Home / سنڌ افيئر / سنڌ جي خوشحالي: دعا يا پاراتو؟
above article banner

سنڌ جي خوشحالي: دعا يا پاراتو؟

ايم بي عرساڻي

سنڌ جو خطو صدين کان خوشحال رهيو آهي، جنهن ڪري هن تي ڪڏهن آرين ڪاهه ڪئي ته ڪڏهن سڪندر اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ يونانين، ڪڏهن عربن ته ڪڏهن افغانين ته ڪڏهن پٺاڻن، پر سندس مسلسل غلامي عرب خليفي (حڪمران) وليد بن عبدالملڪ بن مروان (مروان يزيد جي پٽ جو سؤٽ هو) جي دؤر ۾ عراق جي گورنر حجاج بن يوسف جي حڪم تي محمد بن قاسم جي ڪاهه کان شروع ٿي، جنهن کان پوءِ سنڌي ماڻهو سڀني عرب ذاتين مثالطور فاروقي، صديقي ۽ قريشي وغيره جا ذهني طرح غلام رهندا پيا اچن ۽ کين مرشد بڻايو ويٺا آهن، عربن جي حڪومت بعد سنڌي ماڻهو اسلام جي آڙ ۾ حملا ڪندڙ عزنوي، غوري وغيره جا غلام ٿيا، ان بعد مغلن، ارغونن، ترخانن، وقت ڪلهوڙن جي (دؤر ۾ ميرن جي وقت آزاد ٿيا) پر پوءِ وري انگريزن جي غلاميءَ ۾ اچي ويا. انصاف جي ڳالهه ڪبي ته انگريزن جي غلاميءِ جي اها صدي نام نهاد آزادي کان بهتر هئي هن ئي دؤر ۾ سنڌي الف بي، سنڌي گرامر ۽ ٻيا لاتعداد ڪتاب لکيا ويا، شاهه جو رسالو ڇپرايو ويو. عربي ۽ فارسي بجاءِ سنڌ جي دفتري ٻولي سنڌيءَ کي بڻايو ويو ۽ اريگشن، روينيو، پوليس ۽ ريلوي جو بهترين نظام ڏنو ويو، آزاديءَ وري ڇا ڏنو. هنن سڀني کاتن جي تباهي، وفاق آئين ۽ اردو نالي قومي ٻولي. 1940ع جي قراد ۾ ڦير گهير ۽ انحراف جنهن ڪري محترم جي ايم سيد پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي مخالف ٿي ويو ۽ قرباني نالي اخبار ۾ پير علي محمد راشدي جا مضمون شايع ڪيائين جن بعد ۾ فرياد سنڌ نالي ڪتاب جي صورت اختيار ڪئي. پاڪستان ٺهڻ سان ئي سنڌ جي مسئلن نئون رخ اختيار ڪيو. مهاجر رهائڻ جو مسئلو کڙو ڪيو ويو، انڪار ڪرڻ تي پهرئين وزير اعليٰ محمد ايوب کهڙي کي عهدي تان هٽائي پير الاهي بخش کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو وفاق جا مطالبا تسليم ڪري مهڻي هاب ٿيو. تاريخ گواهه آهي ته غدار بڻائيندڙن ڪڏهن به غدار سان نه نڀايو آهي، انگريزن ٽيپو سلطان جي غدار مير صادق ۽ سراج الدولھ جي غدار مير جعفر کي اهو چئي ٽڪرايو هو ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي محسنن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان سچائي نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ اسان سان ڪهڙي چڱائي ڪندو؟! پير الاهي بخش سان به اهو ٿيو ۽ کيس ڏهن مهينن بعد هٽايو ويو، 1954ع ۾ جڏهن ون يونٽ ٺاهڻ جو وقت آيو ته محمد ايوب کهڙو ون يونٽ ٺاهڻ جو واعدو ڪري ٻيهر وزير اعليٰ بڻيو ۽ 102 ميمبرن مان 98 ميمبرن کي ڊيڄاري ۽ لالچائي ووٽ وٺي ون يونٽ جو ٺهراءُ پاس ڪرايائين. اتي وري پير الاهي بخش، عبدالمجيد جتوئي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي شيخ خورشيد احمد وانگر ون يونٽ خلاف ووٽ ڪري پنهنجو داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته کهڙو صاحب شير سنڌ مان ڦري غدار سنڌ سڏجڻ لڳو. ان دؤران سائين جي ايم سيد به سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هيو، پر کيس قيد ڪيو ويو هو.

سنڌ جي موجوده تباهيءَ جو دؤر بنگال جي جدائيءَ کان شروع ٿيو، جيستائين بنگال گڏ هو تيستائين هتان جان حڪمران مرضيءَ جو آئين نه پئي ٺهرائي سگهيا، جنهن ڪري بنگال کي هٿ سان جدا ڪري بنگلاديش ٺهرايو ويو ۽ هاڻوڪي پاڪستان ۾ هڪ سولين ماڻهو ذوالفقار علي ڀٽو کي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻائي ويهاريو ويو، ان بعد کائنس 1973ع جو آئين ٺهرائي 1974ع ۾ آدمشماري جي بنياد تي ٻڌل اين ايف سي ايوارڊ ڏياري ٻين صوبن ته ٺهيو پر سندس اباڻي صوبي کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو. هن ئي آئين ۾ اهو لکيل آهي ته پاڪستان جو ڪو به شهري ڪٿي به رهي سگهي ٿو جنهن ڪري سنڌ حڪومت چوندي آهي ته هن صاحب کي اقتدار جو ايترو ته شوق هو جو گهڻن ووٽن واري صوبي کي راضي رکڻ لاءِ سنڌ جو تيل صاف ڪرڻ لاءِ ملتان ۾ ريفائنري قائم ڪيائين، پورٽ سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ پر خشڪ گودي وري فيصل آباد ۾ قائم ڪيائين جتي جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا ڪئنال ٺهرايائين، نه صرف ايترو، پر هن سنڌين کي رڍون ٻڪريون سمجهي ڪراچيءَ ۾ ڪي ٽي سي (يعني ڪراچي ٽرانسپورٽ ڪمپني) باقي سنڌ ۾ ايس آر ٽي سي (سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪمپني) قائم ڪيائين سندس پارٽي شاگرد ونگ به ڪراچي ۾ پيپلز اسٽوڊنش فيڊريشن (بي ايس ايف) جڏهن ته باقي سنڌ ۾ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن سپاف سڏجي ٿي. يعني سندس نظر ۾ ڪراچي، سنڌ ۾ شامل نه هئي. ان جي باوجود به ساڻس پير الاهي بخش ۽ محمد ايوب کهڙي کان به خراب حشر ڪيو ويو، انهن کي ته صرف عهدن تان لاٿو ويو، پر ڀٽي صاحب کي ته ڦاسي ڏني وئي ان ڦاسيءَ ڪري ئي شايد سنڌي ماڻهن کيس ايوب کهڙي جهڙو لقب ڏنو، پر سندس همدردي اکيون ٻوٽي ڪئي پر سندس پارٽي سياسي اڳواڻ هنن جي ڀلي لاءِ نه ٿا سوچين جڏهن ته سندن محبوب پارٽي جا اڳواڻ وري کين رڍون ٻڪريون پيا سمجهن. نه صرف سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين برباد ڪرائي پر بي نظير صاحبه آر بي او ڊي ٺهرائي ٻين صوبن جو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرائي ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ کي به تباهه ڪري ڇڏيو، مشرف وري گريٽر ٿل ڪئنال جو ڪم شروع ڪرايو ۽ زرداري صاحب وري ان کي مڪمل ڪرايو.

aprl 15 38

حڪمرانن جي نه کٽندڙ بک سبب سنڌ جا روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن، اڻ پڙهين کي استاد طور ڀرتي ڪيو ويو، اسپتالن ۾ دوائون ڪونهن ۽ مڪاني ادارن جا فنڊ چونڊيل نمائندا کايو پيا وڃن، پنجاب جي علائقن کي بجلي ڏيڻ لاءِ لوڊشيڊنگ وڌائي پئي وڃي. قيمتون به وڃن ٿيون چوٽ چڙهنديون عام استعمال جون شيون به وڃن ٿيون مهانگيون ٿينديون سنڌ جي گئس پنجاب موڪلڻ ۽ سنڌ کي مهانگي ۽ بيڪار گئس ڏيڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن.پر خبر ناهي ڪهڙي منهن سان چئي رهيا آهن ته اسان آمريت جو گند صاف ڪري رهيا آهيون. حقيقت ۾ گند وڌي رهيو آهي ۽ سنڌ جو هر ڏينهن اڳئين ڏينهن کان برو ٿيندو پيو وڃي، ميڊيا تي ڦڙڪيون هڻڻ ۽ اڳواڻن جون ورسيون ملهائڻ سان سڌارا نه ايندا آهن پر ان لاءِ خوف خدا ۽ عملي ڪم گهرجن.

سنڌ جا ٻيا گهڻ گهرا وري چون ٿا ته پاڪستان جي ڍانچي ۾ رهي سنڌ جي حقن ۽ خوشحالي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، موجوده پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا حال ڏسي ڪي ماڻهو وري چون ٿا ته يار ڍڪي ڀلي آ ڇو ته جيڪا اضافي بجيٽ سنڌ کي ملندي سا به اها سنڌ تي خرچ ڪونه ٿيندي، عام ماڻهو کي ڪجهه به نه ملندو اها به ڪرپٽ ٽولو کائي ويندو جنهن وٽ 17 شگر ملون آهن سو شگر ملن مان کائيندو، جنهن هڪڙو پئٽرول پمپ ورتو سو وڌيڪ ٺاهيندو، جن کي وفاق وارا به ڪجهه به نه ٿا چون. مزاحمت ناهي، ان کي ڀلي سنڌ جا حڪمران مفاهمت سمجهن پر وفاقي حڪمرانن جي سوچ اها آهي ته هي همراهه ڀلي ڪرپشن ڪن جيئن کين هٿڪڙين کان ڊيڄاري سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ کان روڪي سگهجي، انڪري ئي اهي پ پ پ کي ٽوڙڻ يا ڪمزور ڪرڻ نه ٿا چاهين ڇو ته سندن خيال ۾ جيڪڏهن پ پ پ ٽٽي ته پوءِ ننڍا ننڍا گروپ ٺهي پوندا. پوءِ اهي ڪنهن سان ڊيل ڪندا، هنن کي اها ڳڻتي به آهي ته ان خال پيدا ٿيڻ سان الله بخش سومرو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، عبدالحميد جتوئي ۽ سيد امداد محمد شاهه جهڙيون شخصيتون به اڀري سگهن ٿيون. ان ڪري سنڌ جي حڪمرانن جي ڪرپشن کي برداشت ڪري سندن پارٽي کي ٽٽڻ کان بچايو وڃي ته جيئن سنڌ جي وسيلن تي قبضو برقرار رکي سگهجي نه ته اهڙيون عادتون ڪيئن ڪيون، ڌارين جي ان سوچ ۽ پنهنجي غداري ۽ ڪرپشن سبب پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ عنقريب موهن جو دڙو بڻجي ويندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو