Home / دنيا / نيپال زلزلو ۽ ايشيا جي فالٽ لائين!
above article banner

نيپال زلزلو ۽ ايشيا جي فالٽ لائين!

Nasir Panhwar15 اپريل تي نيپال ۾ آيل زلزلي هماليه جبل جهڙي مضبوط قوم کي لوڏي ڇڏيو آهي. هن وقت تائين مري ويندڙن جو تعداد 7 هزارن تائين پهتو آهي جڏهن ته وڌيڪ جاني نقصان جو انديشو آهي. زلزلي سبب مجموعي طور نيپال جا 80 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. اهڙيءَ طرح زخمين جو تعداد به هزارن ۾ آهي جڏهن ته يونيسيف موجب زلزلي جي ڪري ڏهه لک ٻار متاثر ٿيا آهن جن لاءِ تڪڙي امداد جي ضرورت آهي.

نيپال زلزلي جي حوالي سان خاص ڪري خطري هيٺ آهي ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته نيپال ٻن ارضياتي پليٽن انڊو آسٽريليا ۽ ايشيا جي دنگ تي آهي. انهن ٻن پليٽن جي ٽڪراءَ جي ڪري ئي هماليه جبل وجود ۾ آيو ۽ ان سان گڏ زلزلن به جنم ورتو. نيپال ۾ 25 اپريل تي آيل زلزلي جي شدت 7.8 هئي. ان کان اڳ 1934 ع ۾ آيل زلزلي جي شدت 8.2 هئي جنهن ۾ ڏهه هزار ماڻهو مري ويا هئا. جڏهن ته پاڪستان ۾ 2005 ۾ آيل زلزلي جي شدت 7.6 هئي جنهن ۾ اسي هزار کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا هئا. جيتوڻيڪ هاڻي هن خطي ۾ زلزلا ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه نه رهي آهي پر ارضياتي سائنسدان اڃا تائين زلزلن بابب اڳڪٿي ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿا رکن. ماهرن لاءِ اهو هڪ وڏو سوال آهي ته اهڙي وڏي پئماني تي زلزلو هڪ مخصوص علائقي ۾، مخصوص وقت تي ڇو آيو ۽ اهو هماليه جي ٻئي ڪنهن علائقي ۾ ڇو نه آيو.

مستقبل ۾ اهڙي قسم جي زلزلي ۽ ٻين آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته بحالي ۽ تعمير جي مرحلي ۾ تڪڙ بدران بچاءَ ۽ تحفظ جي اصولن تي عمل ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ هن وقت عالمي برادري زلزلي متاثرين جي لاءِ امداد مهيا ڪري رهي آهي. اها انسان جي فطرت به آهي ته آفت کانپوءِ تڪڙي بحالي ۽ تعمير لاءِ ڪوششون ڪندو آهي.

30-April-2015 13

پر بنيادي ڍانچي جهڙوڪ اسڪول ۽ اسپتالن جي ٻيهر تعمير لاءِ ضروري آهي ته اهڙي نموني تعمير ڪئي وڃي ته هو مستقبل ۾ ايندڙ زلزلن جو دٻاءُ برداشت ڪري سگهن. زلزلي جي ڪري ٿيندڙ تباهي غربت ۾ اضافي جو اهم سبب آهي ۽ نيپال جو ڳاڻيٽو دنيا جي اهڙن 11 ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن ۾ آفتن جي ڪري غربت جو خطرو رهي ٿو. انگ اکر ٻڌائين ٿا ته امداد جو وڏو حصو آفتن اچڻ کانپوءِ امدادي ڪارواين تي خرچ ٿئي ٿو جڏهن ته آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياري تي تمام گهٽ امدادي رقم خرچ ٿئي ٿي، جنهن سان آفتن جي ڪري ٿيندڙ نقصان کي گهٽائي سگهجي ٿو. آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياري تي هڪ ڊالر خرچ ڪرڻ سان 8 ڊالر بچائي سگهجن ٿا، جيڪي آفت اچڻ کانپوءِ خرچ ڪيا وڃن ٿا. آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظامن ۾ مقامي ماڻهن کي مرڪزي حيثيت ڏيڻ ضروري آهي، ان ڏس ۾ بين الاقوامي امدادي ادارن کي به مقامي ماڻهن ۽ ادارن جي صلاحيت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ترجيحي ڪوششون وٺڻ گهرجن.

نيپال جي زلزلي نه رڳو تاريخي مندر تباهه ڪري ڇڏيا آهن پر جديد بلڊنگ ڪوڊ تحت ٺهيل گهڙ ماڙ عمارتون به ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن. جنهن سان نه رڳو ڪمزور ۽ غير معياري تعميراتي ڍانچي جي پت وائکي ٿي آهي پر سرڪاري قانونن تي عملدرآمد جي صورتحال به ظاهر ٿئي ٿي جيڪو ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي.

نيپال ۾ ٻه ڏهاڪا اڳ پنج کان ڇهه ماڙ عمارتن جو رجحان پيو جيڪي اڪثر بغير منظوري جي ۽ غير قانوني آهن. بلڊر اهي غير قانوني عمارتون آساني سان لاڳاپيل ادارن کي رشوت ڏئي ٺاهين ٿا. نيپال جي ماهرن جو چوڻ آهي ته رشوت، قانون تي عملدرآمد نه ڪرڻ ۽ زمين جي استعمال بابت رٿابندي جي فقدان جي ڪري عمارتون زلزلن ۾ وڌيڪ خطري کي منهن ڏين ٿيون. 1990 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن بلڊنگ ڪوڊ ٺاهيو ويو هو ان وقت کٽمنڊو جي آبادي ڇهه لک پنجهتر هزار هئي جيڪا هاڻي وڌي 18 لکن تائين پهتي آهي. نيپال جي ٻهراڙين مان ماڻهو روزگار لاءِ کٽمنڊو ڏانهن وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪن ٿا. جڏهن ته نيپال جون ٻهراڙيون اڄ به بنيادي سهولتن، بجلي ۽ پاڻي کان محروم آهن.

گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان نيپالي حڪومت خود بحران ۾ رهي آهي جنهن ۾ اهم بحران مائو باغين سان گهرو ويڙهه هئي. حڪومت پنهنجا وسيلا شهرن جي رٿابندي تي خرچ نه ڪري سگهي.

جڏهن ته جيالاجي معاملن کي وڌيڪ پيچيده بنائي ڇڏيو آهي. کٽمنڊو هڪ تاريخي ڍنڍ جي پيٽ ۾ ٺهيل آهي، جتي شهر جي واڌ بنا ڪنهن رٿابندي جي ٿي آهي، تنهن جي ڪري زمين جي بناوت اهڙي ناهي ته جتي وڻي اتي عمارت ٺاهي وڃي. ماهرن پاران ڪيترين وارننگز جي باوجود ڪيتريون ئي عمارتون ۽ شاپنگ مال تڙ تڪڙ ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ٺاهيا ويا آهن. زلزلي سبب کٽمنڊو جي مرڪزي علائقي ۾ 175 رهائشي عمارتون پٽ ٿي ويون آهن. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڏيڍ لک گهرن کان وڌيڪ تباهه ٿي ويا آهن. نيپالي بلڊنگ ڪوڊ ته تعمير جي حوالي سان سٺا معيار ڏنا پر انهن تي صحيح عملدرآمد نه ٿيڻ سبب ايترو نقصان ٿيو. زلزلي سبب ٿيندڙ نقصان کي بهتر رٿابندي ۽ تعميراتي اصولن تي عملدرآمد ڪري گهٽائي سگهجي ٿو ۽ نيپال ۾ آيل زلزلي مان سکڻ جي ضرورت آهي. نيپال ۾ آيل زلزلي کانپوءِ سارڪ ملڪن کي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر رابطي جو نظام ٺاهڻو پوندو. ڪيترن سارڪ ملڪن جون سرحدون مليل آهن ۽ ماضيءَ ۾ ساڳئي قسم جي آفتن کي منهن ڏيندا رهيا آهن. جيتوڻيڪ سارڪ ڪيترن سالن کان موجود آهي پر ان جي باوجود هڪٻئي جي تجربن ۽ معلومات مان ڪو به فائدو نه ورتو ويو آهي.

a

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو