Home / اسپيشل افيئر / عورت، اڻبرابري جي جنگ کٽي ويندي!
above article banner

عورت، اڻبرابري جي جنگ کٽي ويندي!

هيلري ڪلنٽن

هيلري ڪلنٽن، آمريڪا جي پرڏيهي وزير رهي چڪي آهي، هوءُ ايندڙ اليڪشن ۾ آمريڪا جي صدارت اميدوار پڻ آهي. عورتن بابت سندس ويجهڙ ۾ لکيل ويچار هتي ڏجن ٿا.

ٻه انگ هڪ عظيم قوم جي مستقبل جي جوڙجڪ ڪري سگهن ٿا: ڇهه ۽ سترهن کرب. پهريون انگ روزانو في ڪلاڪ آهن جيڪي ڀارت ۾ عورتون بنا ڪنهن اجوري جي ڪم ڪندي گذارين ٿيون. ٻيون انگ ڊالرز ۾ اها رقم آهي جيڪا ڀارت جي مجموعي قومي پئداوار ۾ شامل ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن عورت باضابطا طور محنت ڪش افرادي قوت ۾ مردن جي برابر شرڪت ڪن.

اڄ نون انگرن اکرن ۽ تجزياتي طريقن جي استعمال سان اسان عورتن ۽ ڇوڪرين جي عالمي سلامتي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ۽ ان آڏو ايندڙ رڪاوٽن کي اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر طور سمجهڻ لڳا آهيون. 2015 ۾ ڪلنٽن فائونڊيشن جو “نوسي لنگز” پروگرام، گيٽس فائونڊيشن جي سهڪار سان هڪ عالمي رپورٽ جاري ڪندو، جنهن ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران عورتن جي ڪاميابين ۽ محنتن جو نقشو واضح ڪيو ويندو.

سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي عورتن بابت چوٿين عالمي ڪانفرنس جي ويهين سالگرهه ٿيندي، جيڪا 1995ع ۾ بيجنگ ۾ منعقد ٿي هئي. ان ميڙاڪي جو پيغام اڄ به صحيح ٿو لڳي. حتمي طور انساني حق عورتن جا حق آهن ۽ عورتن جا حق ئي انساني حق آهن. مونکي فخر آهي ته مون 189 قومن جي نمائندن سان گڏجي عملي قدم کڻڻ جي ان پليٽ فارم ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سياسي، شهري، معاشي، سماجي ۽ ثقافتي زندگي ۾ عورتن جي ڀرپور ۽ برابر شموليت جو مطالبو ڪيو ويو.

aprl 15 31

سٺي خبر اها آهي ته بيجنگ ڪانفرنس کانپوءِ هينئر تائين 20 ورهين ۾ اسان واقعي پيشقدمي ڪئي آهي. عورتن جي صحت ۽ تعليم تائين پهچ تمام گهڻي بهتر ٿي آهي. مائرن ۾ موت جا واقعا اڌو اَڌ گهٽجي ويا آهن. پرائمري اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي انگ ۾ عالمي فرق لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو آهي. ليڪن ٻيون خبرون ايتريون حوصلو ڏياريندڙ نه آهن. عورتن لاءِ معاشي موقعن جي لحاظ کان پيشقدمي سست ٿي رهي آهي. عالمي سطح تي مردن ۽ عورتن جي افرادي قوت جي وچ ۾ فرق ايترو گهٽ ناهي ٿيو. هڪ سؤ کان وڌيڪ ملڪن ۾ عورتن جي معيشت ۾ شرڪت کي محدود ڪندڙ قانون اڃا تائين رائج آهن. افرادي قوت ۾ عورتن جو انگ وڌي رهيو آهي. پوءِ به ڏکيائيون برقرار آهن. آمريڪا ۾ بنيادي روزگار ڪمائڻ وارن هر ڏهن ماڻهن ۾ چار عورتون آهن. باوجود ان جي عورتن جي مزدوري مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. ڪافي عورتون ان ڪري مرڪزي ڌارا ۾ نٿيون اچي سگهن جو وقت جي شيڊول ۾ لچڪ نه آهي. ٻارن جي سستي سار سنڀال موجود نه آهي. عورتن کي بيماري يا ويم لاءِ موڪل دوران مزدوري ناهي ملندي ۽ آمريڪا انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي اهڙين سهولتن جي کوٽ آهي. ويهين صدي جي معيشت ايڪويهين صدي جي خاندانن لاءِ بيڪار ٿي چڪي آهي.

1995ع ۾ جنهن ڳالهه کي اسان سچ سمجهندا هئاسين اها هاڻي سمجهون ٿا ته سچ آهي. اڌ آباديءَ کي پوئتي ڇڏي اسان اڳتي نٿا وڌي سگهون. واضح شاهديون موجود آهن ته جڏهن عورتن ۽ ڇوڪرين وٽ مرڪزي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جا موقعا هوندا تڏهن معيشتون ترقي ڪنديون ۽ قومون خوشحال ٿينديون. جڏهن ان بابت انگ اکر سادي سلوڻي انداز ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا ته ماڻهن جي حمايت وڌي ٿي. مون پاڻ سڄي دنيا ۾ ايئن ٿيندي ڏٺو آهي، انهي حد تائين جو ملڪن جا روايتي سربراهه به قائل ٿي رهيا آهن.

جيترن وڌيڪ ماڻهن کي صحيح انگن اکرن وسيلي آگاهه ۽ قائل ڪيو ويندو اوتروئي سٺا فيصلا سامهون ايندا ۽ آخرڪار سٺا نتيجا نڪرندا. اقتصادي سهڪار ۽ ترقي جي تنظيم ان نتيجي تي پهتي آهي ته جيڪڏهن اسان افرادي قوت ۾ مردن ۽ عورتن وچ ۾ فرق کي ختم ڪري ڇڏيون ته دنيا جي جي ڊي پي 2030ع تائين لڳ ڀڳ 12 سيڪڙو وڌي ويندي.

اهڙي وقت جڏهن دنيا ماضي ۾ بيجنگ جي سبق ۽ مستقبل ۾ نئين عالمي ترقياتي مقصدن ڏانهن ڏسي رهي آهي. اسان وٽ ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ 2015 کي عمل جو سال بڻائڻ جو موقعو آهي.

جيتوڻيڪ عورتن خلاف مٿڀيدي سلوڪ بابت وڌيڪ قانون رائج ٿيا آهن. تنهن هوندي به انهن تي عمل ٿيڻ ۽ لاڳو ٿيڻ وارو مرحلو دير جو شڪار آهي. ملڪن کي اهي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ وسيلا ۽ سياسي عزم استعمال ڪرڻو پوندو، جيئن اهي صنفي برابري جي واڌاري لاءِ ڪري رهيا آهن. اهي رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، جيڪي اڃا تائين موجود آهن.

ٽيڪنالاجي ۾ پيشقدمي سان ترقي جا اڻ ڳڻيا موقعا نڪرن ٿا. موبائل بئنڪاري، آن لائن تربيت جا طريقا۽ ٽوئٽر، عورتن کي انهن خدمتن تائين پهچ مهيا ڪري سگهن ٿا، جن جي کين اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجون ڪهاڻيون ٻين تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي. ليڪن ان کان اڳ اسانکي اُسرندڙ دنيا ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ رسائي جي حوالي سان مردن ۽ عورتن وچ ۾ فرق ختم ڪرڻو پوندو.

هي جنگ رڳو عورتن لاءِ نه آهي. 2015 ۾ جيڪڏهن گهڻن اتحادين خاص طور مذهبي ۽ خانگي شعبي جي اڳواڻن سان گڏ پارٽنرشپ قائم ڪريون ته وسيع تر ۽ تيز ترين تبديلي آڻي سگهجي ٿي. اڪثر شعبن جي سربراهن جي سمجهه ۾ اچڻ لڳو آهي ته عورتن کي پٺتي رکڻ صحيح نه آهي نه وري فائديمند آهي.

ويهه ورهيه اڳ عورتن ۽ ڇوڪرين جي برابري جي ڳالهه ڪرڻ چين سميت تمام گهڻن ملڪن ۾ شجر ممنوع هو. اهڙي صورتحال ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ مضبوط اخلاقي دليل گهربل هئا. 2015ع ۾ انگن اکرن ۾ تمام گهڻي واڌ سبب هاڻي اسان پنهنجي دليل سان گڏ شاهدين کي پڻ استعمال ڪري سگهون ٿا.

ترقي ممڪن آهي. 1995ع ۾ منهنجي چيل لفظن وانگر 2015ع ۾ اسانجي عمل جي گونج مستقبل ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي. اچو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته 2035 ع ۾ جڏهن اسان عورتن ۽ ڇوڪرين جي ترقي بابت ڳالهايون ته اهي برابري جي جنگ کٽي چڪيون هجن.

(C) Jang Group Annual Mag

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو