب صدر عبد الرب منصور هادي جي حوالي ڪيو. فيبروري 2012ع ۾ وقتي صدر عبد الرب منصور هادي اعلان ڪيو ته سندس مقابلي ۾ ڪو به صدارتي اميدوار ڪونهي تنهنڪري هو يمن جو صدر بڻجي ويو آهي. حوثي باغين عبد الرب منصور هادي ۽ سندس حڪومت کي مڃڻ کان انڪار ڪندي مزاحمت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.

aprl 15 17 2

20 جنوري 2015ع تي حوثي باغين يمن جي گادي واري شهر صنعاء تي حملو ڪري صدارتي محل تي قبضو ڪيو. حوثي باغين ۽ حڪومتي اهلڪارن ۾ ڳالهين کان پوءِ 22 جنوري 2015ع تي صدر عبد الرب منصور هادي انهيءَ شرط تي استعيفيٰ لکي ڏيڻ جي آڇ ڪئي ته سندس جان بخشي ويندي ۽ کيس يمن مان سعودي عرب صحيح سلامت وڃڻ جو رستو ڏنو ويندو. حوثي باغين سندس آڇ قبول ڪئي.

زيدي شيعن جي امام ۽ حوثي بغاوت جي اڳواڻ حسين بدر الدين حوثي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اهو چيو ته يمن جي اندر انقلابي تحريڪ کي حوثي بغاوت نه سڏيو وڃي، اسان يمن جي ماڻهن کي برابري جي بنياد تي روزگار جو حق ۽ وسيلن جي ورڇ چاهيون ٿا.

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز جو چوڻ آهي ته 2009ع ۾ آمريڪا جي طرفان يمني حڪومت کي جيڪي هٿيار ڏنا ويا هئا اهي القاعده جي بدران حوثي بغاوت کي چيڀاٽڻ جي لاءِ استعمال ٿيا، جڏهن ته آگسٽ 2011ع ۾ هڪ آمريڪي حملي ۾ ڪيترائي حوثي مارجي ويا، جنهن جي خلاف حوثي باغي صنعا جي رستن تي نڪري آيا. هاڻي آمريڪا حوثي بغاوت ۾ سڌي ريت حصيداري ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي.

سعودي عرب ۽ يمني حڪومتن جو الزام آهي ته حوثي باغين جي تربيت ۽ کين هٿيار ايراني حڪومت آفريقي ملڪ اريٽيريا مان مهيا ڪري ٿي. جڏهن ته سعودي عرب جو اهو به چوڻ آهي ته ايران جي مدد سان هلندڙ لبناني ويڙهاڪ تنظيم حزب الله جا ڪجهه ويڙهاڪ يمن جي اندر موجود آهي. حزب الله، ايران ۽ حوثي ان الزام جي ترديد ڪندا رهيا آهن.

آمريڪا جي طرفان يمن جي حوثي بغاوت کي چيڀاٽڻ کان انڪار کان پوءِ سعودي عرب خليج تعاون ڪائونسل ۽ عرب ليگ جي ميمبر ملڪن جي گڏيل فوج جوڙي حوثين جي خلاف هوائي حملا شروع ڪيا آهن، جن ۾ يمن جي سرڪاري فوج، سعودي عرب، عمان، متحده عرب عمارات، اردن ۽ مصر جون فوجون شامل آهن. سعودي عرب کي اهو يقين هيو ته حوثي بغاوت ڪنهن حد تائين هوائي حملن کان پوءِ گھٽجندي ۽ جڏهن حوثي باغي هوائي حملن جي نتيجي ۾ ڇڙ وڇڙ ٿيندا ته مصر ۽ پاڪستان جي زميني فوج سڌي ويڙھ لاءِ لاٿي ويندي. پاڪستاني پارليامينٽ جي قرارداد جي نتيجي ۾ حڪومت پنهنجون فوجون موڪلڻ ۽ جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري سعودي سرڪار کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته پاڪستاني فوجين جي انڪار کان پوءِ مصري فوج به زميني ويڙھ لاءِ تيار ڪونهي. سعودي عرب جي لاءِ مشڪلاتون ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيل جوهري معاهدي سان ئي شروع ٿي ويون آهن پر پاڪستاني فوج جي جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ، ترڪي جي طرفان وچٿرو رستو اختيار ڪرڻ ۽ ايران جي طرفان يمن ۾ جنگ بندي جي عمل ۾ ايراني مدد جي آڇ سعودي سرڪار کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. سعودي سرڪار نه صرف پنهنجي ڀرسان هڪ شيعه رياست جي قائم ٿيڻ جي مخالف آهي پر سعودي سرڪار کي سڀ کان وڌيڪ خوف اهو آهي ته يمن جي اندر هڪ مضبوط حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ کيس 3 صوبا به يمن جي حوالي ڪرڻا پوندا جن صوبن کي 1932ع جي معاهدي جو وقت به مڪمل ٿي چڪو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو