Home / ايڊيٽوريل / عبدالواحد آريسر: تاريخ کيس ڪيئن ياد ڪندي؟
above article banner

عبدالواحد آريسر: تاريخ کيس ڪيئن ياد ڪندي؟

affair apr 30-2015ٿر جي ڏاهپ، سٻاجهائپ ۽ هاٺي قد ڪاٺ رکندڙ عبدالواحد آريسر گذريل چئن ڏهاڪن تائين سائين جي ايم سيد کان پوءِ قومي تحريڪ جي سڃاڻپ رکندڙ شخص طور ڳڻيو ويندو رهيو. کيس سيد جو سياسي جانشين به ڪوٺيو ويو. سندس ساه جي تند ٽين مئي تي ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ ٽُٽي وئي. سنڌ جي جڏهن به ڪا تاريخ لکي وئي ته سنڌ پنهنجي هن سدوري پُٽ کي ڪهڙي نالي سان ياد ٿي ڪري اهو مورخ تي ڇڏيل آهي.

حيدرآباد جي هڪ مسجد ۾ پيش امامي ڪندڙ عبدالواحد کي ڪتابن ۽ علم  جي چاه ڇڪي آڻي سيد جي فڪر سان ويجهو ڪيو. هي اهو زمانو هيو جڏهن بنگلاديش جي قيام کان پوءِ پاڪستان جي خالق طور ڳڻجندڙ سائين جي ايم سيد پنهنجي تخليق کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو. سندس سياست جي ريڊيڪل رخ کيس پنهنجي سياسي همعصرن کان پري ڪري ڇڏيو. ها، سواءِ ڪجهه شاگردن ۽ اديبن جي. ان زماني ۾ سندس سياسي فڪر کي تعليمي ادارن مان ٻاهر کڻي نڪرڻ جو ذمو عبدالواحد آريسر پاڻ تي کنيو. جهر جهنگ ۾ ڳوٺاڻين  ڪچهرين رستي هن نوان قومي ڪارڪن تيار ڪرڻ شروع ڪيا جيڪي شاگردن جي سياست جيان کنڀي جيتري ڄمار نه پيا رکن بلڪه قومي تحريڪ سان عمر ڀر جو ناتو ڳنڍن پيا. ايئن سندس سياسي جماعت ، جيئي سنڌ محاذ وجود ۾ آئي جنهن جو پاڻ ويهه سال کان مٿي چيئرمين به رهيو.

 سندس سياست ۾ ڌيرج ۽ سهپ هئي. فڪري پورهيو ڪرڻ جي عادت هئي. سياست عوام سان جُڙي ڪرڻ جي  روايت هئي. اسي جي ڏهاڪي ۾ کيس پارٽي طور موٽ ملڻ شروع ٿي. سندس پارٽي ۽ ساٿي سنڌ جي سياسي منظر نامي ۾ ڳڻپ ۾ اچڻ لڳا. سندس مدبرانه  ڳالهه ٻولهه توڙي جادوئي خطاب جا ماڻهو ديوانا هيا. هي اهو زمانو هيو جڏهن هن کي هڪ ئي وقت  اسلام آباد ۾ ويٺل سرڪار کان سواءِ ٻن مقامي محاذن تي سياسي ويڙه ڪرڻي ٿي پئي.

 هڪ سنڌ ۾ سرگرم روس ۽ چين نواز ڪميونسٽ لڏي سان جيڪي بين الاقواميت سان نينهن نڀائڻ سبب قومپرستي جا مخالف هيا. ٻيو تعليمي ادارن کي پنهنجون ڪيٽيون بڻائي فڪر سيد جي سياست ڪندڙ شاگرد لڏو جيڪي ڏوه ۽ ڇڙواڳي کي عمل پسندي جو  نالو ڏيئي “بي عمل” سڏجندڙ آريسر جي پوري لڏي مٿان ڏمريل  هيا.

 پهرين محاذ تي آريسر صاحب ۽ سندس ساٿي، ڄام ساقي گروپ، رسول بخش پليجو، ارباب کهاوڙ وغيره جي لڏي پاران سنڌ جي قومي تحريڪ مخالف پرچار کي دليل رستي رد ڪندي پنهنجي سياسي ڪارڪن جي نظرياتي تربيت عالمي سوشلسٽ فڪري واٽ جي سُونهن جي  ڪتابن رستي ئي ڪندا رهيا. يعني، لوه کي لوه سان ئي ڪٽيندا رهيا.آريسر سان لاڳاپيل قومي ڪارڪن لينن، مائو ۽ مارڪس جي ڪتابن مان ئي  سنڌ کي قومي خودمختياري جي حق حاصل هجڻ جا دليل ڳولي پيش ڪندا رهيا.

حالانڪه اهو ان دور جي تناظر ۾ ڏسجي ته ڏاڍو ڏکيو ڪم هيو جو سنڌ ۾ جيڪو به ٿورو گهڻو پڙهي لکي وڃي پيو سو “ڪٻر کي مينا” چوڻ جي صدين پراڻي احساس ڪمتري جي ذهنيت سبب نه رڳو وطنيت جي جذبي جو انڪاري هيو پر ديس بديس جي ڏکي ٽرمينالاجي  جهڙوڪ پرولتاري، بورجوا، معروضيت، جدليات وغيره کان سواءِ هر ٻي ڳالهه کي ڄٽڪو ۽ وائڙو سمجهندو هيو. هڪ اهڙو به زمانو آيو جو اهي فڪري بحث ڪج بحثي ۾ شمار ٿيڻ لڳا. چون ٿا ته جڏهن هلاڪو خان جو لشڪر بغداد ٻاهران پهتو هيو ته بغداد جا عالم راتيون ۽ ڏينهن جاڳي ان ڳالهه تي بحث ڪري رهيا هيا ته هڪ سوئي جي سوراخ ۾ ڪيترا ملائڪ سمائجي سگهن ٿا. اهڙي ريت سنڌ ۾ سياسي ڪارڪن فضول، لاحاصل بحثن جا ملاکڙا کٽڻ ۾ پورا رهيا.

 کڻي جو ان ڪج بحثي ڪتاب پڙهڻ ۽ ڏاهن ماڻهن جا  قول ياد ڪرڻ جو رواج وڌو پر ان جي نتيجي ۾ ڪا سنجيده سياسي صف بندي نه ٿي سگهي. سياسي مناظرا، ڏي جواب وٺ جواب جي سياسي ڪلچر سبب  بي عمل دانشورن جي اهميت پارٽين ۾ وڌي وئي. سياست ۾ حقيقت فهمي جي جاءِ رومانس ورتي. ڪابه ، ڪيتري به وڏي ڳالهه ۽ دعويٰ ڪري ڇڏيو پرک ته عمل جي ميدان ۾ ٿيندي آ، نه پرولتاري انقلاب اچڻو آ جو ان لاءِ سنجيدگي سان  ويهي ويچار ڪجي ته اها سياسي سگهه  ڪيئن پيدا ٿيندي، نه ئي ڪو آزادي جو سج اڀارڻ جي تڪڙ آ جو ان لاءِ ماڻهن کي پاڻ سان جوڙڻ لاءِ ڪا حڪمت ڪجي.

 ٻئين، شاگرد  محاذ تي، آريسر صاحب سنجيده شاگردن رستي قومي تحريڪ جو پرچار جاري رکيو کڻي جو گل محمد جکراڻي ۽ ستار مورئي جيڪو تعليمي ادارن ۾ ٻج ڇٽيو هيو تنهن اسي ۽ نوي جي زماني تائين گهاٽا ٻٻُر پيدا ڪري ڇڏيا هيا جن جي ڪنڊن مان سنجيده شاگرد سياست کي  بچائي هلڻ  ڏاڍو ڏکيو هيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ مٺو ڪاسائي، سدورو ڌاڙيل ته اچي سگهن پيا پر آريسر، خالق جوڻيجو، علي نواز ٻٽ نه ٿي اچي سگهيا. شاگرد لڏي ۾ جيڪي به آريسر جا حامي (معنيٰ ڏوه ۽ ويڙه کان پاسو ڪندڙ ۽ ڪتاب سان چاه رکندڙ) سمجهيا تن جا مٿا روز ڦاٽل هوندا هيا. نوي جي شروع وارن سالن تائين آريسر جي پورهئي لاڀ ڏيڻ شروع ڪيو. جيئي سنڌ محاذ سنڌ جي سياست تي اثرانداز ٿيڻ شروع ڪيو. ڇيد ڪجي ته اهي ئي سال هيا جڏهن  محاذ اندران ئي اندران گروپن ۾ ورهائڻ ۽ آريسر صاحب اندران ڀرڻ شروع ڪيو.

نيٺ عبدالواحد آريسر نوي جي وچ ڌاري، سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ سياسي توڙي شخصي طور تي جهري پيو. سندس جوت ساڳي نه رهي. سندس فيصلي ڪرڻ جي قوت اها نه رهي. سندس ساٿي اهي نه رهيا. محاذ جي مالا ۾ جڙيل داڻا “ڪوئي ڪهان گرا، ڪوئي ڪهان گرا” وانگر وکري ويا.مئي نوشي کيس ڪنهن مم جيان گوڏن کان چٽي بند ڪمري ۾ ويهاري ڇڏيو.  ڪڏهن ڪڏهن ته اهو گمان ٿيندو هيو ته هو هاڻ پاڻ کي پاڻ اندران ئي اندران کائي، پاڻ کان انتقام وٺي رهيو آهي. هو سڄي حياتي جنهن منزل ڏي پنڌ ڪندو رهيو تنهن منزل تي ته نه رسي سگهيو باقي سندس پيرن جا نقش آهن جيڪي ڏسون ته وقت جي دز ۾ لٽجي ٿا وڃن يا منزل جي تانگهه رکندڙن لاءِ راهبر ٿين ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو