Home / ڪرنٽ افيئر / لياري، جيڪا هاڻي پ پ جو قلعو نه رهي آهي!
above article banner

لياري، جيڪا هاڻي پ پ جو قلعو نه رهي آهي!

سمير منڌرو

apr 15  15

پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي نقشن ۾ ڪاغذي طور ترقياتي اسڪيمن بابت ڪوڙي ڄاڻ ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر لياري آندو پيو وڃي. ان خبر کان بي خبر ته هاڻ لياري پ پ جو ڳڙهه ناهي رهي. اڳوڻو صدر جيڪو 1988 ۾ ڪڪري گرائونڊ ۾ محترمه بينظير ڀٽو سان پنهنجي ڪاڄ ۾ شريڪ ٿيو هو. هڪ ڀيرو ٻيهر 26 اپريل تي لياري ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪري مڪاني چونڊ مهم جي شروعات ڪندو. کيس ٻُڌايو ويو آهي ته اڄ به لياري جا ماڻهو پيپلز پارٽي سان ايئن محبت ڪن ٿا جيئن هو 2008 کان اڳ ڪندا هئا. هو اڄ به “بجا تير بجا” تي ايئن ئي جهومن ٿا جيئن هو ڊسمبر 2007 ۾ جهومندا هئا. نه صرف زرداري صاحب پر پيپلز پارٽي جي اڪثر قيادت اهو ئي سمجهي ٿي ته سڄي سنڌ جيان لياري ۾ به سڀ ٺيڪ ٿي رهيو آهي. هو ان خوشفهمي جو پڻ شڪار آهن ته ڪُجهه به ٿي وڃي هن پارٽي جا “اميدوار” هر ڀيري ڪراچي جي سڀ کان پراڻي علائقي ۾ ڪامياب ٿي ويندا. ماضي جيان پ پ جي اعليٰ قيادت هڪ ڀيري ٻيهر هڪ تاريخي غلطي ڪرڻ وڃي پئي. نبيل گبول هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهي.

هن کان اڳ جڏهن نبيل گبول 2008 ۾ لياري جي واحد قومي اسيمبلي جي سيٽ تان پ پ جي ٽڪيٽ تان ڪامياب ٿيو هو ته ذوالفقار مرزا سان شديد اختلافن سبب پيپلز امن ڪميٽي وارا هن کي لياري ۾ اچڻ نه ڏيندا هئا. اختلاف ايترا شديد ٿيا جو سڄي تڪ ۾ هن جو ڪو نالي وٺڻ وارو به ڳولئي نٿي لڀيو. امن ڪميٽي هن جي خلاف ايترو ڪم ڪيو جو پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت نبيل جي بجاءِ عزير بلوچ ۽ سندس ڏوهاري ساٿين کي اهميت ڏيڻ لڳي. بدظن ٿي نبيل امن ڪميٽي جي ڪٽر دشمن پارٽي يعني متحده قومي مومينٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي. جنهن هن کي عزيز آباد واري سيٽ ڏيئي ڇڏي.

متحده سان اختلافن کان پوءِ هن ٻيهر مختلف سياسي شخصيتن سان رابطا ڪرڻ شروع ڪيا. ان دوران هن جو رابطو آصف زرداري سان به ٿيو ته پرويز مشرف سان پڻ. پنهنجي سياسي مُلاقاتن کان اڳ ۽ انهيءَ دوران هو لياري جي مختلف علائقن ۾ چڪر هڻندو رهيو آهي. هو مختلف برادرين سان پڻ رابطي ۾ آهي. سوشل ميڊيا ذريعي مختلف آڊيو پيغام پڻ لياري جي عوام تائين پهچائي چڪو آهي، جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ لياري وارن سان ناروا سلوڪ ۽ ٻه اکيائي ڪئي وئي آهي. سندن بنيادي مسئلن کي ڪڏهن سنجيدگي سان حل ناهي ڪيو ويو. ڪرمنل ماڻهن کي مسلط ڪري لياري کي نه صرف بدنام ڪيو ويو آهي بلڪه هتي جي عوام کي مسلسل عذاب ۾ رکيو ويو. هن پنهنجي پيغامن ۾ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هن کي اقتدار جي ڪا به ضرورت ناهي ۽ جيڪڏهن هو لالچي هجي ها ته متحده کي نه ڇڏي ها.

لياري جي دورن دوران هو اهو تاثر پڻ ڏيندو رهيو آهي ته هو لياري جو درد رکي ٿو ۽ کيس ڪنهن کان به ڊپ نٿو لڳي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته هن بابا لاڏلا جي علائقن ۾ نه صرف وڌيڪ چڪر هنيا آهن بلڪه کيس اُتي سڀ کان وڌيڪ موٽ ملي. ٻڌايو وڃي ٿو ته بابا لاڏلا گروپ جي هن کي لياري ۾ سڀ کان وڏي حمايت حاصل آهي. جڏهن ته هڪ خيال اهو پڻ آهي ته عزير ۽ لاڏلا گروهن ۾ ويڙهه دوران نبيل گبول متحده جي مدد سان لاڏلا جي ڀرپور مدد ڪندو رهيو.

ڪجهه ڏينهن اڳ ايم پي اي ثانيه ناز بلوچ ۽ ايم پي اي جاويد ناگوري خلاف مختلف علائقن ۾ بينرز پڻ لڳرايا ويا. جنهن ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته لياري جي حقيقي نمائندگي نه پئي ڪئي وڃي. جيڪي بينرز منهنجي نظرن مان گذريا، جيڪي ٽوئيٽر ۽ فيس بڪ تي پڻ هلايا ويا اهي انتهائي غير اخلاقي هئا. ٻي ڳالهه ته اهي بينرز پڻ بابا لاڏلا جي علائقن ۾ هنيا ويا. اندازو اهو پيو لڳايو وڃي ته اهي بينرزپڻ نبيل گبول لڳرايا هئا. 2013 جي چونڊن کان اڳ نبيل گبول کي لياري مان تڙي ڪڍڻ دوران مختلف علائقن ۾ هن جي خلاف پڻ اهڙي ئي قسم جا غير اخلاقي بينرز ۽ وال چاڪنگ ڪئي وئي هئي.

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ خانگي ٽي وي تي ايم پي اي ٽانيه ناز ۽ ايم اين اي شاهجهان جي ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ملاقات جي فوٽيج هلي. ملاقات ۾ ڏيکاريو ويو ته هو مختلف قتلن ۾ مبينه طور ملوث امين بُليدي سان گڏ ويٺل آهن. ٽي وي تي فوٽيج هلائڻ کان ترت پوءِ نبيل گبول کي لائن تي ورتو وڃي ٿو. نبيل ثانيه تي الزام هڻي ٿو ته هوءَ امين بُليدي جي نه صرف زال آهي بلڪه هنن جي هڪ ڌي پڻ آهي.

“ها امين بُليدي منهنجو مڙس آهي” ثانيه “افيئر” کي فون تي ٻڌايو. هن نبيل تي الزام هڻندي چيوته هو انتهائي بيهوده زبان استعمال ڪري رهيو آهي. “وه ملاقات 2011 مين هوئي ٿي” هن وڌيڪ ٻڌايو ته نبيل گبول پُراڻا پلاند وٺڻ لاءِ نه صرف غلط الزام هڻي رهيو آهي بلڪه ٽي وي وارن کي پڻ استعمال ڪري رهيو آهي.

نبيل گبول کي پيپلز پارٽي ۾ وري جاءِ ملي نه ملي پر هڪ ڳالهه هن وقت تائين سامهون اچي رهي آهي ته عزير بلوچ جا حامي ويجها سمجهيا ويندڙ پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ جن ۾ شرجيل ميمڻ پڻ شامل آهي، نٿا چاهين ته نبيل گبول هڪ ڀيرو ٻيهر پارٽي ۾ شامل ٿئي. هو اهو به نٿا چاهين ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر لياري مان سياست ڪري. هن وقت تائين ڪيترائي اڳواڻ اها ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هو نه صرف پارٽي اندر بلڪه لياري مان پڻ اهو تاثر قائم ڪرائي سگهن ته نبيل گبول ڪنهن به صورت ۾ لياري جي مجبوري ناهي رهيو. جڏهن ته نبيل گبول ويجهڙائي ۾ عبدالله حسين هارون سان پڻ مليو آهي. جيڪو ڪڇي رابطا ڪميٽي جو سرپرست اعليٰ آهي. هن ملاقات ۾ لياري جون حالتون ۽ پيپلز پارٽي جو ڪردار اهم موضوع هئا. پر ٻنهي اڳواڻن ۾ اهو طئي نه ٿيو ته هو گڏجي لياري ۾ رهندڙن جي خدمت ڪندا. پر پيپلز پارٽي کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ نبيل گبول مقامي اخبارن ۾ اهو بيان هلرايو ته حسين هارون ۽ هن وچ ۾ اهو طئي ٿي چڪو آهي ته هو سياسي طور جدوجهد ڪندا.

لياري جي مختلف برادرين سان رابطن ۽ اتي ٿيندڙ سرگرمين مان اهو لڳي ٿو ته نبيل گبول کي پيپلز پارٽي ۾ ڪا خاص جاءِ نه پئي ملي. جنهن سبب هو مختلف حربن سان اهو تاثر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيڪڏهن هن کي ٻيهر قبول نه ڪيو ويو ته نه صرف هو ڪا ٻي سياسي پارٽي جوائن ڪندو بلڪه لياري جون ٻيهر حالتون خراب پڻ ڪرائي سگهي ٿو ۽ ان ڳالهه ۾ پڻ شڪ ناهي ته هو ايئن ڪري سگهي ٿو. نه وسارڻ کپي ته جيڪو فرد متحده سان ٽڪر کائي سگهي ٿو ته هو لياري جي مجموعي حالتن تي پڻ اثرانداز ٿي سگهي ٿو.

ٻئي طرف جيڪڏهن پيپلز پارٽي هن کي قبول ڪري ٿي ته پيپلز پارٽي ۾ موجود هڪ گروپ هن کي گهڻي دير تائين هلڻ نه ڏيندو. جنهن ۾ ثانيه ناز ۽ جاويد ناگوري پڻ شامل آهن-جيڪي عزير بلوچ جي تمام گهڻا ويجها آهن. جيڪڏهن نبيل گبول جي فرمائش تي هنن ٻنهي کي هٽايو ٿو وڃي ته هو پڻ لياري جون حالتون خراب ڪرائي پيپلز پارٽي کي هڪ ڀيرو ٻيهر لياري ۾ ٽف ٽائيم ڏئي سگهن ٿا.

جڏهن ته سڄي سياسي کچڻي ۾ هتي جي عوام کي ڪو خاطر خواهه فائدو نه پهچندو. لياري ۾ هلندڙ گذريل ستن سالن جي سياسي ويڙهه ۾ هتي جي عوام تمام گهڻو ڀوڳيو آهي. لياري جو عوام پڻ ثانيه ناز، جاويد ناگوري ۽ ايم اين اي شاهجهان بلوچ مان خوش ناهي ۽ سمجهي ٿو ته هنن کي انهن جي مٿان امن ڪميٽي مڙهيو ڪيو آهي. هو هن وقت نبيل گبول کي پڻ پسند نٿا ڪن، ڇو جو هن به سندن بهتري لاءِ ڪي خاص ڪم ناهن ڪيا. هو اهو به ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا ته نبيل گبول هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽي ۾ اچڻ لاءِ هڪ ڪرمنل ٽولي يعني بابا لاڊلا جي مدد سان اچي رهيو آهي. جنهن جو مقصد هو اهو ٿا سمنجهن ته هن جي اچڻ سان ايندڙ سالن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ڪرمنل ٽولو سياسي سرپرستي هيٺ کين عذاب ڏيندو. هو چون ٿا ته هن کان اڳ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو زنده هئي ته هوءَ لياري ۾ رهندڙ مڙني ڌرين کي برابر جي حيثيت ڏيندي هئي ۽ پارٽي جي ورڪرن کي اڳتي کڻي ايندي هئي. جڏهن ته هاڻوڪي قيادت صرف بليڪ ميلنگ ڪندڙ ٽولن جي چنگل ۾ اچي عوام سان نا انصافي ڪري رهي آهي.

هن وقت تائين اهو طئي ناهي ٿيو ته نبيل گبول واپس پارٽي ۾ اچي ٿو يا کيس آسري ۾ رکيو وڃي ٿو. پر هڪ تاثر عام ٿيو آهي ته پارٽي جي فيصلي مان پارٽي جي لياري ۾ دلچسپي جي خبر پوندي. جيڪڏهن ڪو غلط ۽ غير سنجيده فيصلو ڪيو ويو ته لياري کي نه صرف ايندڙ چونڊن ۾ بلڪه مڪاني چونڊن ۾ پڻ هڪ واضح فرق نظر ايندو-جيڪو پيپلز پارٽي جي حق ۾ نه هوندو…

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو