Home / ڪور افيئر / عبدالواحد آريسر: سنڌ لاءِ پير پِٿون ڪندڙ پانڌيئڙو
above article banner

عبدالواحد آريسر: سنڌ لاءِ پير پِٿون ڪندڙ پانڌيئڙو

DR Muhammad Almaniقومن جي تاريخ انهن جي عروج ۽ زوال جي قصن ۽ ڪهاڻين سان ڀري پئي آهي، سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ ۾ عروج جا واقعا به آهن ته زوال جا به واقعا ڀريا پيا آهن. هي ڳالهه اسان فخر سان چئي سگهون ٿا ته سنڌ جي ڏکين ڏينهن ۾ خاص طور ڌارين جي ڪاهن ۽ غلامي واري دور ۾ ڪيئي سورهيه پٽ آهن جن پاڻ قربان ڪري سنڌ جو ڳاٽ هميشه اوچو رکيو آهي. 1843ع کان اڄ تائين سنڌ جي وڏي درد ڀري ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ڪونڌرن سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ خاطر پاڻ ملهايو. انهن مڙني ۾ سائين جي. ايم. سيد پهريون انقلابي اڳواڻ آهي جنهن سنڌي قوم جي آجپي وارو نه رڳو نظريو ڏنو پر ان جي حاصلات لاءِ جيئي سنڌ محاذ جو بنياد به رکيو. سائين جي. ايم. سيد 18 جون 1972ع ۾ جيئي سنڌ محاذ قائم ڪيو ۽ پاڻ ان جو پهريون چيئرمين چونڊيو ويو. پر 1972 کان 1977ع تائين سندس نظربنديءَ جي ڪري علمي ڪم ته ٿيو پر جماعت سازي ۽ تنظيمي ڪم ٿي نه سگهيو.

1972ع کان 1977 ع تائين ڪيئي وڏا وڏا نالا آهن جيڪي آيا ۽ ڪجهه وقت سيد سان گڏ هلڻ کان پوءِ پير پساري هليا ويا. انهيءَ عرصي ۾ جيڪو علمي ڪم ٿيو پئي انهيءَ ۾ محترم عبدالواحد آريسر به اچي شامل ٿيو هو. اهو ذوالفقار علي ڀٽو جو دور هو، انعامن، اڪرامن ۽ من وَ صلوا جي پالوٽ هئي، ڪيئي نالي وارا اديب ۽ دانشور انهيءَ مان فيضياب ٿيا، ليڪن هي غريب ماڻهو، پورهيت خاندان سان تعلق رکندڙ، “ڀينڊي” جي مدرسي جو پڙهيل، ان وقت جو مولوي صاحب،سيد ۽ سنڌ جي عشق ۾ اهڙو اڙيو جو سڀ ڪجهه ڇڏي اچي قومي قافلي۾ شامل ٿيو. هن جو فڪر جي. ايم. سيدجي پرچار جو پهريون وسيلو پيغام رسالو هيو، جنهن ۾ هن ان وقت جي شينهن وزير اعليٰ جي نسلي فساد ڪندڙن کان ٻانهون ٻڌي معافي وٺڻ واري تصوير شايع ڪري کيس گدڙ بڻائي بيهاري ڇڏيو هيو. انهيءَ تصوير شايع ٿيڻ سان سرڪاري اهلڪار عبدالواحد آريسر جي پٺيان پئجي ويا ۽ هن کي ڪجهه وقت روپوشيءَ جي زندگي گذارڻي پئي هُئي ۽ جيل ياترا ڪرڻي پئي. پيغام کان پوءِ خادم لاکير جي رسالي ڪارونجهر ۾ هن جا مضمون شايع ٿيا.

1977 ع ۾ جڏهن جيئي سنڌ محاذ کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ جيڪا گڏجاڻي سائين جي. ايم. سيد سڏائي ان ۾ سائين جي. ايم. سيد، محترم عبدالواحد آريسر کي جيئي سنڌ محاذ جو ڪنوينر مقرر ڪيو، 1978ع ۾ جڏهن جيئي سنڌ محاذ جي نيشنل ڪانگريس جو اجلاس ٿيو ته عبدالواحد آريسر کي چيئرمين ۽ مير مولا بخش لغاري کي وائيس چيئرمين چونڊيو ويو.

30-April-2015 24

عبدالواحد آريسر جي چيئرمين ٿيڻ کان پوءِ جيئي سنڌ محاذ سائين جي. ايم. سيد جي سرپرستي ۾ تبليغ واري ڪم کي اڳتي وڌايو. انهيءَ زماني ۾ سرڪار جي ڪارندن قوم پرستيءَ کي اسلام دشمن تحريڪ ڪري عوام ۾ پيش ڪرايو ته ٻين سياسي اقتداري ٽولن انهيءَ کي جمهوريت دشمن ڪري پيش ڪيو، ته ٽئين پاسي پاڻ کي ترقي پسند سڏائيندڙ ڪيتريون ئي ڌريون ۽ ٽولا هئا جن فڪر جي. ايم. سيد کي سوشلزم مخالف تحريڪ ۽ هاري ۽ مزدور مخالف تحريڪ ڪري پيش ڪيو، هڪ طرف ملن جا ٽولا هئا جن سيد خلاف ڪفر جون فتوائون جاري ڪيون، ته ٻئي پاسي ڪي مائوئسٽ ته ڪي ليننسٽ هئا جن، فڪر جي. ايم. سيد کي جاگيرداري ۽ وڏيرڪي قوم پرستي سڏي عوام ۾ نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن سوشلسٽ انقلابين سنڌ جي قومي تحريڪ کي ڪٽر قوم پرستي سڏي مخالفت جو طوفان کڙو ڪيو.

جيئي سنڌ محاذ کي سائين جي. ايم. سيد جي رهبري حاصل هئي، جنهن ملان ازم خلاف سخت وار ڪيو ۽ ملان پاران دين جي تشريح جي سخت مخالفت ڪئي ۽ پير، مير وڏيري ۽ ملان کي گڏ بيهاري، سرڪار جو ڀاڙيتو، سڏيو ۽ مٿن سخت تنقيد ڪئي. ان سان گڏوگڏ سائين جي. ايم. سيد “سوشل شائو نزم” جي به سخت مخالفت ڪئي. محترم عبدالواحد آريسر ۽ سندس ٽيم سيد جي انهيءَ فڪري لاٽ کي کڻي جهر جهنگ پهچايو. انهيءَ زماني ۾ ڳوٺاڻيون ڪچهريون عام ٿيون، جيئي سنڌ محاذ جا ورڪر ڳوٺن ۾ ڪاهي پيا، ته جيئن عوام ۾ سجاڳيءَ جي لهر پئدا ڪجي.

عبدالواحد آريسر جي سرواڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ عوام سان رسائيءَ جا ذريعا سادا سودا ڳوليا، ڳوٺاڻيون ڪچهريون، ليڪچر پروگرام، پمفليٽ، رسالا جن ۾ فڪر جي. ايم. سيد جي تشريح ۽ مخالفن جي سوالن جا جواب شامل هئا ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي جيئي سنڌ محاذ، قومي تحريڪ کي عروج طرف کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ڳوٺاڻين ڪچهرين جي جاءِ تي وڏا وڏا جلسا ٿيڻ لڳا. ضيا جو مارشل لائي دور هجي، عبدالواحد آريسر، سميت ڪيئي قومي ڪارڪن جيل ۾ هئا، عبدالواحد آريسر، دودو مهيري ۽ ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي ڪوڙن جي سزا ڏني وئي.

سائين جي. ايم. سيد جا ته ملڪ ۾ ڪيترائي نام ڪٺيا مخالف هيائي، پر هاڻ انهن جو نشانو سائين جي. ايم. سيد جي جماعت جيئي سنڌ محاذ ۽ ان جو چيئرمين عبدالواحد آريسر هيا. پروپيگنڊا ڪئي وئي ته “جيئي سنڌ محاذ وارا پڙهندا ئي نه آهن، اهي اصل ۾ ڪتاب جا دشمن” مُلي (عبدالواحد آريسر) کي ڪهڙي خبر ته انقلاب ڇا ٿيندو آهي”.!! ٻاهران ته تير آيا پئي پر پنهنجي جماعت اندر به سندس مخالف نسري نروار ٿيا، جيڪي پاڻ ته ڪجهه ڪري نه سگهيا، پر نئين نسل شاگردن ۾ وڃي وٿاڻ ٺاهيائون ۽ هڻي وڃي هنڌ ڪيائون، ڏسندي ئي ڏسندي ڪن کي چي گويرا ٺاهيو ويو ته ڪن کي ابو جهاد ٺاهيو ويو! وڏيون ڪوششون ٿيون ته جيئي سنڌ محاذ کي ڊاهيو وڃي ۽ پوءِ محترم عبدالواحد آريسر مٿان ڪيئي الزام تراشيون ٿيون. انهن سان به مخالفن جو ڪم نه ٿيو ته جلسن ۾ وڳوڙ ڪيائون، ۽ چيائون ته جيئي سنڌ محاذ انقلابي جماعت نه آهي، بلڪه جيئي سنڌ محاذ کي پارٽي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو. لاتعداد جلسا آهن جن ۾ وڳوڙ ٿيا، مورو ۾ جلسي ۾ پاڪستان جو جهنڊو ساڙي بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو ويو، خيرپور ناٿن شاهه ۾ جلسي جي بجلي ڪاٽي وئي، حيدرآباد ۾ سائين جي. ايم. سيد جي سالگره جي جلسي کي ڪلاشنڪوف بردارن گهيرو ڪري هلڻ نه ڏنو، ملطب ته آريسر صاحب جي صدارت وارن جلسن کي ڦٽايو ويو! صورتحال اها وڌي وڃي وڻ ٿي، جڏهن سائين جي. ايم. سيد 1989ع ۾ اتر سنڌ جو دورو ڪيو ته ان ۾ به وڳوڙ ڪيا ويا، رستي ۾ جلوس دوران انتها ڪريل حرڪتون ڪيون ويون ۽ قومي تحريڪ گهڻ طرفي گروهي لاڙن جي وڪڙ ۾ وڪوڙجي وئي. هڪ پاسي رياستي ادارا هئا جن بار بار عبدالواحد آريسر کي گرفتار ڪيو  ۽ تشدد جو نشانو بڻايو پر کيس جهڪائي نه سگهيا، ٻئي طرف هي جوڌا هئا جن عبدالواحد آريسر ۽ جيئي سنڌ محاذ خلاف پروپئگنڊا جو محاذ کوليو هيو.

عبدالواحد آريسر جي سربراهي ۾ جيئي سنڌ محاذ ڪيئي اهم احتجاج ڪيا، جن ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ 25 جنوري 1989ع تي بهارين جي آمد خلاف احتجاجي مظاهرو، پهرين سيپٽمبر 1991ع تي بهارين جي آمد خلاف سڄي سنڌ ۾ پر امن هڙتال، 17 اپريل 1992 ع سنڌ پنجاب بارڊ تي ڪمون شهيد وٽ بهارين خلاف احتجاجي مظاهرو، پهريون دفعو سنڌ، پنجاب بارڊر سڄو ڏينهن بند رهيو.

سائين جي. ايم. سيد نظربنديءَ مان جڏهن به آزاد ٿيو ته پاڻ سنڌ جي گشت جا پروگرام رٿيائون، هنن پروگرامن ۾ عبدالواحد آريسر ۽ سندس ساٿين اهم ڪردار ادا ڪيو، انهن مان مکيه پروگرام هن ريت آهن.

(1)5 ڊسمبر 1987ع سن کان شروع ٿيو ۽ ڊسمبر 1987ع تي ميرپور ڀٽو ۾ اڌ رات جو ممتاز علي خان ڀٽو جي رهائش گاهه تان گرفتار ڪيو ويو.

(2)مئي 1989ع ڏکڻ سنڌ جو دورو ڪراچيءِ کان شروع ڪيو جيڪو ٺٽو بدين کان ٿيندو ڀٽ شاهه تي پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتو.

(3)پهرين آڪٽوبر سکر ايئرپورٽ کان اتر سنڌ جو دورو شروع ڪيو جيڪو سکر، شڪارپور، جيڪب آباد کان ٿيندو ڪشمور تائين جاري رهيو، جتي کيس اڳتي دورو جاري رکڻ کان منع ڪئي وئي ۽ گرفتار ڪيو ويو.

عبدالواحد آريسر جي سربراهي ۾ جيئي سنڌ محاذ انهن ٽنهي دورن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي ڪيل تقريرن کي ملائي هڪ تقرير جي صورت ۾ شايع ڪرايو.

سائين جي. ايم. سيد نظربندي دوران قلم ذريعي فطري پورهيو ڪيو، عبدالواحد آريسر انهيءَ کي خوبصورت انداز ۾ عوام تائين پهچايو.

عبدالواحد آريسر ۽ جيئي سنڌ محاذ جي قيادت جو هڪ ڏوهه اهو هيو ته جيئي سنڌ اندر جيڪو ڪرائيم ڪلچر داخل ٿيو، هي ان جا سخت مخالف هئا. پر بهادري جي دعويدارن ڪرائيم کي انقلاب لاءِ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو ۽ اعلان ڪيو ويو ته عبدالواحد آريسر يونيورسٽيءَ ۾ داخل نٿو ٿي سگهي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صدورو شيخ ته مهمان ٿي پئي سگهيو پر عبدالواحد آريسر جي داخلا تي بندش هئي.

عبدالواحد آريسر 1986ع ۾ سنڌ جي ننڍن ننڍن سياسي گروپن کي ملائي سنڌ اندر قومي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ اٺ جلسا ڪيا انهيءَ اتحاد جو باضابطه  ڪو به نالو نه هيو ان ڪري اهو راڄوڻي اتحاد جي نالي سان مشهور ٿيو.

جڏهن ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ وارا ساڻس ملڻ آيا ۽ چيائون ته سنڌ سطح جو ڪو اتحاد ٺاهجي ته کين سائين جي. ايم. سيد سان ملڻ جو مشورو ڏنائين ۽ چيائين ته ڪنهن به باضابطه اتحاد جو اختيار سائين جي. ايم. سيد وٽ آهي ساڻس ملاقات ڪري اتحاد ٺاهي سگهجي ٿو. 1989ع ۾ سنڌ قومي اتحاد سائين جي. ايم. سيد جي سرواڻي ۾ قائم ٿيو ته ان کي متحرڪ ڪرڻ ۾ اهم رول ادا ڪيائين. آڪٽوبر 1989ع ۾ سائين جي. ايم. سيد جي ساٿين سميت گرفتاريءَ کان پوءِ SNA جي صلاح مشوري سان جدوجهد هلائڻ جي ڪوشش ورتائين، پر شاگردن پاران الڳ، جيل ڀريو تحريڪ جي اعلان سان گڏيل جدوجهد هلي نه سگهي. 1990 ع ۾ عبدالواحد آريسر کي SNA جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو ته جيئي سنڌ اندر اختلاف رکندڙن سندس خلاف هڪ وڏو محاذ کولي ڇڏيو ۽ عبدالواحد آريسر جي مخالفت ڪرڻ کي پنهنجي مشن جو حصو ٺاهي ڇڏيائون. 1990ع ۾ ايجنٽن پنهنجون اٽڪلون هلائي اهڙا واقعا ڪيا جن سان عبدالواحد آريسر جي شخصيت ۽ جيئي سنڌ محاذ کي وڏو ڌچڪو لڳو، انهن واقعن ۾ هالا ۾ سنڌ قومي اتحاد جي جلسي ۾ ٿيل واقعو به شامل آهي، جنهن سان قومي تحريڪ جو نقصان ٿيو، عبدالواحد آريسر انهيءَ واقعي کان پوءِ جيئي سنڌ محاذ ۾ رهندي گوشه نشيني طرف وڃڻ چاهيو ۽ جيئي سنڌ محاذ جي قيادت تي واضح ڪيو ته هو هاڻ جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين نه ٿيندو. اسان اڃا سکر ۾ جهنڊي ڪيس واري واقعي کان پوءِ جيل ۾ هياسي ته عبدالخالق جوڻيجو ۽ محمد هاشم کوسو وارا ملاقات تي آيا ۽ اهو ٻڌايائون ۽ چيائون ته عبدالواحد آريسر جي راءِ آهي ته سيد غلام شاهه کي چيئرمين بڻايو وڃي. 1991ع ۾ سيد غلام شاهه جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين چونڊيو ويو ۽ آريسر صاحب سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو، اها ڳالهه ٻڌائي ٿي ته هن لاءِ عهدا اهميت وارا نه هيا پر انقلاب اصل اهميت وارو هيو. هاڻ عبدالواحد آريسر جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين نه هيو پر پوءِ به غالبن 1992ع ۾ فوجي آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو.  جيئي سنڌ محاذ سندس آزاديءَ لاءِ ڪا به جدوجهد نه ڪئي، اهو چيو ويو ته قانوني چاره جوئي بهتر رستو آهي، ڇو ته سندس زندگيءَ کي خطرو ٿي سگهي ٿو.

1993 ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نيشنل ڪانگريس جو اجلاس ٿيڻو هو ان لاءِ صلاح مشورا شروع ٿي ويا ته اهو اجلاس ڪٿي ٿئي، صورتحال جي مد نظر اهو فيصلو ڪيو ويو ته بلوچستان جي علائقي ڀاڳ ناڙيءَ ۾ اسد ابڙو جي ميزبانيءَ ۾ اهو اجلاس ڪيو وڃي ۽ صلاح به ڪئي وئي ته محترم عبدالواحد آريسر جنهن جو ڪو به پتو نه هيو ته ڪهڙي فوجي ڪئمپ ۾ آهي انهيءَ کي چيئرمين چونڊيو ويو ۽ سائين جي. ايم. سيد جي چاليهي تائين جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رهيو. چاليهي جي موقعي تي جيئي سنڌ قومي محاذ ٺاهيائين.

دنيا ڏٺو ته 1995ع ۾ سائين جي. ايم. سيد جي لاڏاڻي وقت، سر بچاءُ خاطر انهن سڀني آريسر صاحب جا اچي پير پڪڙيا هئا ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان اهي سڀ هڪ هڪ ٿي کيس ڇڏي ويا ۽ عبدالواحد آريسر کي ڌار الڳ قومي محاذ ٺاهڻو پيو، جنهن جو آخري وقت تائين چيئرمين هيو ۽ انهي پليٽ فارم تان جدوجهد ڪندو رهيو.

عبدالواحد آريسر کي سنڌ جي تاريخ تي عبور حاصل هيو، ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جي تحريڪ سان گڏ دنيا ۾ ٿيل اٿل پٿل کان به چڱي ريت واقف هيو، ٿر جي ڀٽن ۾ ريڊيو سندس دوست هوندو هيو، ٻئي وقت BBC ضرور ٻڌنڌو هيو. هن فڪر جي. ايم. سيد جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو ۽ سائين جي. ايم. سيد سان روبرو ڪيئي ڪچهريون ڪري درس حاصل ڪيو.

تقرير جو کيس وڏو ڏانءُ هيو، هو جڏهن تقرير ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي ايندو هيو ته سناٽو ٿي ويندو هيو، لفظ قطارون ڪري سندس آڏو اچي بيهندا هيا ۽ آريسر صاحب انهن کي کڻندو تقرير ۾ ايئن پوئيندو هيو جيئن خوبصورت گلدستي ۾ گل پويا ويندا آهن. ڇا ته هن جي ڪچهري هوندي هئي، علم ادب ۽ تاريخ، انقلابي واقعا بحث جا موضوع هوندا هئا. هو جنهن علائقي ۾ تقرير ڪندو هيو ته اڳ ۾ ٻڌندڙن کي ان علائقي جي تاريخي واقعن کان آگاهي، ڏيندو هيو. هو ڏسڻ جو سادو، طبيعت جو سادو، لباس جو سادو، پر گفتگو جو بادشاهه هيو. هو ڏکين وقتن ۾ ڪيترن جو ڇپر ڇانو ٿيو پر انهن کيس دوکا ڏنا. هو سيد جو سچو پيروڪار هيو.

بهرحال قومي تحريڪ ۾ عبدالواحد آريسر 1972ع کان 3 مئي 2015ع تائين گهڻين ڏکيائين، تڪليفن جي باوجود فڪر جي. ايم. سيد تي ڪار بند رهيو، سندس وڇوڙو وڏو سانحو آهي، سندس خال ڀرجڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو