Home / ڪور افيئر / عبدالواحد آريسر: هلندي حبيبن ڏي ، ڪرها موڙ نه ڪنڌ
above article banner

عبدالواحد آريسر: هلندي حبيبن ڏي ، ڪرها موڙ نه ڪنڌ

Ilyas Thariعبدالواحد آريسر جيڪو سنڌ جي قوم پرست سياست جو ساک رکندڙ ڪردار رهيو. 1949ع ڌاري عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ انڙ آباد (وائوڙي) ۾ جنم وٺندڙ عبدالواحد آريسر سنڌ جي قوم پرست سياسي منظر نامي ۾ شفق لالاڻ جيان هميشه لاءِ چمڪندو رهندو. آريسر جنهن خطي ۾ جنم ورتو اتي ڇوليون هلندڙ مهراڻ ڪنهن دور ۾ پنهنجو پاسو ورائيندي آخري ڇوڙ اچي ڪيو هو، تنهنڪري سندس ڳوٺ جي ڀرسان اهو ڇور واهه به وهندو آهي جنهن بابت سنڌ جي مزاحمتي شاعر حليم باغي لکيو ته ”ڇور واهه جو ڇوليون البيليون اڻموليون“.

عبدالواحد آريسر شروعاتي ديني ۽ پرائمري تعليم ڳوٺ ڀرسان موجود گنبي جو دڙو واري مدرسي مان ورتي، بعد ۾ ولهيٽ ۽ ان کان پوءِ ڀينڊي شريف مان حافظ قرآن بڻجي آريسر حيدرآباد پهتو، جتي هو ڪجهه عرصي تائين حيدرآباد جي هڪ مسجد ۾ پيش امام پڻ رهيو. عبدالواحد آريسر  تي جيتوڻيڪ شروعات کان وٺي علماءِ ديوبند جو اثر رهيو پر جمهوري روين، انسانيت جي عظمتن ۽ محبتن جي مانڊاڻ جي قائل هن معصوم انسان هميشه سنڌ پرستي کي قائم رکيو اهو ئي سبب هيو جو عبدالواحد آريسر جميعت طلباءِ اسلام ۽ جميعت علماءِ اسلام ۾ موجود رهندي به سنڌ وطن جي ڳالهه ڪئي ۽ ان دوران سندس اختلاف پڻ ٿيا.

هي 70 ع واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي جڏهن ملڪ ۾ ٻولي وارا فساد ڀڙڪي اٿيا هئا ۽ 72ع ۾ آخرڪار ممتاز علي ڀٽو کي اردو ڳالهائيندڙن کان معافي وٺڻي پئي هئي. ان دور ۾ هڪ اردو اخبار انهن نسلي فسادن کي هوا ڏيندي ائين به لکيو هو ته “اردو ڪا جنازا هي زرا ڌوم سي نڪلي” ۽ پوءِ آريسر پيغام رسالي جي بيڪ ٽائيٽل تي ممتاز علي ڀٽو جي تصوير ڇاپي هيٺيان ڪجهه سٽون لکيون. جنهن سان سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيا. ان دوران جي يو آءِ ۽ جي ٽي آءِ سان اصولي طور اختلاف چوٽ چڙهي چڪا هئا ۽ نتيجي ۾ هن ان وقت سنڌ جي ميرپورخاص ضلعي ۾ موجود ڊگهڙي جي شهر ۾ جي يو آءِ تان استعيفي ڏيڻ جو اعلان ڪيو تنهن وقت ڊگهڙي ۾ ساڻن گڏ ڊاڪٽر ادل سومرو پڻ استعيفيٰ ڏني هئي. عبدالواحد آريسر گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد مسجد کي ڇڏي محفوظ هنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ چون ٿا ته سندس پنڌ جو آخري ڇيڙو سائين جي ايم سيد جي ڳوٺ سن تائين ٿيو ۽ انهي پنڌ دوران هن ڀٽائي جي بيت.

رات سهائي ڀونءِ سنئين،  پٽن وڏو پنڌ،

هلندي حبيبن ڏي ، ڪرها موڙ نه ڪنڌ

ٻنڌڻ سو ئي ٻنڌ جو پڄائي پرين کي

۽ پوءِ آريسر پرين ڳولهي لڌو، هڪ اهڙو پرين جنهن جي شفقت سرير جي انگ انگ ۾ انگجي ماکي جي لار جيان رچي چڪي هئي ۽ آريسر سيد جو ساٿ ملڻ تي رچي ريٽو ٿي ويو ۽ هن پنهنجي ادبي تحريرن ۾ مولانا ابو الڪلام آزاد جيان انقلاب ۽ رومانس جي سنگم کي سلهاڙي لفظن جي اهڙي ته جادوگري سان استعمال ڪيو جو سنڌ جي هاڻوڪي نسل تائين الهڙ جوانين کان وٺي جهور پوڙهن تائين سنڌي ماڻهو آريسر جي تحريرن ۽ تقريرن سان پيار ڪن ٿا. هن پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ سنڌ جي قومي هيرن ۽ سرڪار توڙي ڪامورڪي چالاڪين جي لباس ۾ ڍڪيل تاريخ جي انهن ڪردارن کي به نمايان ڪيو جن جو سرڪار نامدار جي ڏهاڙي وارن تاريخدانن رڳو ذڪر ان ڪري نه ڪيو آهي جو اهي سندن نظرين تحت قربان نه ٿيا هئا.

30-April-2015 27

هاسي سنگهه سوڍي جي ڳوٺ هاسيسر کان وٺي راڻي رتن سنگهه جي امرڪوٽ تائين آريسر محاورن، استعارن ۽ اصطلاحن ذريعي سنڌ جي قومي هيرن کي پنهنجي لکڻين ۾ ايئن محفوظ ڪري ڇڏيو جيئن سنڌ ڌرتي ڀٽائي ۽ اياز کي محفوظ ڪيو آهي. اهو آريسر ئي هو جنهن پنهنجي تحريرن ۾ ٿر جي هانسلي، ڪڙڪن، ڪنٺي، مورئي، ٽيلڙي، ٻانڌڻو اوڍڻ، کان وٺي هرڻ جي ڇالن، ڪجلاسر جي ڪامڻين ۽ ڪارونجهر جي ڪور تي مور جي ٽور کي لفظن جي تقدس سان هميشه لاءِ محفوظ ڪيو ۽ حڪمرانن کي اهو به ٻڌايو ته ٿر رڳو مٺي ناهي پر ٿرپارڪر، سعيدائو، ڀرڙائو، راڻڪ ڏهر، کان وٺي اڇڙي ٿر تائين جو علائقو به ٿر آهي. 1979ع ۽ 1980ع ڌاري عبدالواحد آريسر کي ضيا شاهي آمريت سنڌ يونيورسٽي ۾ شيخ مجيب رحمان جي ملهائجندڙ ورسي واري پروگرام جي صدارت ڪرڻ جي پاداش ۾ گرفتار ڪري ڏهه ڪوڙا هنيا ۽ ان وقت آريسر پهريون سياسي قيدي هو جنهن کي ڪوڙا لڳا جنهن جي نتيجي ۾ هو ڳچ عرصي تائين هلڻ ڦرڻ کان لاچار رهيو.

 قومي تحريڪ جي فڪري محاذ جي سپهه سالار عبدالواحد آريسر ٿي نه محبت مات، چانڊوڪيون ۽ چيٽ، مجيب ۽ ڀٽو، سر۾ سانجهي وير، وريا واهيرو، ترم ياترا،  اسان جيئن به جيئي، سنڌي سماج جو جائزو، قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون،  جي ايم سيد سميت 30 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا.

چون ٿا ته هڪ ڀيري ناري پٽ جا گڙنگ وڏيرا ۽ آبادگار سائين جي ايم سيد وٽ پهتا ۽ چيائون ته سائين اوهان جي پارٽي جا ميمبر ٿيڻ چاهيون ٿا. سائين وراڻيو ته توهان عبدالواحد آريسر کي سڃاڻو ٿا چيائون ها، سائين جي ايم سيد چيو ته وڃو اوهان جي ميمبر شپ جو سرٽيفڪيت عبدالواحد آريسر جاري ڪندو. جڏهن شيخ اياز ڀٽو سان ملاقات ڪري سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلري ماڻي تڏهن سائين جي ايم سيد ناراض ٿيو ۽ تنوير عباسي سميت شاعرن جي ڪميٽي جوڙي چيائين ته نئون قومي ترانو لکيو وڃي. تڏهن آريسر ئي ته هو جنهن سائين جي ايم سيد کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو ته سائين اياز ته سنڌ جو اثاثو آهي ۽ پوءِ پُل جو ڪردار ادا ڪندي سائين جي ايم سيد کي مطمئن ڪيو. شيخ اياز بعد ۾ سائين جي ايم سيد کان معافي ورتي ۽ ساڳيو ترانو اڄ به قومي تحريڪ جي پروگرامن ۾ پڙهيو ويندو آهي. عبدالواحد آريسر پنهنجي علمي ڏاهپ، فهم ۽ فراست سان سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ نظرياتي نقطن کي مضبوط ڪيو ۽ هن آخر دم تائين سائين جي ايم سيد جي سچي عاشق طور زندگي گذاري.

03 مئي 2015 جي اسر ويلي جڏهن عبدالواحد آريسر جي لاڏاڻي جي خبر نشرياتي ادارن تان بريڪ ٿي ته هڪ ڀيرو وري سنڌ جي ڪروڙين عوام جون دليون بيهجي ويون ۽ اهي سنڌ جي هن عاشق ۽ معصوم صفت سياستدان جي وڇوڙي تي هنجون هاري ويٺا. سندس مڙهه جڏهن ڪراچي کان ڳوٺ انڙ آباد لاءِ نيو ويو ته سنڌ جي هر سڏ پنڌ تي سنڌ جي ارڏن ٻارن توڙي سنڌ جي قومي ڪارڪنن گلابن جي پتين سان پنهجي محبوب ليڊر کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ پسمنظر ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو سٽون “تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس، دار جي به درد ۾ ڪائي لذت هئي پرين، تنهنجي ڪاڪل جو قيدي ٿيڻ کان اڳئي قيد خانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين جيڪا وئي ڇڪي، تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس” جهونگارجي رهيون هيون. تاج جويو ۽ مائيڪرو فون تي سندس پاران ڪارڪنن لاءِ چيا ويندڙ آٿت وارا جملا سنڌ جي ڪنهن به نوجوان جي نيڻن ۾ لڙڪ جا بند ڀڄڻ کان روڪي نه سگهيا.

سنڌو جي ڇولين ۽ ٿر جي جي وسڪاري کي شاهد بڻائي آريسر ته هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو پر جڏهن سندس مڙهه عمرڪوٽ پريس ڪلب ويجهو موجود الله واري چوڪ تي پهتو ۽ عوام جي وڏي انگ جڏهن هن محبوب انسان جي مڙهه جو ديدار ڪرڻ لاءِ استقبال ڪيو. تڏهن سنڌ جي انهن سمورن وڏيرن جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سياستدانن کي پنهنجي زندگي بي معنيٰ ۽ بي مقصد محسوس ٿيڻ لڳي هئي  ۽ آريسر جو مڙهه وري به سنڌو دريا جي آخري ڇوڙ واري ڇور واهه جي پل تان جڏهن گذريو تڏهن ڍاٽ راجستان جي هن خوبصورت ناري پٽ جي علائقي ۾ هندو ڌرم جو مذهبي تهوار آکاٽيج ملهايو پئي ويو.

آکاٽيج اهو ڏهاڙو آهي جنهن کي ٿر جو ماڻهو ڀلي وسڪاري جا سنوڻ ساٺ ڏسڻ ۽ پرکڻ لاءِ ملهائيندو آهي ۽ هن ئي موسم ۾ راجستان جون ڌيئاريون ڳڀرو ڀائر انهن کي ساهرن مان ڪوٺي پنهنجي گهر آڻيندا آهن پر عبدالواحد آريسر جي وڇوڙي سان اهي سموريون خوشيون گهڙي کن لاءِ ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. وائوڙي جي اڱڻ تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهتل هزارين نوجوان اوڇنگارون ڏيندي روئيندا رهيا. سيد امير حيدر شاهه، جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، عبدالخالق جوڻيجو، هاشم کوسو، جي ايم ڀڳت، جمن دربدر، حليم باغي سميت هزارين قومي ڪارڪن آريسر جي آخري سفر ۾ شريڪ ٿيا ۽ هن کي سندس ڪکائين جهوپڙي جي بلڪل سامهون سڏ پنڌ تي کُليل پڌر ۾ جڏهن جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو پئي ويو تڏهن دنيا جي سفيد هاٿي حيسڪو وارن ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي.

زندگي جي 66 سالن جون بهارون سنڌ جي قومي آزادي واري فڪر کي ارپيندڙ ڏاهي عبدالواحد آريسر اسپتال جي بستري تان آخري لفظ ڳالهائيندي ائين به چيو هو ته: آئون ڪڏهن به خواهشن جو تابع ناهيان رهيو ۽ ڪارڪن جي ايم سيد جي فڪر ۽ فلسفي کي جهر جهنگ تائين پهچائيندا رهن ۽ اها حقيقت آهي ته هن سڄي حياتي سنڌي قوم جي خدمت ڪئي ۽ هو پنهنجي غربت کي عظمت جي مينار جيان سانڍي ڪنهن احساس محرومي جو شڪار ٿيڻ بجاءِ ان هميشه روحل واءِ جي رولاڪين کان وٺي اوٻاوڙو تائين ۽ مورڙي مير بحر تائين سنڌ جي ساکيلن ڪردارن جي وڪالت ڪندي وڏا پنڌ ڪيا.

هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته لفظ وضو ڪندا هئا ۽ ڪانئر ماڻهو سندس دليلن آڏو ڇيهون ڇيهون ٿي ڊهي پوندا هئا. سندس پارٽي جي وقتي چيئرمين پريس ڪانفرنس ذريعي 13 جون تي آريسر جي چاليهي جي موقعي تي آريسر تي لکيل مضمونن وارو ڪتاب پڌرو ڪرڻ سميت وڏو جلسو منقعد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيتوڻيڪ موروثي سياست کي رد ڪندڙ عبدالواحد آريسر جو علم، فهم ۽ فڪر ڪتابن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ سنڌ جي ايندڙ نسل لاءِ اهو مشعل راهه آهي پر هاڻ ائين ضرور آهي جو سنڌ جي قومي سياست ۽ ادبي ڪاڪ جو راڻو اسان کان هميشه لاءِ رسي ويو آهي جنهن لاءِ ڀٽائي ڏاڍو خوبصورت چيو آهي ته:

سوڍا توڳر ساهه، نه ته راڻاگهڻا هن راڄ ۾

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو