Home / اسپيشل افيئر / هندو جيم خانو: 8 ايڪڙن مان هڪ ايڪڙ تائين!
above article banner

هندو جيم خانو: 8 ايڪڙن مان هڪ ايڪڙ تائين!

اختر بلوچ

هندو جيم خاني لاءِ 1921ع ۾ 39 هزار هڪ سئو 78 گز زمين ليز ڪئي وئي هئي، اها زمين لڳ ڀڳ 8 ايڪڙ ٿئي ٿي، ليز جو مدو سئو سال هو جيڪو 2020ع ۾ ختم ٿي ويندو. منهنجو اڪثر پروگرامن جي سلسلي ۾ هندو جيم خاني وڃڻ ٿيندو آهي. هڪ ڀيري آءُ پنهنجي دوست اشرف سولنگي سان گڏ جيم خاني ويس، منهنجي ذهن ۾ اهو سوال اڀري رهيو هو ته ان جي ايراضي ڪنهن به طرح 8 ايڪڙ نه ٿي لڳي. اشرف سولنگي ٻڌايو ته هندو جيم خاني جي هاڻوڪي ايراضي ڪنهن به ريت هڪ ايڪڙ کان وڌيڪ نه آهي.ان ڳالهه جي تصديق منهنجي مهربان دوست مشهور موسيقار ۽ ستار نواز نفيس خان به ڪئي جيڪو هندو جيم خاني جي عمارت ۾ قائم نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پرفارمنس آرٽ (ناپا) ۾ موسيقي جي تربيت ڏيندو آهي. آءُ سوچي رهيو هئس ته آخر باقي ايراضي ڪيڏانهن وئي؟ ان جو ذڪر اڳتي ڪنداسين في الحال ڳالهه ڪريون ٿا هندو جيم خاني جي.

Akhtar Baloch 1

هندو جيم خاني جي تعمير 1925ع ۾ مڪمل ٿي ۽ ان جو نالو سيٺ رام گوپال گورڌن داس مهوٽا هندو جيم خانو رکيو ويو. ڪراچي ۾ بندر روڊ تي گورڌن داس مارڪيٽ به آهي. هندو جيم خاني کي ملڪي سطح تي شهرت ان وقت حاصل ٿي جڏهن 2005ع ۾ اڳوڻي فوجي حڪمران جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ جيم خاني کي هڪ معاهدي تحت نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پرفارمنس جي حوالي ڪيو ويو، ناپا جي قيام سان هندو جيم خاني جي قسمت بدلجي وئي. جيم خاني جي ويران ڪمرن ۾ نفيس خان جي ستار ۽ بشير خانصاحب جي طبلي جا آواز گونجڻ لڳا، ان سان گڏوگڏ راحت ڪاظمي ۽ طلعت حسين به پنهنجي اداڪاري جا جوهر نوجوانن کي منتقل ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ ضياءُ محي الدين جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي، هو شاگردن جو شين قاف درست ڪرڻ کانسواءِ کين اهو گُر به سيکاريندي نظر ايندو آهي ته تلفظ درست هئڻ کانسواءِ جملن جي ادائيگي ڪيتري اهم هوندي آهي. ان کانسواءِ هتي عالمي ميوزڪ ڪانفرنس به منعقد ٿيندي رهندي آهي.

مطلب ته هندو جيم خانه آرٽ جو مرڪز بڻجي ويو، ليڪن انهن سمورين تقريبن جي خاص ڳالهه اها هئي ته هندو جيم خاني ۾ ايندڙ 99 سيڪڙو مسلمان هوندا هئا هندو نه. اها به هڪ حقيقت آهي ته رقص ۽ موسيقي هندو مذهب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، ان جي تربيت ڏيندڙ سمورا ماهر به مسلمان آهن، هندو ڪو به نه آهي ۽ اها ئي صورتحال ناپا ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي به آهي. 2005ع ۾ هندو جيم خاني ۾ قائم ٿيندڙ ناپا هڪ سگهاري اداري ۾ تبديل ٿيندو ويو. 2009ع ۾ هندو جيم خانه کي ناپا جي ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر شهرت نصيب ٿي، تنهن هوندي به اها شهرت ناپا جي انتظاميه لاءِ ڳڻتي جو ڪارڻ هئي.

Akhtar Baloch 2

3 سيپٽمبر 2008 تي ناپا جي چيئرمين ضيا ءُ محي الدين کي ثقافت کاتي سنڌ جي سيڪريٽري طرفان هڪ نوٽيس موڪليو ويو جنهن هيٺ کيس هدايت ڪئي وئي هئي ته هن 23 سيپٽمبر 2005ع تي ٿيندڙ معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي هندو جيم خاني ۾ ٿيئٽر ۽ آڊيٽوريم جي اڏاوت شروع ڪئي آهي جيڪا غيرقانوني آهي. ليز موجب اها اڏاوت سنڌ ڪلچر هيريٽيچ پرزرويشن ايڪٽ 1994ع جي ڀڃڪڙي آهي، ان لاءِ ايڪٽ جي شق نمبر 8 هيٺ هو ٽن مهينن اندر هندو جيم خانو خالي ڪن.

ناپا جي هڪ ذميوار ۽ مشهور موسيقار ارشد محمود موجب هن يا سندس تنظيم معاهدي جي ڪا به ڀڃڪڙي نه ڪئي آهي. هندو جيم خانو پنهنجي اصل شڪل ۾ موجود آهي، ان ڪري ناپا کي نوٽيس جاري ڪرڻ غيرقانوني آهي. جيئن ته اسان جي صحافت به هاڻي قومي مزاج جو حصو بڻجي چڪي آهي، ان حوالي سان منهنجو خيال آهي ته هاڻي اسان جو قومي نعرو اتحاد، تنظيم، يقين، محڪم بدران افراهه، افراتفري ۽ اشتعال هجڻ گهرجي. هيڏانهن نوٽيس جاري ٿيو ۽ هوڏانهن ميڊيا کي هڪ نئون اشو ملي ويو. اخبارن ۾ وڏيون وڏيون خبرون شايع ٿيون خبرون پڙهي ايئن لڳي رهيو هو ته ناپا بس هڪ اڌ مهيني جي مهمان آهي. اڄ مارچ 2015ع آهي ۽ ناپا اڄ به هندو جيم خانه ۾ موجود آهي ۽ ساڳي ريت ڪم ڪري رهي آهي.

منهنجي صحافي دوست رياض سهيل پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ لکيو آهي ته: جڏهن ناپا جو تڪرار شروع ٿيو ته ان وقت سنڌ جي ثقافت جي وزير سسئي پليجو چيو هو ته اها عمارت هندو برادري جي ملڪيت آهي ۽ شهر ۾ اهڙي ڪا جڳهه نه آهي جتي اهي پنهنجا ڏڻ ملهائي سگهن. جنرل پرويز مشرف زبردستي اتان سامان ٻاهر اڇلرائي پنهنجي عزيزن جي چوڻ تي عمارت خالي ڪرائي ناپا حوالي ڪئي هئي. ان جي شروعات ئي غلط هئي ۽ پيپلزپارٽي اپوزيشن ۾ رهندي ان قدم جي مخالفت ڪئي هئي. هن چيو ته ان عمارت جي تاريخي سامان کي نهايت بي دردي سان حيدرآباد جي ميوزم ۾ منقتل ڪيو ويو جنهن جي وڏي اهميت هئي. صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پرويز مشرف جي تعلق جي ڪري انتقام وٺڻ جي ڳالهه غلط آهي. پيپلزپارٽي انتقام تي يقين نه ٿي رکي هن عمارت کي هندو ڪميونٽي جي سرگرمين لاءِ وقف ڪيو ويندو.

جيتري قدر مخالف ڌر ۾ رهندي هندو جيم خانه جي ناپا حوالگي جي مخالفت جو تعلق آهي ته ان لاءِ تڏهوڪي دور جي اخبارن جو مطالعو ڪرڻو پوندو ۽ گڏوگڏ اسيمبلي جو رڪارڊ به ڏسڻو پوندو ته ڇا محترمه اهڙي ڪا تقرير ڪئي هئي. اهو تمام ڏکيو ۽ گهڻو وقت وٺندڙ ڪم آهي. آل پاڪستان هندو پنچائت ناپا کان هندو جيم خانه خالي ڪرائڻ لاءِ ٺيڪ يارنهن سالن کانپوءِ 17 فيبروري 2014 تي ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان کي هندو برادري جي مسئلن جي عنوان سان خط لکيو جنهن ۾ هندو جيم خانه جي حوالي سان از خود ڪارروائي جي اپيل ڪئي وئي.

آل پاڪستان هندو پنچائت طرفان اها درخواست چيف جسٽس آف پاڪستان کي ته موڪلي وئي ليڪن سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته رڳو هندو جيم خانه ئي خالي ڪرائڻ جي درخواست ڇو؟ هندن جي باقي جاين جو ڇا ٿيندو؟ منهنجي دوست وسعت الله خان پنهنجي ڪالم ۾ هندن جي ڪراچي ۾ جاين بابت لکيو آهي ته: “سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته هندو جيم خانه جي تاريخي عمارت نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽ کان خالي ڪرائي ان کي هندو ڪميونٽي جي سماجي تقريبن لاءِ استعمال ڪيو ويندو. يقيني طور اهو نهايت سٺو قدم هوندو. سٺو ٿئي ها ته سنڌ حڪومت اقليتن جي ڀلائي جو جذبو رکندي اهو به معلوم ڪري وٺي ته 1947ع ۾ ڪراچي شهر ۾ ننڍا وڏا گڏائي چار سئو ويهه مندر ڪيترائي گردوارا ۽ هڪ يهودي مسجد به هوندي هئي. انهن کي زمين کائي وئي يا آسمان؟ جيڪي مندر باقي بچيا آهن انهن ۾ نارائڻ مندر جي آڳر کي قريشي دڪاندار گدام طور استعمال ڪن ٿا، نانگ ناٿ مندر هاڻي صابڻ جي فيڪٽري آهي، پريڊي ٿاڻي سان گڏوگڏ مندر تي قبضا گروپ جو قبضو آهي، دريا لعل مندر هڪ گڊز ٽرانسپورٽ ڪمپني جي آفيس آهي. ڀاڳ ناڙي مندر تي هڪ ٽرانسپورٽ ۽ ڪوريئر ڪمپني جو قبضو آهي ۽ پڃرا پور مندر ان جي ٽرسٽين کائي کپائي ڇڏيو.

وسعت الله ڪمال جو لکيو آهي، سندس لکڻي کي رد ڪرڻ ممڪن نه آهي. هلو ڪجهه اڳتي هلون ٿا جيڪڏهن اهو تسليم ڪيو وڃي ته 1994ع جي ايڪٽ مطابق ڪنهن به تاريخي ورثو قرار ڏنل عمارت جي اڏاوت نه ٿي ڪري سگهجي ته پوءِ پيپلزپارٽي جي حڪومت لاءِ اڻ ڳڻيا مسئلا پيدا ٿي ويندا، معاملو ڪفر ۽ اسلام تائين پهچي ويندو. اهڙين عمارتن کي ڊاهڻ لاءِ وڏي حوصلي جي ضرورت آهي. اڳوڻي وڪٽوريه ميوزم ۽ هاڻوڪي سپريم ڪورٽ عمارت ۾ ننڍي ليڪن عاليشان مسجد ڪجهه وقت اڳ تعمير ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت خالق ڏنا هال جي پوئين پاسي سرڪاري آفيسون ۽ رهائشي ڪواٽر موجود آهي. ٻيو ته ڇڏيو سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ مسجد آهي ۽ ان سان گڏوگڏ قديم اسيمبلي جي پويان خالي جاءِ تي نئين اسيمبلي بلڊنگ ٺهي وئي آهي، اين جي وي اسڪول اڳوڻي سنڌ اسيمبلي اسڪول جي بلڊنگ جي هڪ حصي ۾ تعليم کاتي پارٽيشن ٺاهي آفيسون قائم ڪري ڇڏيون آهن. هاڻي آءُ ڳالهايان يا نه ڳالهايان، سسئي پليجو صاحبه ۽ قائم علي شاهه صاحب توهان نهايت ڏکيو ڪم پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي.

اچو هاڻي هلون ٿا هندو جيم خاني ڏانهن، هندو جيم خانو سرڪاري رڪارڊ موجب پلاٽ نمبر RB: 1/5 تي قائم آهي، ان جي مڪمل ايراضي 39 هزار هڪ سئو 78 گز آهي. 1978ع ۾ 27 هزار ٽي سئو 96 گز جي ايراضي پوليس کاتي کي مفت ۾ ڏني وئي ۽ ان ئي سال 6 هزار ست سئو گز فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۽ چار هزار 164 گز علي ڳڙه مسلم يونيورسٽي کي ڏنا ويا، ليڪن علي ڳڙهه يونيورسٽي زمين جي قيمت ادا ڪئي جيڪا 1،73،050 روپيا هئي. اهڙي ريت عبدالمجيد نالي هڪ شخص کي چار سئو 16 گز ايراضي الاٽ ڪئي وئي يعني هندو جيم خانه جي مڪمل ايراضي 39 هزار هڪ سئو 78 گز هئي. ان ايراضي مان جيڪڏهن دان ڪيل ايراضي ڪڍي وڃي ته باقي بچندڙ ايراضي چار هزار 8 سئو سورنهن گز ٿئي ٿي، هندو جيم خانه حاصل ڪرڻ لاءِ مشهور وڪيل مائيڪل سليم موجب 17 جي لڳ ڀڳ هندو تنظيمن اجتماعي ۽ انفرادي طور مختلف عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.

هندو جيم خانه خالي ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ هندو تنظيمن، شخصيتن ۽ ثقافت کاتي جي ذميوارن ۽ ناپا جي گورننگ باڊي کي منهنجي درخواست آهي ته جڏهن توهان ان لاءِ جدوجهد ڪري ئي رهيا آهيو ته پوءِ 4 هزار 816 گز خالي ڪرائڻ لاءِ ڇو؟ 39 هزار هڪ سئو 78 گز ايراضي جي واپسي لاءِ جدجهد ڪيو ۽ پوءِ ڏسو ته ڇا واقعي ڪنهن کي هندن جي سماجي تقريبن لاءِ جاءِ کسجي وڃڻ يا سنڌ جي هريٽيچ تباهه ٿيڻ جي ڪا ڳڻتي آهي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو