Home / شوبز / سوناڪشي هنڙي سيپڪڙي ٿي وئي
above article banner

سوناڪشي هنڙي سيپڪڙي ٿي وئي

showبالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها پنهنجي پيءُ شتروگھن سنها سان پهريون ڀيرو وڏي پردي تي فلم ”اڪيرا“ ۾ نظر ايندي. ان فلم ۾ هوءَ ايڪشن ۾ نظر ايندي، جنهن جي لاءِ هن تربيت جو سلسلو جاري رکيو آهي، پنهنجي نئين ايندڙ فلم ۾ هڪ سٺي فائٽر ڇوڪريءَ جي ڪردار لاءِ هن پنهنجو گھڻو وزن گھٽ ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي سلمان خان سوناڪشي سنها جي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو ڪارو لباس پائي ورزش ڪندي نظر اچي رهي آهي. سلمان خان ٽوئيٽ ڪيو ته: ”ڏسي وٺو سنهي سيپڪڙي سوناڪشيءَ کي، هاڻي يقين آيوَ، واهه واهه! ڪمال ڪرتي هو يار رّجو.“ فلم ”اڪيرا“ سوناڪشي جي پهرين ايڪشن فلم هوندي. فلم ”دبنگ“ کان پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات سلمان خان سان گڏ ڪندڙ سوناڪشيءَ سدائين پنهنجي وڌيل وزن ڪري ڏسندڙن پاران تنقيد جو نشانو بڻجندي رهي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو