Home / پروفائيل / علي بابا: سنڌ جو ڀٽڪندڙ روح!
above article banner

علي بابا: سنڌ جو ڀٽڪندڙ روح!

لطيف جمال

ڪڏهن ڪڏهن ته ڪيتريون ئي سماجي بيقدريون ۽ بيحسيون انساني مُقدر ۾ اينديون آهن. تمام وڏا ماڻهو ۽ عظيم هستيون به زندگيءَ جي مادي حقيقتن سان مُقابلو ڪري ناهن سگهنديون. جن جي بي پناهه ذهانت ۽ غير معمولي صلاحيت به مادي دُنيا جي هاٿيءَ جهڙن پيرن هيٺان اچي چيڀاٽجي ويندي آهي. دُنيا جي ادب جي ڇانو ۾ ٻه گهڙيون ويهي ٿَڪ ڀڃڻ بجاءِ فقط سنڌ جي سياسي ۽ ادبي اتهاس جي روشنيءَ ۾ پنهنجو سفر جاري رکي جائزو وٺنداسين ته شايد زنگجي ويل سنڌ جو سياسي ضمير اُن جو ذميوار نظر ايندو. تمام وڏا ماڻهو جن جو قد ڪاٺ عالمي ادب ۽ سياست جي تناظر ۾ اچڻ گُهربو هو. پر حالتن هٿان اُنهن جي پرواز جا پرڙا سياسي ڪينچين سان ڪتري اُنهن کي اهڙي محدود زندگي گُذارڻ تي مجبور ڪيو ويو. جو اُهي اعلى پايي جا عالم سنڌ کي عالمي ادب جهڙا شاهڪار ڏيڻ بجاءِ محدود زندگيءَ جي دائرن ۾ دٻجي، سماج جي سوڙهين گهٽين تائين محدود رهجي ويا. اڄ تائين ڪنهن کي ڪو به پتو ناهي ته اُهو ڌرتيءَ ڌڪاڻو حَشو ڪيولراماڻي اُلهاس نگر جي ڪهڙي گهٽيءَ ۾ غائب ٿي ويو؟ جنهن کي سنڌ جي پڙهيل لکيل ساڃاهه وندن زبردستي اُن پار موڪليو هو. جنهن پار کي هُو آخري وقت تائين قبولڻ لاءِ تيار نه هو. جنهن جي جسماني ڍانچي جو پاڇو ته ممبئي ۽ اُلهاس نگر ۾ نظر ايندو هو. ليڪن اُن جو رُوح اروڙ جي غُفائن ۾ ڀٽڪندو رهيو ۽ دل ديبل ۾ دفن ٿي وئي هُئي.. خبر ناهي ته حشوءَ جا پڇاڙڪا پهر ڪيئن گُذريا هُئا؟! پتو ناهي ته هُن جي چُرندڙ پُرندڙ وجود ۾ ڪهڙي وِلوڙ هُئي.

اها به خبر ناهي ته هُن جي دل جي تند هُن جي جسم جو ساٿ ڏيڻ ڪڏهن کان ڇڏيو هو. ليڪن اِها پَڪ آهي ته حشو ڪيولراماڻي هِن دُنيا کي تڏهن الوداع چيو هو. جڏهن هُن سنڌ ڇڏي هُئي. سنڌ کان جُدائيءَ جو غم کيس اهڙي گهٽيءَ ۾ گهِلي کڻي ويو. جتان هُو ٻيهر واپس وري نه سگهيو. پر مون جيترو حشوءَ جي باري ۾ پڙهيو آهي ۽ ٻُڌو آهي تيئن تيئن مان پريشان ٿيو آهيان. ڇاڪاڻ ته حشوءَ جي ساهميءَ ۾ طور ڪجي ها ته هُو هڪ کنڊ کان به ڳرو انسان نظر اچي ها. اياز چواڻي ته: ”اُن جهڙو قابل ۽ ذهين انسان سنڌ پئدا ڪري ناهي سگهي.“حشو ته هِن سماج جو سهارو ٿيڻ بجاءِ اڳئين دُنيا جي در تي بيهي سنڌ کي پنهنجي نماڻين نظرن سان ڏسندو هوندو. ليڪن مان جڏهن به اُن سنهڙي سيپڪڙي هڏين جي مُٺ جيتري وجود کي ڪوٽڙيءَ جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ڏسندو آهيان. تڏهن ائين لڳندو آهي ته اُهو حشوءَ جو ڀٽڪندڙ روح آهي. جيڪو پنهنجي ذات ۾ ذرڙو هُجڻ جي باوجود، بي پناهه طاقت آهي. جيڪو پنهنجي جسماني وجود ۾ ڪمزور پر پنهنجي دل ۾ وسيع ديس جيڏو وجود آهي. اُهو علي بابا جنهن جا دوست سنڌ جا سٻاجها ٻار آهن. سو خود به معصوم ٻارڙن وانگر آهي. جنهن جي سيني ۾ چالاڪين واري چال چلندڙ دل ئي ناهي. هُو معصوم ۽ ديوانو آهي. ديوانگيءَ جي دُنيا به عجيب ٿيندي آهي. جنهن دُنيا ۾ رُڳو درد هوندا آهن. جتي خوشيون فقط خُوابن جي آرڪسٽرا ڌُن بڻيل هونديون آهن.اُهو علي جنهن جون دوستيون مُهاڻن، ڪولهين، باگڙين ۽ سماج جي ڏُتڙيل انسانن سان ئي رهيون آهن. جن جي زندگين جون پنهنجون ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون آهن. جيڪي پنهنجي ڪٿائن جي ڪتابن کان اڳيان ناهن سوچيندا. جن جي اڳيان  ادب ۽ اديبن جون دُنيائون ئي اوپريون هونديون آهن. اهڙا ماڻهو علي بابا جي اکين جا تارا هوندا آهن.

aprl 15 48

 جيڪي هُن جي ڪهاڻين جو نه فقط موضوع رهيا آهن پر اُنهن جي دلين جو داستان علي بابا کانسواءِ باقي دُنيا کان  هميشه کان ڳُجهو رهيو آهي. اُهي دلين جا ڳُجهه ڪنهن سان سَلي ناهن سگهندا. ليڪن علي بابا اُنهن جي دلين جي ڪتابن جا داستان پنهنجي دل جي دفتر ۾ سانڍي رکڻ کان پوءِ پنن جي پيٽ تي جوارين جي ڇڪي وانگر اُڇلي ڇڏيندو آهي. اُهي جيڪي علي بابا سان سَلڻ نه جهڙيون ۽ ڪرڻ نه جهڙيون ڳالهيون به سَلي ڇڏيندا آهن. تن جي زندگيءَ جا راز فقط عليءَ وٽ ئي محفوظ رهندا آهن. جن لاءِ هُن ڊراما لکيا. جن لاءِ هُن ”دنگيءَ منجهه درياءُ“ جهڙو شاهڪار ڊرامو به لکيو. ليڪن ڪنهن لاءِ؟ جن لاءِ هُن ڊرامو لکيو، تن جي گهرن ۾ ته ٽي وي به نه هُئي. جيڪي ڏسڻ کان پوءِ کيس پنهنجا پگهر ۾ پُسيل سينا آڇين ها. کيس پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙي داد ڏين ها. اهڙن ماڻهن وٽان مليل پيار جي پرشاد جي اهميت ته نوبل انعام کان به مٿي هوندي آهي. ليڪن هُن جون ڪهاڻيون، هُن جا ڪتاب هُن جا ڊراما اُن مخلوق جي دلين جا دروازا کڙڪائي نه سگهيا. هُن جون لکڻيون سماج جي پُٺتي پيل انسانن تائين پُهچي نه سگهيون. عليءَ جي حصي ۾ اُهو پڙهيل لکيل طبقو آيو، جنهن کيس مانائتي موٽ ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي. ليڪن اهڙي بيقدر مخلوق، جن جي سينن ۾ سيهي جهڙي دل هُئي. جيڪي ڊرامن ۾ عوامي زندگيءَ جو عڪس پسي ناهن سگهندا. جيڪي اهو سمجهي ناهن سگهندا ته تخليقڪار اُگهاڙن انگن کي ڍڪڻ ۽ اُنهن جي زندگين ۾ تخليقن جي ذريعي تبديلين جي تمنا رکندا آهن ۽ اِها اُميد ڪندا آهن ته اُنهن جون  تخليقون سماج جي ستم ظريفين جي شڪار طبقي کي ڪنهن سماجي توازن ۾ آڻي فِٽ ڪنديون ۽ اهڙي طبقي جي اُلجهيل زندگين تي ويچاريو ويندو ۽ اُنهن جا ٻار به اسڪول جي عمارتن کي حسرت ڀرين نظرن سان نهارڻ بجاءِ، پاڻ اُنهن اسڪولن ۾ پڙهي سگهندا. پر افسوس جو هي سماج غريبن جي ڪهاڻين مان تفريحي لُطف وٺندو رهيو آهي. جن وٽ  ڊرامن جي اهميت واندڪائيءَ جي وندر کان سواءِ ٻي ڇا هُوندي آهي؟ دُنيا ڊرامن، ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعريءَ جهڙن شاهڪارن کي پنهنجي انقلابي سگهه سمجهي اڳتي وڌي آهي. ليڪن هي سماج انقلابي سگهه ته وڃائي به چُڪو. ليڪن، پنهنجي تخليقڪارن جي تخليقي سگهه کان به محروم بڻجي ويو. سنڌي ادب ۾ چريا ۽ ديوانا اديب هر دور ۾ دُکي رهيا آهن. ماڻڪ ۽ ماٺيڻي اوٺي کان وٺي علي بابا تائين جذباتي ۽ حساس تخليقڪارن جي حصي ۾ سماج جون حقارتون ئي آيون آهن. ڇاڪاڻ ته اُهي هميشه سياسي پارٽين جي پاڇي کان پاسي تي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اُنهن پنهنجي ڌُن ۾ ئي هلڻ سِکيو آهي.چالاڪ اديبن وانگر اُنهن ڪڏهن به ٻين کان لکائي پنهنجو نالو ناهي ڪمايو. اُنهن ڪڏهن به پنهنجي ادبي پورهيي کي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ جهڙو وکر سمجهي قيمتون مقرر نه ڪيون آهن. سي هميشه پنهنجي اُصولن سبب پوئتي رهجي ويا. ڪوئي ٻُڌائي سگهندو ته علي بابا جهڙي اعلى پايي جي ذهين ليکڪ جون ڪهاڻيون ڪاڏي ويون؟ ڪتاب ڪاڏي ويا؟ ڊراما ڪاڏي ويا؟ هڪ پُوري ”موهن جي دڙي“ کي گُم ڪيو ويو آهي. سنڌي اديبن وٽ جواب آهي؟ جن جو ڇَسو ادب مارڪيٽ ۾ تيزيءَ سان ڇپجي رهيو آهي. ليڪن علي بابا جي باري ۾ انٽرنيٽ تي به ڪوئي خاص مواد موجود نظر نٿو اچي. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اسان جي نامِ نهاد ادبي دُنيا جي سينواريل ڍنڍ ۾ ڪنهن نيل ڪنول جي وجود کي برداشت ڪرڻ جهڙيون دليون ناهن. علي بابا به اهڙي سماج جو حصو آهي جنهن سماج ۾ ذهين، اُصول پسند، باضمير ۽ معصوم تخليقڪارن کي چالاڪين سان استعمال ڪري هڪ پاسي ڪيو ويندو آهي. جن سان پنهنجا ساٿي به پراون جهڙو سلوڪ ڪندا آهن. علي بابا ادبي دُنيا کان ڪٽيل ڇو آهي؟ ڇو اُن جي تخليقي سگهه گُمناميءَ جي  گهٽين ۾ ڀٽڪي گُم ٿي وئي آهي؟ اُن جا سبب ڪهڙا به هُجن پر اسان جو سماج ڏاڍو بيحس آهي. جيڪڏهن روس ماياڪووسڪيءَ کي بچائي پئي سگهيو ته پوءِ اسانجو سماج آخر علي بابا کي بچائي ڇو ناهي سگهيو؟ ڇا ماياڪو وسڪيءَ جي زندگيءَ جون حالتون علي بابا کان مُختلف هُيون؟ پر مونکي افسوس سنڌي سماج تي آهي. جنهن هڪڙي فقير ليکڪ جي حصي ۾ گُمناميءَ جهڙي اوندهه اوتي ڇڏي آهي.

علي بابا جنهن جي سيني ۾ سهي جهڙي دل آهي. پر هُو جڏهن به سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد ۽ سنڌ تي ڳالهائيندو آهي ته ٽلٽيءَ جا جوڌا ۽ مرزا صالح جي پيٽ ۾ خنجر کوڙيندڙ مُريد جت جي ديوانگي به ياد اچڻ لڳندي آهي. ائين لڳندو آهي ته ڄڻ هُو سنڌو سڀيتا مٿان آرين جي حملي جي سازش جي سنک وقت خود لڇمڻ ڄام سرواڻ هُجي جيڪو ٽامي جي راجا  خلاف وڏو آواز هُجي.  اُهو علي بابا جيڪو پنهنجي مزاج ۾ جذباتي ۽ ديوانو آهي. جنهن ڪڏهن به چالاڪيون ناهن ڪيون. جيڪڏهن کيس اهڙا گُر اچن ها ته باقي سمورن اديبن وانگر هُو به رعايت يافته طبقي جو حصو هُجي ها. ليڪن هُن جي مزاج ۾ مراعت يافته هُجڻ جو مقصد ڪنهن گار کان گهٽ ناهي رهيو. سو ڪڏهن ڪڏهن ڏيئي جي آخري وسامجندڙ وَٽِ وانگر لڳندو آهي ته ڪڏهن جهنگلن جي اهڙي باهه وانگر لڳندو آهي. جنهن کي ڏسندي ڏيل ڏڪي ويندا آهن. جيڪڏهن سنڌو درياهه جي ڪا انساني صُورت   هُجي ها ته اُن جو روپ علي بابا هُجي ها. هُو به سنڌو درياهه وانگر ڪڏهن ماٺيڻو ۽ سُڪل واريءَ جهڙو لڳندو آهي ته ڪڏهن اُٿلون کائي اُٿندو آهي ۽ ڪنارن کي به ڪنبائي ڇڏيندو آهي.

هُو ستارن جي سيج تي ڊوڙون پائيندڙ اهڙو چنڊ لڳندو آهي. جيڪو ڪڏهن سنهڙو ته ڪڏهن ڳچ بڻجي پوندو آهي. مونکي خبر ناهي ته علي بابا ”موهن جو دڙو“ناول ڪيتري ڄمار ۾ لکيو هو؟ ليڪن اها خبر اٿم ته هُن ”موهن جو دڙو“ تڏهن ڏٺو هو. جڏهن هُن جو ناول پڙهندڙن جي هٿن تائين پُهچي چُڪو هو. پر ڇا اِهو ڪمال ناهي ته ڪو اديب پنهنجي تهذيب جي تاريخ جا کنڊرات ڏسڻ کان پهرين اُنهن کي زندهه ڪري وِجهي. جيڪو پنهنجي تخليقي صلاحيت سان هڪ سُتل شهر ۾ ساهه وِجهي ڇڏي. جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻيءَ جي خاموش مُجسمي کي رقص ڪرڻ تي مجبور ڪري وجهي. سو اڄ سنڌي ادب جي آسمان تان اُجهاڻيل تاري وانگر بڻيل آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اُن جي ادبي دُنيا مان گُمناميءَ پويان ڪهڙا سبب آهن؟ ليڪن ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ سنڌ مان موهن جي دڙي جو وجود ميسارجي ويو آهي.

 علي ته اُن تهذيب جو ۽ شهر جودراوڙ آهي. جنهن درندگيءَ جهڙي دُنيا ۾ اک کولڻ جو جُرم ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن عظيم انسانن جي حصي ۾ بيحس سماجي حالتون اينديون آهن. جيڪي اُن جي فطري ماحول ۾ مُداخلتن جو سبب بڻبيون آهن. علي بابا جيڪڏهن اولهه ۾ اک پٽي ها ته شايد هِن وقت نوبل انعام جو مُستحق بڻجي وڃي ها ۽ دُنيا جي جهوليءَ کي شاهڪار ادب سان ڀري ڇڏي ها. ليڪن هُن اهڙي سماج ۾ اک پٽي، جيڪو سماج  تخليقي ادب جي تارازيءَ کان ئي محروم آهي. جنهن سماج جي مجموعي نفسيات ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ پنهنجي معياري ادب کي دُنيا جي ٻولين ۾ ترجمي ڪرائڻ جهڙن رُجحانن کان ئي ڪٽيل آهي. جنهن سماج ۾ چالاڪ دلين ۽ شاطر دماغن وارا اديب هُجن جيڪي تخليقي ادب جي اوسر اڳيان چالاڪين ۽ سازشن جا ڄار اُڻي ويٺل هُجن. جيڪي معصوم دليون رکندڙ جذباتي ۽ ديوانن اديبن جي اڳيان خود اُڀن ڪاون جا رستا وڇائي ويٺل هُجن. اُتي علي بابا جي تخليقن سان ڇا ٿيو هوندو؟ اُن جا تفصيل پڙهندڙ پاڻ تلاش ڪن. اهڙي سماج ۽ ادبي دُنيا ۾ علي بابا جهڙي ذهين اديب کي ڪتابن جي دوڪان تي ڳولڻ بي معنى آهي. اهڙي اديب جون شاهڪار لکڻيون ڳريل ۽ سڙيل ڪاغذن جي صورت ۾ اُن جي جُهرندڙ جهوپڙيءَ جهڙي گهر مان هٿ اچي سگهن ٿيون. اهڙو الميو اوڀر جي اڪثر ذهين اديبن ۽ شاعرن جي حصي ۾ آيو آهي. منٽو کان وٺي، ساغر صديقيءَ تائين ۽ علي بابا کان وٺي حشو ڪيولراماڻيءَ تائين.هي سماج اُنهن جو مُجرم آهي. جيتوڻيڪ منٽو ۽ ساغر جي ته ڪنهن حد تائين مالڪي به  ٿي، پوءِ اُها مالڪي اُنهن جي اڻڇپيل تخليقن کي ڇپائڻ  جي صورت ۾ ئي صحيح. ليڪن علي بابا، حشو ڪيولراماڻي، ماڻڪ ۽ ماٺيڻي اوٺي جو سوال اچي ٿو ته اسان وٽ اُن جو ڪو به جواب ناهي.

aprl 15 49

اُهو علي بابا جيڪو ٿر جو عاشق آهي ۽ اونهاري جي وسڪاري کان پوءِ سائي ٿيل ٿر جي حُسن کي اکين سان پسڻ لاءِ پنهنجي دل کي روڪي سگهڻ هُن جي وس ۾ ناهي هوندو. جنهن ڪارونجهر جي پهاڙن تي ويهي جڏهن ننگر تي نظر وِڌي هُئي تڏهن اوچتو هُن جي دل درد ڀري دانهن ڪئي هُئي ۽ اُن جي واتان اوچتو اِهي لفظ نِڪتا هُئا ته:” او خُدايا! هِن ڌرتيءَ سان ماڻهو غداري ڪيئن ٿا ڪن؟!!!“ اُهو علي بابا جنهن موهن جو دڙو ناول ۾ لکيو آهي ته: ” ۽ پوءِ پُوڄارڻين سندس ڇَتا ڇوڙيا. سندس ڪامڻيءَ ڌڙ کان وهانو جو کهنبو وڳو ڌار ڪيو. کاٻيءَ ٻانهن ۾ عاج جي موتين مڙهيل ٻانهن، ساڄيءَ ۾ سون ڪڙا ۽ ڪنگڻ، ڳچيءَ ۾ هسلي، گهگهي جيان گول سڊول بدن جو گهڙاءُ….۽ سون جي اُجري اُجري، سرهاڻين ڀريل، گل،ڦل پاڻيءَ ۾ ڄڻ لٿي هُئي. ڪا اِندر لوڪ جي اپڇرا، اڱڙا ڌوئڻ لاءِ ديوداسيون مٿائنس گلن ڦلن جي ورکا ڪنديون رهيون، ۽ پوڄارڻين جلترنگ ۽ جهانجهه تي راڳ ڇيڙي ڇڏيو:

جهٽ جهٽ وهنجي وٺ ڙي ڇوري، مٿان مور پيا ڏسن!

جهٽ جهٽ اڱڙا ڌوئي وٺ، ٻارڙا سڀ سنڌو گهاٽ تي اٽي ڏڪر کيڏڻ ويا آهن:

جهٽ جهٽ وهنجي وٺ ڙي ڇوري، ڇورا متان اچي وڃن!

جنهن پاڻيءَ ۾ تون وهنجي پئين، سو باغن ڏانهن وهائبو، تُنهنجي سُرهي مَر مان ڦُٽنديون ڪيئي سرهيون ڦُلڙيون:

جهٽ جهٽ اڱڙا ڌوئي وٺ، مٿان مور پيا ڏسن!“

سونمياڻيءَ جي سونهن جي منظر ڪشي ۽ دراوڙن جي سرڪشي علي بابا جي سڄي ناول کي شاهڪار ناول بڻائي ڇڏيو آهي. پر جيڪڏهن اسان علي بابا کان ڪلا، سونهن ۽ رقص جي باري ۾ پُڇون ته اُن جو جواب هُو پنهنجي تخليقن مان ڏيندو. ” مون چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ مور کي ناچ ڪندي ڏٺو آهي، ۽ سدا ائين ڀائيندو هوس ته مور نِرت جو انت آهي. پر شيوا تُنهنجي سونهن ۽ ناچ ڏسي ڀانيان ٿو ڪلا جو ڪو انت ڪونهي.

 سچ تون سپنن جي اپسرائن کان به سُندر آهين.“ شيوا ڊيل وانگر ڪنڌ مٿي کڻي مڌماتن نيڻن جي گُهور سا نهاري چوي ٿي: ” مهاويد، ناچ سرير جي ڪويتا آهي. اندر جي اوڀام. بن ۾ مور ڇو نچندو آهي؟ ڪنهن لاءِ نچندو آهي؟ اِيءَ رڳو مور ڄاڻي ٿو. منهنجو نِرت منهنجي اندر جو اُڌمو آهي.“ ڪلا، رقص، سونهن ۽ سونمياڻيءَ جهڙي ديس جو شهزادو ليکڪ علي بابا اڄ خاموش آهي. جنهن جي ماٺ سنڌي ادب لاءِ هاڃيڪار آهي. تنهن ڪري اسان عليءَ سان هڪ حُجت ٿا ڪريون ته:  علي بابا! تُنهنجي، تخليقن کان ناراضگي ته جائز ٿي سگهي ٿي. ليڪن اُنهن نوجوانن کان تُنهنجي ناراضگي جائز ناهي. جن ننڍپڻ کان توکي چاهيو آهي. ڇاڪاڻ ته، تو سنڌ کي چاهيو آهي.

 سنڌ کي اڄ به تُنهنجي تقريرن، تحريرن ۽ تخليقن جي ضرورت آهي. تُنهنجون تخليقون سنڌ جي سياسي رِڻ ۾ بڙ جي گهاٽي ڇانو بڻجي سگهن ٿيون. تون آرڪسٽرا جي اُها ڌُن آهين جنهن تي سنڌ جو نوجوان پنهنجون پُوريل سياسي اکيون کولي ٻيهر اُٿي سگهي ٿو ۽ موهن جي دڙي جي اسٽوپا جون اُداس اکيون ٻيهر ڏيئو بڻجي ٻري سگهن ٿيون. علي بابا سنڌ توکان مُطالبو ٿي ڪري ته تون اُن جي جهوليءَ ۾ پنهنجي تخليقي جذبن جا تحفا پيش ڪرڻ واري صلاحيت کي ساڻي ساهه وانگر نه بڻاءِ. سنڌ جو ادب تُنهنجي آجيان لاءِ پنهنجا نيڻ وِڇائي ويٺل آهي. ڇاڪاڻ ته تون ئي سنڌي ادب جي سينواريل ڍنڍ ۾ ڪوٽڙيءَ جو ڪنول آهين.

latifjamal@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو