Home / سياسي افيئر / سنڌي، سنڌ تي حق حڪمراني وڃائي ويهندا؟
above article banner

سنڌي، سنڌ تي حق حڪمراني وڃائي ويهندا؟

نصير ميمڻ

قومن جي تاريخ ۾ هونئن ته لهرون ۽ لوڏا ايندا رهندا آهن پر سڀ کان ڏکي صورتحال تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن ڪنهن قوم کي درپيش خطرو حق نه ملڻ يا کسجڻ کان وڌي ان جي قومي وجود جي بقا تائين پهچي وڃي. سنڌ هاڻي اهڙي ئي هڪ مرحلي مان گذرهي رهي آهي جتي انيڪ ٻين مسئلن سان گڏ ان جي وجود جي بقا جو سوال به ڪر کڻڻ لڳو آهي.

انگريزن هٿان غلام ٿيڻ کي لڳ ڀڳ پوڻا ٻه سو سال گذري ويا آهن پر اها غلامي مختلف وقتن تي رڳو شڪليون بدلائيندي رهي آهي. سنڌي عوام مٿان قابض قوتن جي اها والار لڳاتار سنڌي سماج کي پنهنجي پنجوڙ ۾ جڪڙي رکندي آئي آهي. هڪ پاسي انگريز دور جي ايجاد ڪيل جاگيرداريت سنڌ کي اندروني غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو آهي ته ٻئي طرف مرڪزيت پسند قوتن ان کي ڪڏهن بمبئي ڪڏهن لاهور ته ڪڏهن اسلام آباد جي ماتحتي ۾ رکيو آهي. ماتحتيءَ جي ان سموري تاريخ ۾ سنڌ جو موقعي پرست وڏيرڪو طبقو ۽ موقعي پرست وچولو طبقو گهڻي ڀاڱي قابض قوتن جو ڀرجهلو رهيو آهي. انهن طبقن جي ڪارستانين جي قيمت سنڌ جي پيڙهيل هيٺئين طبقي جي ڪروڙين ماڻهن ڀري آهي، جنهن جا تفصيل بيان ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڪتاب گهرجن.

جيڪڏهن ورهاڱي کان اڳ واري انگريز دور ۽ ان کانپوءِ واري دور جي ڀيٽ ڪجي ته ڪيترن ئي حوالن سان انگريزن جو دور ورهاڱي کان پوءِ واري دور جي عذابن کان گهٽ خراب نظر اچي ٿو. انگريزن جي دور ۾ ڌاري غلاميءَ جي باوجود سنڌ جي قومي ڍانچي جي جوڙجڪ ۾ هيٺيان قدم کنيا ويا.

هڪ ته انگريزن سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو. سنڌي الف-ب، گرامر، تاريخ جي سهيڙڻ ۽ ادب توڙي ثقافت جي حوالي سان انگريزن سنڌي قوم جي قومي ڍانچي واري جڙاوت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ٻيو ته انگريز دور ۾ آبپاشي، عدالتي، انتظامي ڍانچي، روينيو نظام ۽ جديد انفرااسٽرڪچر جا بنياد پيا، جنهن سنڌ کي ڇڙوڇڙ قبائلي جوڙجڪ مان ڪڍي جديد رياستي ڍانچو فراهم ڪري ان جي قومي اڏاوت ۾ نهايت بنيادي ڪردار ادا ڪيو.

ميرن جي صاحبيءَ واري انتظامي ڍانچي سنڌ کي هڪ قوم يا وطن بنائڻ بجاءِ ننڍين انتظامي رياستن ۾ ورهائي رکيو هو. ان دؤر جا چڱا ڪم به ڳڻائي سگهجن ٿا پر مجموعي طور ميرن جي دور ۾ سنڌ جي قومي وحدت کي هاڃو پهتو. انگريز جيئن ته جديد رياستي نظام هلائڻ جو تجربو رکندڙ هئا ۽ کين چڱيءَ ريت پتو هيو ته سنڌ کي فتح ڪرڻ جو فائدو رڳو ان صورت ۾ ئي ممڪن آهي ته سنڌ کي جديد آبپاشي ۽ مواصلاتي نظام فراهم ڪجي، تنهنڪري هنن سنڌ ۾ نمايان انتظامي سڌرامتعارف ڪرايا. اها الڳ حقيقت آهي ته هڪ قابض قوت طور انگريزن سنڌ کي پنهنجي بيٺڪي مفادن خاطر ئي ترقي ڏياري پر ان جو وڏو فائدو خود سنڌ کي به پهتو. جتي انگريزن سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي ۽ سنڌ ۾ آزاديءَ جي تحريڪن کي بي رحميءَ سان ڇيڀاٽيو اتي هنن سنڌ کي هڪ مضبوط انتظامي ڍانچو پڻ مهيا ڪيو. اهو انتظامي ۽ مواصلاتي سرشتو سندن بيٺڪي راڄ جي اڻٽر گهرج هو. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته انگريزن پاران هي خطو خالي ڪرڻ کانپوءِ اهو انتظامي ڍانچو ۽ انفرااسٽرڪچر سنڌ جي ماڻهن کي ڪو لاڀ ڏئي ها پر ان جي ابتڙ نئين ملڪ جي حڪمرانن به انگريزن جيان ان ڍانچي کي سنڌ جي غلاميءَ جي تسلسل لاءِ ئي استعمال ڪيو.

aprl 15 26

سنڌ ۾ قومي حقن جي تحريڪن کي انگريز دور جيان ئي بي رحميءَ واري طاقت سان چيڀاٽيو ويو. سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ساڳي طرح فتح ڪيل علائقي جيان ڦرلٽ ڪئي وئي. سنڌ جي انفرااسٽرڪچر کي سنڌين جي ترقيءَ بجاءِ سندن وسيلن جي ڦرلٽ لاءِ ذريعو بنايو ويو. جيئن انگريزن سؤ سالن تائين سنڌ کي بمبئي سان ڳنڍي رکيو، تيئن ون يونٽ مڙهي سنڌ کي لاهور سان ۽ اڳتي هلي اسلام آباد سان ڳنڍي ان کي انتظامي ماتحتيءَ ۾ رکيو. انگريزن گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي ترقي ڏياري هئي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ نه رڳو سنڌ جي قومي وجود کان انڪار ڪيو ويو، پر سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وئي. جنهن صوبي ۾ ورهاڱي کان اڳ سنڌي ٻولي روينيو، پوليس ۽ عدالتي نظام جي ٻولي هئي، ورهاڱي کان پوءِ سنڌ واسين کي ان ساڳي سرزمين کي ووٽر لسٽون ۽ سڃاڻپ ڪارڊ سنڌيءَ ۾ ٺهرائڻ لاءِ ڊگهيون جدوجهدون ڪرڻيون پيون. ساڍا ڇهه ڏهاڪا گذرڻ کان پوءِ به سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ واري حيثيت ناهي ملي سگهي. انگريزن جي دور ۾ سنڌين کي پنهنجي ڌرتيءَ تي ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي پنهنجو وجود وڃائي ويهڻ جو انديشو نه هو پر نئين ملڪ ۾ لڳاتار ڌاري آباديءَ جا ڪٽڪ آباد ڪري سنڌين کي پنهنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ حيلا هلايا ويا آهن. سنڌ جي بئراجي زمينن، شهري ملڪيتن ۽ اهم سرڪاري عهدن کي ڌارين ماڻهن جي حوالي ڪري سنڌ ۾ ڌاري آباديءَ کي ايترو ته اتساهيو ويو جو هينئر سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي ٿورائي ۾ تبديل ٿيڻ جي خوف ۾ ورتل آهن. ان ڏس ۾ تازو طريقو سنڌ جي شهري زمينن کي پنجاب جي بلڊر مافيا جي حوالي ڪرڻ آهي.

ان مافيا کي سنڌ جي سگهارن حڪمرانن جي مڪمل پٺڀرائي حاصل آهي. سندن هدف سنڌ کي ترقي ڏيارڻ جي نالي تي نوان شهر آباد ڪرڻ آهي، جتي ڪاري ڌن جا ڌڻي وڏيون سيڙپڪاريون ڪري ملڪ جي ٻين علائقن مان راڄ آڻي آباد ڪندا ۽ آباديءَ جي توازن ۾ تلوار جي ڌار تي بيٺل سنڌي ڪجهه ورهين اندر پنهنجي تاريخي وطن تي هڪ بي اثر اقليت بنجي ويندا. ان ڏوهه ۾ سنڌ جا جمهوري چئمپيئن سڏرائيندڙ حوس پرست حڪمران شامل آهن. جيئن ون يونٽ وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ جي حمايت ۾ تقريرون ڪيون ويون هيون، تيئن ئي سندن پونئير اڄ به سنڌ اسيمبليءَ ۾ نوان شهر تعمير ڪرڻ وارين رٿائن جي حق ۾ تقريرون ڪندا وتن ٿا.

سنڌ کي هن وقت جيڪي ٻه سنگين چئلينجز درپيش آهن، اهي آهن ڌاري آبادڪاريءَ جو دٻاءُ ۽ مذهبي شدت پسندي. سنڌي اڳي ئي پنهنجي ڌرتيءَ تي مالڪي وڃائيندا پيا وڃن، مٿان وري هاڻوڪي حڪومت جي خاص مهربانين سان بحريا ٽائون ۽ ذوالفقار آباد جهڙيون نيون رٿائون سامهون اچي رهيو آهن. انهن رٿائن جي مڪمل ٿيڻ سان ڌاري آباديءَ جي هڪ اهڙي ٻوڏ اچڻ جو انديشو آهي، جنهن سان سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي مليل نالي ماتر حقِ حاڪميت به وڃائي ويهندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو