Home / دنيا / هاري بغاوتون: چيني، فرانسيسي ۽ روسي انقلاب!
above article banner

هاري بغاوتون: چيني، فرانسيسي ۽ روسي انقلاب!

Dr Mubarakتاريخ ۾ هارين جون بغاوتون ٿينديون رهيون آهن. ليڪن خاص طور ٽن بغاوتن ۾ انهن جو ڪردار اهم رهيو آهي. فرانسيسي، روسي ۽ چيني انقلاب ۾ هارين جي بغاوت کين ڪاميابي ڏياري. 1798ع ۾ جڏهن فرانسيسي انقلاب جي شروعات ٿي ته ان ۾ سڀ کان اهم قدم  پئرس جي عوام جو بيسٽل جي قلعي تي حملو هو، اهو هڪ لحاظ کان بادشاهه خلاف عوامي بغاوت جو اظهار هو. جڏهن اها خبر ٻين شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ پهتي ته اتي به ان جا اثر پيا. خاص طور هاري جيڪي جاگيردارن جي سختين کان تنگ هئا، کين نه رڳو ڳرا ٽئڪس ڏيڻا پوندا هئا بلڪه مٿن اها به پابندي لاڳو هئي ته اهي شڪار نه ڪن. اٽي جي پيسائي ۽ شراب لاءِ  رس ڪڍڻ خاطر فيوڊل لارڊ جون مشينون استعمال ڪرڻيون پونديون هيون. ان جي به کين قيمت ادا ڪرڻي پوندي هئي. ان ڪري هارين جا جذبا  شاهوڪارن خلاف ڀڙڪيل هئا پر مجبوري سبب کين اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻو پوندو هو. هاڻي جڏهن اها خبر پئي ته پئرس جي گروهه قلعي تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ حڪومت کين چيڀاٽڻ يا سندن خلاف ڪي قدم کڻڻ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ رياستي ادارا ڪمزور ٿي ويا آهن ته انهن به جاگيردارن خلاف بغاوت جو فيصلو ڪيو.

جيئن ته هارين جي زندگي سياست بدران معاشي مسئلن سبب وڌيڪ عذاب ۾ هئي، ان ڪري بغاوتن ۾ انهن اهڙاقدم کنيا جن وسيلي جاگيردارن جي بالادستي جو خاتمو ٿئي، مٿن ٽئڪس جو ٻوجهه گهٽ ٿئي ۽ کين پنهنجي محنت جو صلو ملي، ايئن انهن شاهوڪارن جي حويلين تي حملا ڪيا ۽ اهڙا سمورا ڪاغذ پٽ ساڙي ڇڏيا جن ۾ سندن ذمي ٽئڪس ڀرڻ جو لکيل هو. جيڪڏهن ڪو جاگيردار پنهنجي حويلي ۾ موجود هو ته ان کي گهلي ٻاهر ڪڍي سندس سخت بي عزتي ڪئي وئي. هڪ واقعي ۾ هارين حويلي جو سمورو سامان ٻاهر ڪڍي ان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ آخر ۾ جاگيردار کي رسيد به ڏني جنهن ۾ ساڙيل سامان جو تفصيل هو ۽ ان هيٺان قوم جي نالي سان صحيح ڪئي وئي هئي. هارين فيوڊل لارڊز کانسواءِ چرچ خلاف به مظاهرا ڪيا ڇو ته انهن وٽ به آباد ڪرڻ لاءِ تمام گهڻيون زمينون هيون. هارين جي ان بغاوت جو نتيجو اهو نڪتو ته 4 آگسٽ 1789ع ۾ نيشنل اسيمبلي ۾شاهوڪارن رضاڪارانه طور جاگيرداري  خلاف قانون پاس ڪيو ۽ اهي سمورا ٽئڪس جيڪي هارين کي ڀرڻا هئا، تن جي معافي جو اعلان ڪيو. فرانسيسي انقلاب ۾ هارين جي بغاوت شاهوڪارن جي طبقي جي طاقت ۽ اثر رسوخ جو خاتمو ڪيو جيڪو انقلابي قدم هو.

30-April-2015   12

ٻئي پاسي روس ۾ هارين جي بغاوت جي شروعات 1905ع ۾ ٿي. هي اهو سال هو جنهن ۾ روس کي جاپان جي هٿان سامونڊي شڪست  ٿي هئي ۽ روس جي زار خلاف تمام وڏي بغاوت ٿي  هئي، جنهن ۾ هاري به شامل هئا. پر ان وقت تائين روس جي حڪومت ۽ ان جا ادارا ان ڳالهه جي قابل هئا  جو انهن اها بغاوت ختم ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ بغاوت ناڪام ضرور ٿي پر بغاوت جا جذبا ختم نه ٿيا. 1914ع ۾ جڏهن پهرين مهاڀاري جنگ جي شروعات ٿي ته روسي حڪومت به ان جنگ ۾ شرڪت ڪئي. فوج ۾ عام فوجي اهي هاري هئا جن کي ڀرتي ڪري، معمولي تربيت ڏئي جنگي محاذ تي موڪليو ويو هو.

هن جنگ ۾ روسي فوجن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن ۾  هزارن جي انگ ۾ عام فوجي ماريا ويا هئا. جنگ  جا خرچ، امن امان جي خرابي ۽ رياستي ادارن جي ڀڃ ڊاهه ۾ رياست کي ان قابل ئي نه ڇڏيو ته اها اندروني طور ٿيندڙ بغاوتن کي روڪي سگهي. ان ڪري جڏهن هارين جون بغاوتون ٿيون ته انهن ٻهراڙين ۾ پنهنجون ڪميٽيون ٺاهيون، جن جاگيردارن کي بي دخل ڪري زمين پاڻ ۾ ورهائي کنئي. جڏهن 1917ع ۾ زار جي خلاف ڪميونسٽ انقلاب آيو ته هارين جي انهن ڪميٽين انقلاب جو ساٿ ڏنو ۽ ان کي ڪامياب بڻايو.

ٽيون انقلاب جنهن ۾ هارين جي شرڪت هئي، اهو چين جو انقلاب هو، انهي انقلاب جي سڀ کان اهم خاصيت اها هئي ته مائوزي تنگ ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي هارين جي تربيت ڪري کين انقلاب  جو وسيلو بڻايو. ايئن انهن ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ حڪومت جي عهديدارن کي نيڪالي ڏئي پنهنجي قبضو ڪيل علائقن ۾ عوامي حڪمراني قائم ڪئي. اها هارين جي فوج ئي هئي جنهن لانگ مارچ ۾حصو ورتو. جاپانين سان جنگيون وڙهيا ۽ آخري قومپرستن کي شڪست ڏئي عوامي جمهوري حڪومت وجود ۾ آندائون.

جيتوڻيڪ ٽنهي انقلابن جي ڪاميابي ۾ هارين جو حصو هو پر جڏهن اهي انقلاب ڪامياب ٿيا ته ڪجهه علائقن جي هارين کي اهو احساس ٿيو ته کين جيڪي اميدون هيون اهي پوريون نه ٿيون. ان ڪري جڏهن فرانس، روس ۽ چين ۾ هارين جون ٻيهر بغاوتون ٿيون ته حڪومتن انهن بغاوتن کي سختي سان چيڀاٽي ڇڏيو. اهو تاريخ جو الميو آهي ته جڏهن طبقاتي يا رياستي مفاد پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا ته ان صورت ۾ حامي به دشمن جو روپ اختيار ڪري ٿاوٺن ۽ انهن ٽنهي موقعن تي انقلابي حڪومتن جو دليل هو ته هارين خلاف سندن قدم انقلاب جي مضبوطي لاءِ ضروري هئا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو