Home / ڪتاب / سنڌي سرويچ : سنڌو ماٿري جا وارث
above article banner

سنڌي سرويچ : سنڌو ماٿري جا وارث

مهتاب علي شاهه

aprl 15 54

مٿين عنوان وارو هي ڪتاب 36 ممتاز شخصن جي انٽرويوز تي مشتمل آهي جيڪي ڊاڪٽر جوهراڻي مختلف وقتن تي هڪ T.V چينل ”سهيا دري“ لاءِ ورتا آهن. انهن شخصن جي اڪثريت هندوستان ۾ رهي ٿي ۽ ٻيا وري ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا. سڀني پنهنجي پنهنجي نموني سنڌي جاتيءَ جي وڏي سيوا ڪئي آهي. جن صاحبن مون کي متاثر ڪيو آهي اُهي آهن: دادا جشن وسواڻي، دادا رام ڄيٺ ملاڻي، ڊاڪٽر ايم. ايڇ هيراننداڻي، ڊاڪٽر بلديو مٽلاڻي ۽ ٻيا صاحب به ڪنهن کان گهٽ نه آهن. مان ته مسٽر لال ڪرشنا آڏواڻي کي به ڪنهن حد تائين سائين جي ايم سيد جو ٻيو روپ سمجهان ٿو ۽ سندس انگريزي ڪتاب، My Country : My Honour, Rupa Publications, New Delhi, 2008 مون وٽ آهي ۽ ان کي گهڻي چاهه سان پڙهندو آهيان.

دادا رام ڄيٺملاڻي هند ۽ سنڌ جو هيرو آهي. پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سنڌ ۽ تصوف سان محبت هن جي رڳ رڳ ۾ ڀريل آهي، مون هڪ سنڌي چينل تي سندس انٽرويو به ڏٺو هئو جنهن ۾ هن سنڌ ۽ خاص ڪري شڪارپور کي ياد ڪري روئي ڏنو هئو. ان جو ڪتاب Conscience of a Maverick, UB.S Publications, New Delhi, 2007 به مون وٽ آهي.

ڄيٺملاڻي صاحب جهڙي سنڌي توڙي انگريزي شايد ڪنهن ٻئي کي ايندي هجي، هڪ هڪ لفظ تڪي توري استعمال ڪيو اٿس. جوهراڻي صاحب کي انٽرويو ڏيندي سنڌيت کي هيئن Define ڪيو اٿس. “Sindhyat is nothing but Sufism” ان هڪ جملي مان ظاهر آهي ته ڄيٺملاڻي صاحب هر قسم جي مذهبي سياست جيڪا نفرت ۽ انتها پسنديءَ جي مدار تي ڦري ٿي، ان کي رد ڪري ٿو. هن لاءِ هڪ سنڌي جو سيڪيولر هجڻ ضروري آهي، اهو ئي، شاهه، سچل ۽ سامي ۽ ٻين سنڌي فقيرن جو پيغام آهي جيڪي سڀ ۾ پرين ٿا پسن.

ڄيٺملاڻي صاحب ٻين مسئلن سان گڏ سنڌي ٻولي تي بلڪل واضح راءِ رکي ٿو ته ”جي هندوستان ۾ سنڌي ٻولي، عربي کي ڇڏي ديونا گري ۾ لکي وئي ته هند ۾ رهندڙ سنڌي شاهه، سچل ۽ سامي ۽ ٻئي ثقافتي ورثي کان پري ٿي ويندا،“ هونئن به عربي رڳو مسلمانن جي ٻولي ڪانهي، لبنان ۽ شام جي عيسائين جي به اها ٻولي آهي. ڄيٺملاڻي صاحب کي عرض آهي ته سنڌ جي شهر شهر جو دورو ڪري ۽ هر يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏئي ۽ سنڌ ۽ هند جي سنڌين کي وري هڪ دفعو ملائي، جيئن پاڻ ڏيساورن ۾ ملائيندا رهندا آهن.

جوهراڻي صاحب جي ڪتاب ۾ تعلقي نوشهري جي ڳوٺ مٺياڻي ۾ ڄاول ايڊمرل آر ايڇ ٽهلياڻي جو به انٽرويو شامل ٿيل آهي. ٽهلياڻي صاحب Transparency International سان جڙيل آهي جيڪو هڪ واکاڻ جهڙو ڪم آهي، ڇو ته رشوت هر ملڪ کي کوکلو ڪندي آهي. جي ٽهلياڻي صاحب جي ڪوششن سان انڊيا ۾ رشوت تي ڪنٽرول ٿئي ته من پوءِ پاڪستان ۾ به ان بلا تي ڪنٽرول ٿئي جنهن غريبن کي وڌيڪ غريب ۽ اميرن ۽ رشوتي آفيسرن کي وڌيڪ امير بنايو آهي.

ڊاڪٽر ايل ايڇ هيراننداڻي جا ويچار به ساراهه جوڳا آهن. ڊاڪٽر صاحب هڪ غريب ماڻهو مان ترقي ڪري، وڏو ڊاڪٽر بڻيو پر غريبن کي ڪونه وساريائين. هو اڄ به سنڌ سان محبت ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته سنڌ ۾ هندو سکيا ستابا آهن، هيراننداڻي صاحب جو انٽرويو پڙهي مونکي پنهنجي پياري شاگردياڻي ۽ Colleague مسز سيما ڪماري نهالاڻي ياد ٿي اچي جيڪا M.A International Relations ۾ فرسٽ پوزيشن کڻي ليڪچرر ٿي، اسسٽنٽ پروفيسر ٿي ۽ هاڻي پنهنجي وَر ۽ ٻچڙي سميت آمريڪا ۾ رهي ٿي. آمريڪا ۾ خوش آهي، اسان جي هندو ڀائرن ۽ ڀينرن جو سڀاءُ آهي ته جتي به هوندا آهن، اِتي پاڻ به خوش هوندا آهن ۽ ٻين جو به خيال ڪندا آهن. باقي وڏيرن، ملن ۽ سگهارن ادارن جي ڪري سنڌ ۾ جيڪو ڏوهه ٿئي ٿو، ان جو نشانو نه رڳو هندو آهن پر مسلمان به آهن. 2014 ۾ منهنجو 30 سالن جو ڇوڪرو اغوا ٿي ويو هئو، Rs.2500000 ڏئي ڇوڪرو ڇڏايوسين. ڇا رٽائرڊ پروفيسر ڇا پنج ويهه لک روپيا ڀُنگ. سو جي ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته سنڌ ۾ هندو نسوري ناحق ۾ آهن ته اِهو غلط آهي، سڀ سنڌي سورن ۾ آهن سواءِ چند سياستدانن ۽ ڪامورن جي.

پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي قابل عزت انسان آهي. مٽلاڻي صاحب کي جنهن نموني سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1976 ۾ ليڪچررشپ کان محروم ڪيو ويو هئو. ان جو پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو. سندس نوڪري جو آرڊر نه نڪرڻ، الائي ڪلارڪ جي ڪارستاني هئي الائي وقت جي وائيس چانسلر مرحوم مغفور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ”اسلامي جذبو“ ڪارفرما هئو، اِهو خدا ڄاڻي، پوءِ دل برداشته ٿي مٽلاڻي صاحب، جيڪو انڊيا وڃي ممبئي يونيورسٽي ۾ پروفيسر بڻيو ۽ اتان ويهي سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي سو ساراه جوڳو آهي، مالڪ کيس سدائين سکي رکي.

ڊاڪٽر جوهراڻي، پنهنجي ڪتاب ”سنڌي سرويچ“ لاءِ ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي جو به انٽرويو ورتو آهي. ڊاڪٽر جيٽلي وڏو اديب آهي ۽ سنڌ جو چڪر به هڻي ويا آهن، جتي سندن چوڻ مطابق کين ڪافي مان مليو. ڊاڪٽر جيٽلي جي چوڻ مطابق، 1947 ۾ جيڪي فساد ٿيا هئا، انهن ۾ پناهگيرن سان گڏ سنڌي مسلمان به شامل هئا ۽ تمام ٿورن سنڌي مسلمانن هندن جي جان ۽ ملڪيت جي حفاظت ڪئي. هي هڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف آهي. مان 1951 ۾ پيدا ٿيو هئس، مون نه ٻڌو آهي ته ڪنهن سنڌي مسلمان هندن کان ڦر ڪئي هجي. ڊاڪٽر ريٽا ڪوٺاري، ساز اگروال، ڊاڪٽر ننديتا ڀاوناڻي ۽ ڪلڪلتي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر، پروفيسر سريجنداس جي ڪتابن ۾ اِهو ڪٿي به ڪونه پڙهيو آهي ته سنڌي مسلمانن هندن کان ڦرون ڪيون هيون، باقي جي ڪنهن مسلمان پوليس واري جهَٽ هڻي ڪا شيءِ کڻي ڇڏي ته ان لاءِ سڀني ملسمانن کي ڏوهي سمجهڻ مناسب نه آهي.

پروفيسر ڄيٺلي صاحب جي ابتڙ سرڳواسي پروفيسر موتي لال جوتواڻي جنهنجو شاهه لطيف ۽ سندس تڙ ڏاڏي شاه ڪريم تي وڏو ڪم ڪيل آهي، لکي ٿو ته ورهاڱي جي وقت سندس ڪٽنب ڪراچي ۾ هڪ مسواڙي جاءِ ۾ رهندو هئو. جاءِ جو مالڪ هڪ سنڌي مسلمان، الله بخش هئو. 1948 ۾ جڏهن، هندوستان مان لڏي آيل مسلمانن جن جي اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن تي مشتمل هئي، فساد ڪيا ۽ جن سڀني هندن کي سنڌ مان ڪڍڻ پئي چاهيو ۽ هندستان مان جيڪي مسلمان اوَڌ، يو پي، دهلي ۽ بِهار ۽ ٻين علائقن مان لڏي سنڌ ۾ اچي رهيا هئا انهن سڀني کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ پئي چاهيو ته الله بخش رڙ ڪندي چيو ته هتي ڪير به غير مسلم ڪونهي ۽ ”ان ڏينهن مون کي پهريون سبق مليو ته تصوف ڇا ٿيندو آهي؟“ (p-308) سرڳواسي جوتواڻي ۽ سندس ڌرم پتني تي منهنجو سلام هجي جيڪي سنڌ ۽ سنڌ واسين سان بي پناهه محبت ڪندا هئا. منهنجي ساڻن ملاقات ٿيل هئي ۽ سندن خوش گوار يادگيريون اڄ به منهنجي دماغ ۾ تازيون آهن.

هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي معزز شخصيتن جو ذڪر ٿيل آهي. مان سڀني جي باري ۾ لکي نٿو سگهان. پر مان سريش ڪيسواڻي کي سلام ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان جيڪو سنڌي هندن، توڙي مسلمانن کي هڪ ئي قوم جو حصو سمجهي ٿو. پاڻ راجيا سڀا ۾ ميمبر ٿيڻ وقت سنڌي ۾ قسم کنيو هئائون.

جڏهن ته هتي سنڌ ۾ ڪيترائي سائين جا سنواريل ميمبر صاحب يا ميڊمون سنڌ اسيمبلي ۾ اردوءَ ۾ قسم کڻندا آهن ۽ اردو ۾ ئي تقريرون ڪندا آهن ڄڻ جناح صاحب جي وصيت تي عمل ٿا ڪن. هتي مان احمد آباد ۾ رهندڙ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي کي به نٿو وساري سگهان جنهن جو افسوس ته هن ڪتاب ۾ ذڪر ٿيل ڪونهي، جڏهن هندستان ۾ 2014 ۾ اليڪشن ٿي هئي ته ڪراچيءَ مان هڪ سنڌيءَ Anchor Person، سنڌي پروگرام لاءِ لالواڻي صاحب کان اردو ۾ سوال پڇيو هئو ته لالواڻي صاحب هن کي ڇڙٻ ڏئي چيو هئو ته ”ادي سنڌي ۾ سوال پڇو“. واه لالواڻي تنهنجي سنڌ دوستي جو گجرات ۾ به سنڌ کي نه وساريو اٿو. انهن سڀني سڄڻن کي سلام آهي جيڪي سنڌ ۾ ته ڪونه ٿا رهن پر سنڌ سندن دلين ۾ وسي ٿي.

هتي آخر ۾ ان ڳالهه جو به ذڪر ڪرڻ ٿو گهران ته جوهراڻي صاحب ڪيترن ئي ماڻهن کان سوال پڇيو آهي ته جڏهن هند ورهائي وئي هئي تڏهن سنڌ کي ڇو نه ورهايو ويو؟ مون کي ان سوال تي ڏاڍي تڪليف پهتي آهي. ٺيڪ آهي ٿرپارڪر ضلعي ۾ هندن جي اڪثريت هئي. پر Partition Plan ۾ Demography سان گڏ Contiguity جو به شرط هئو. ٿرپارڪر، وڻج واپار جي ذريعي، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ کي وڌيڪ ويجهو هئو بنسبت جوڌپور ۽ جيسلمير جي. جڏهن ته جوڌپور جيسلمير ۽ بيڪانير جي راجائن پهريائين پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ امرڪوٽ جي ان وقت جي راڻي ارجن سنگهه ٺاڪر ته 1946 ۾ باقاعدي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، (Shazia Hassan “The Ties Bind” Dawn, 2nd April, 2015). فرض ڪجي ته ٿرپارڪر کي هڪ ننڍي سنڌ بنائي هندستان ۾ شامل ڪجي ها ته سڀ سنڌي اتي ئي مٺي، ڏيپلي، ۽ ڇاڇري جي وارياسن علائقن ۾ رهي سگهن ها. جڏهن ته سندن واسطو واپاري برادري سان هئو ۽ آهي. ڪڇ جي مها رائو، سنڌين لاءِ 20000 ايڪڙ زمين ڏني، اتي گانڌي ڌام ۽ آڌيپور جهڙا شهر سنڌين لاءِ ٺهيا ۽ ڪانڊلا بندر کي به هڪ سنڌي بندر بنائڻ جو ارادو هئو، پر اڄ ڪانڊلا، گانڌي ڌام ۽ آڌيپور مان گهڻا سنڌي ممبئي، بنگلور ۽ هندوستان جي ٻين شهرن يا ڏيساور هليا ويا.

ٻيو عرض آهي ورهاڱي وقت ته جيڪي اردو ڳالهائيندڙ مسلمان سنڌ لڏي آيا هئا، انهن اچڻ ساڻ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي سرپرستي ۾ سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ڪري ئي 1948 ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪيو ويو ۽ پوءِ خوب فساد ڪرايا ويا جيئن هندو سنڌ مان لڏين. هندن کي سنڌ مان لڏائي پوءِ اسان مسلمانن سان چڪريون شروع ڪيائون. جيڪي جاري آهن. سندن مکيه پارٽي MQM جيڪا هڪ لساني تنظيم آهي، اها ڪڏهن مهاجرستان، ڪڏهن ڏکڻ سنڌ ۽ ڪڏهن “ سنڌ ون ۽ ٽو” جي نالي ۾ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جا خواب ڏسي رهي آهي، جي اسان جا هندستان ۾ رهندڙ سنڌي ڀائر سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ورجائيندا ته سنڌ دشمنن کي هُشي ملي ويندي. سائين خدارا اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو.

جوهراڻي صاحب کي سندس ڪتاب لکڻ تي مبارڪون هجن. اميد ته ساڳئي ڪتاب جي نئين ايڊيشن ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي، اسپين ۾ رهندڙ صوفي سنگر دادي سُشيلا مهتاڻي، محترما وينا شرنگي، ادي جيشري ڄيٺواڻي ۽ ٻين سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن جا به انٽرويو ڇاپيندا ۽ هند ۽ سنڌ ۽ دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ جي سنڌين کي هڪ ٻئي سان ويجهو آڻڻ جون ڪوششون ڪن ٿا ۽ خود جوهراڻي صاحب به انهن ۾ شامل آهي، جوهراڻي صاحب توهان کي جس هجي.

ليکڪ سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل رليشنز جو رٽائر پروفيسر، آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽين ۾ Visiting Research Fellow رهي چڪو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو