Home / پروفائيل / هوش محمد شيدي: اٿي ويا اوٺار، کڻي ساٿ سوير جو!
above article banner

هوش محمد شيدي: اٿي ويا اوٺار، کڻي ساٿ سوير جو!

آصف رضا موريو

ASIF

 سترهين، ارڙهين ۽ اڻويهين صدي سنڌ هنڌ ۾انگريزي حڪمرانن جي تاريخ لاءِ گهڻي بختاور هئي. ان عرصي ڌاران هنن پنهنجي “ڌڙا ڪري حڪومت ڪرڻ” واري پاليسي ۽ سازشي جوڙ ٽوڙ سان اڌ دنيا تي قبضو ڪري ورتو هيو. انگريزن جي ڪاميابي جو راز سندن محنت، حرفت ۽ همٿ کان سواءِ سندن فريبي ڦندن، علائقي جي قوم فروش غدارن ۽ بزدل ڌرتي ڌڻين جي ٻانهن ٻيلائپ ۾ پڻ هيو جن مان گهڻا پنهنجي پنهنجي قومن خلاف “شيم، شيم” جا خطاب هڻي ڀوتار، وڏيرا، نواب ۽ جاگيردار بڻيا.

جتي جتي ڌرتي تي غدار هوندا آهن اتي محبِ وطن مانجهي مرد به جنم وٺندا آهن. سنڌ ۾ جن مجاهد سورمن ۽ ڏاهي ڏوٿين مٿي تي ڪفن ويڙهي فرنگي سازشن ۽ سندن ڪروڌي ارادن سان مهاڏو اٽڪايو انهن مان جنرل هوش محمد المعروف هوشو شيدي پڻ هڪ هيو.

هوشو شيدي جي پيدائش پيران کوڙ سارا رايا ۽ نظريا پکڙيل آهن پر مصري محقق مبارڪ سعيد جي تحقيقي ڪتاب “همٿ جي تاريخ” ۾ سندس ڄم 2 مئي 1786 ع (ياد رهي ته ڪن تاريخ جي ڪتابن ۾ سندس جنم تاريخ 2 مئي 1801ع پڻ ڄاڻايل آهي) بمقام آفريڪا وارو رنجبار ٽانگا نيگا ٻيٽ لکيو آهي جيڪو اڄڪلهه تنزانيه ملڪ جو حصو آ ۽ پوري دنيا ۾ لونگن جي پيدائش لاءِ مشهور آهي.

تاريخي ڪتابن جو سرسري جائزو ٻڌائي ٿو ته “هوشو پنهنجي قبيلي جي ڪجهه نوجوانن سان گڏ نيپولين بونا پارٽ (1873ع-1708ع) جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ سان پنهنجي جنگي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. هن مصر ۽ ٻين ڪيترن علائقن ۾ بهادري سان ويڙهاند ڪندي عسڪري حڪمت عملين جا سمورا گر ۽ اٽڪلون سکي ورتيون. 21 آڪٽوبر 1805ع ڌاري ٽرافيلگر جي جنگ ۾ برطانيا جي امير البحر نيلسن هٿان نيپولين جي شڪست کانپوءِ جنرل هوشو مسقط جي امير وٽ فوج ۾ نوڪري ڪئي. گهڻو پوءِ سنڌ جي حاڪم مير ڪرم علي خان ٽالپر مسقط جي امير کان ڪجهه توپون گهرايون هيون جن جي ٽريننگ لاءِ امير طرفان هوشو کي به ماهر توبچي طور سنڌ نيو ويو هيو.

ٽالپر ذات بلوچن جي هڪ شاخ آهن جيڪي ڇهين صدي عيسوي جي آخر ڌاران ايران جي علائقي ڪرمان ۾ رهندا هئا پر صدين جا سفر ڪندي اتان لڏي سنڌ ۽ مڪران ۾ جهڳا جوڙيندا ڪاٺياواڙ، ڪڇ، گجرات، سيوهڻ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ آباد ٿيندا رهيا ۽ وقت سان گڏ مٿيرڙا ٿيندا رهيا ته سنڌ ۾ انهن ڪلهوڙن کان حڪومت ڦري پاڻ کي “مير” سڏائڻ شروع ڪيو. ٽالپرن جي ڏاڏي ڪڪي خان کي اٺ پٽ هئا جن مان ماڻڪ خان جي اولاد (ماڻڪاڻي) سنڌ جي علائقي ميرپور ۾ حڪومت ڪئي جڏهن ته هوت خان جي اولاد حيدرآباد ۽ خيرپور ڏانهن وڌي وئي.

مير ڪرم خان کي هوشو جي فوجي ڄاڻوگري، بهادري، سياڻپ، حرفت ۽ سادگي دل ۾ گهر ڪري وئي، ان لاءِ سندس مالڪ مسقط جي امير جي اجازت سان کيس پنهنجي صغير پٽ مير صوبدار خان جو نگران مقرر ڪيو، جيڪو ان وقت اٺن ورهين جو مس هيو. ننڍڙي شهزادي جي پيءُ جي وفات کانپوءِ ملڪيت جي ورهاست جي مسئلي تي صوبيدار خان جا چاچن سان اختلاف ٿي پيا ته هوشو، شهزادي جو ڀرپور ساٿ ڏيندي اسلام ڪوٽ ۾ هڪ ويڙهاڪ فوج تيار ڪئي پر ان وچ ۾ چاچن ۽ ڀائٽي جو ٺاهه ٿيو ته ڳالهه آئي وئي پر هوشو ڏينهون ڏينهن ويو حاڪمن کي ويجهو ٿيندو.

ان دور ۾ به پنهنجا اقتداري پر پکيڙيندڙ انگريزن جي لوڀي نظر سنڌ ۾ بدامني ۽ ڪاروبار جو بهانو ڪري چڙهائي ڪئي. سنڌ تي سندن حملي ڪرڻ جا ٻه اهم سبب اهي به هئا ته افغانستان سان جنگ دوران سنڌ هڪ بهترين فوجي بڻياد مهيا ڪري ها ۽ ٻيو ته سنڌوندي وڻج واپار جو بهترين رستو هيو جنهن کي انگريزن پنهنجي قبضي ۾ رکڻ پئي گهريو.

1843ع ڌاري انگريزن ۽ ٽالپرن وچ ۾ “مياڻي” جي ميدان تي خطرناڪ جنگ لڳي جنهن ۾ انگريزن جي جديد هٿيارن سان ليس فوج کي فتح ملي. ان جنگ ۾ مير صوبدار خان نه رڳو پاڻ ڪو نه وڙهيو هيو پر هن هوشو ۽ ٻين ساٿي ڪمانڊرن کي به وڙهڻ نه ڏنو هيو ڇو ته انگريزن کيس جنگ کٽڻ کانپوءِ سنڌ جي حاڪميت جي لالچ ڏني هئي.

ٽالپرن جي جنگ ۾ شڪست ۽ مردن جي گرفتاري کانپوءِ انهن جي عورتن هوشو هٿان هڪ غيرت ڀريو پيغام خيرپور رياست جي والي ميرصوبدارخان کي موڪليو ته “اسان جي عزت جا محافظ هن وقت انگريزن وٽ باندي آهن، هتي لوئي ۽ لڄ لاءِ ترار کڻڻ وارو ڪوبه مرد آزاد ڪونه بچيو آهي هاڻي توهان ۾ ئي مظلوم ڀينرن جو آسرو آهي، ترت ڪا واهر ڪيو” هوشو اهو پيغام کڻي پهريون ميرصوبدار خان وٽ ويو پر ان کي ان مسئلي تي غيرت ڪونه آئي ته هوشو ساڻس ساٿ ڇڏيندي شير محمد خان وٽ ويو جنهن نياڻين سندو نياپو اکين تي رکي هوشو کي ڀليڪار ڪندي پنهنجي فوجي توبخاني جو نگران مقرر ڪيو.

24 مارچ 1843ع ڌاران مير شير محمد خان جي لشڪر ۽ انگريزن جي فوج وچ ۾ حيدرآباد ڀرسان ناريجا ڳوٺ ويجهو وٽ دٻي وٽ جنگ لڳي جنهن ۾ سنڌي لشڪر طرفان هوش محمد شيدي، غلام علي خان ماڻڪاڻي، مير علي خان ٽالپر، نبي بخش مري، رحيم خان ٽالپر ۽ لوهاڻي ٻروچ اهڙي ته بهادري سان وڙهيا جو انگريزن جا ڏند کٽا ڪري وڌائون. ان کان اڳ جو انگريز پنهنجي لشڪر سان ڀاڄ کائن هڪ غدار نواب محمد خان ٽالپر انگريزي فيلڊ مارشل چارلس نيپيئر (1890ع-1810ع) کي سنڌي لشڪر جي بارود ۽ هٿيارن رکڻ واري لڪل هنڌ جي نشاندهي ڪئي جنهن تي نيپيئر سنڌي فوج تي ڪاري وار ڪندي سندن بارود جي ذخيري کي باهه ڏئي اڏائي ڇڏيو. بارود جي تباهي کانپوءِ ميرن جي لشڪر ۾ ڦڙ ڦوٽ پوندي ڏسي سپهه سالار اميد علي لغاري مير شير محمد خان کي صلاح ڏني ته هو ميدان ڇڏي وڃي ته جيئن ڪجهه وقت کان پوءِ نئين سر تياري ڪري انگريزن سان پلاند ڪجي پر هوشوشيدي مير کي تنبيهه ڪندي خبردار ڪيو ته “ميدان مرد ناهن ڇڏيندا توهان جي پٺي ڏيڻ سان ميرن جي تاريخ تي چٽو لڳي ويندو” پر هنياءَ هاريل مير پنهنجي سالارن سان گڏ ڀاڄ کائي جان بچائي. انهن جي وڃڻ کانپوءِ لشڪر جي اڳواڻي هوشوشيدي سنڀالي توبچين کي حڪم ڏنو ته بارود جي کوٽ سبب ڪاٺيون، پٿر، ڦوڙ ۽ ڀتر وغيره جيڪو ڪجهه به ملي توپن ۾ وجهي دشمن جي لشڪر تي وسائيندا رهو ته جيئن کين بارود ختم ٿيڻ جي ساڃاهه نه پوي. پر آخر ڪيستائين.دوبدو جنگ شروع ٿي، انگريزن وٽ بندوقون، تير ۽ توپون هيون ته مسلمانن وٽ رڳو تلوارون ۽ خالي هٿين اڻ ميا حوصلا پر ڌارين کان ڌرتي آجي ڪرڻ جي جذبي سان ڀرپور مجاهدن جي حوصلن ۾ ڪا گهٽتائي ڪونه ٿي. هوشو جون هڪلون جنگ جي ميدان ۾ ڪانئرن جي حوصلن جا هنياوءَ ڳاري رهيون هيون ته؛

“دشمن ڪون هڻ مار ڪڍيسون

“مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون”

هوشو نعرا هڻندو انگريزن جي فوج کي وڍيندو رهيو ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن پنهنجي ساٿين سان وڙهندي وڙهندي دشمن جي لشڪر کي ٻه ميل پوئتي ڌڪي ڇڏيائين……سندس هڪلون ۽ هوڪرا ٻڌي دشمن دهلجي پوئين پير ڀرڪي رهيا هئا ته اوچتو هڪ گولي هوشوءَ جو سينو چيريندي پار ڪري وئي ۽ سنڌ جي تاريخ جو هي موڀي مڙس پنهنجي ڌرتي ماءُ لاءِ شهادت جو مرتبو ماڻيندي امر ٿي ويو. سندس ساهه پر واز ٿيڻ کانپوءِ به تلوار جي هٿئي تي هن جي پڪڙ مضبوط هئي…..“ اٿي ويا اوٺار، کڻي ساٿ سويل جو”. جنگ کانپوءِ انگريزن پنهنجي هن بهادر دشمن جي مهانتا کي مڃتا واري سلامي ڏيندي وڏي احتشام سان حيدرآباد جي قلعي ۾ دفنائي سندس تربت مٿان هڪ ڪتبو ۽ توپ پڻ يادگار رکرائي هئي.

زندهه قومون پنهنجي ڌرتي، عزت ۽ وقار جي حفاظت لاءِ جان ارپيندڙ سورمن کي ڪونه وسارينديون آهن. هوش محمد شيدي سنڌ جي سينڌ جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان سان ان جي بنجر کيڙين کي رت جو ريج ڏئي سرهو ڪيو. افسوس آهي جو اڄ ان عظيم يوڌي کي اسان نه رڳو پنهنجي تاريخي ۽ نصابي ورقن مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو آهي پر سندس تربت جو نشان به وڃائي ويٺا آهيون جنهن کي سندس بهادري جي موٽ ۾ ان جي ڪٽر دشمن چارس نيپيئر به فوجي دستور موجب انگريز سرڪار طرفان عزت ڀري سلامي پيش ڪئي.

پراڻي انگريزي تاريخن جي مستند ڪتابن ۾ لکيل آهي ته هوش محمد شيدي کي سندس دشمنن حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ وڏي طمطراق سان دفن ڪرايو هيو. جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ بلاول زرداري ڪجهه سرڪاري هرڪارا جهڙوڪ مولا بخش چانڊيو، شرجيل ميمڻ وغيره ساڻ کڻي ان تاريخي غداري جي دستاويز تي گويا آخري ڌڪ هڻڻ ويو جيڪو ڪيئي سال اڳ حيدرآباد جي هڪ مهاجر ڊپٽي ڪمشنر (جنهن جو نالو هن وقت ياد ڪونه آهي) نبي بخش بلوچ کان لکرايو هيو ته “هوشو شيدي جي تربت حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ نه پر حيدرآباد کان ڏهه ڪلوميٽر پري هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻڍي سيال ۾ آهي”.

اهو وقت اڃا ايترو پراڻو ڪونه ٿيو آهي جڏهن سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز يا حيدربخش جتوئي وغيره جهڙا ڪامريڊ ڪو ٻارڻ ٻاريندا يا ڪو ڪٺ ڪڍندا هيا ته پوسٽر ۾ لکندا هيا ته “ريلي هوشو شيدي جي مزار کان شروع ٿيندي..” ۽ اها ريلي حيدرآباد جي پڪي قلعي وٽان نڪرندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هيءَ خبر پڻ اخبار دنيا ۾ پکڙي هئي ته “پڪي قلعي ۾ موجود هوشو جي تربت مٿان ڪا بُٺي ٺهي آهي جنهن تي سنڌي قومپرستن ۽ سماجي ميڊيا پڻ واويلا ڪئي پر پوءِ ساڳي خاموشي.”

مان تاريخي ڪتابن جي ان ڳالهه سان به متفق ڪونه آهيان ته هوشو شيدي تنزانيه ۾ ڄائو هوندو. صدين کان سنڌين لاءِ بهادري جي منزل مقرر ڪرڻ وارو هي ارڏو ڪردار جنهن انگريز حملي آورن کي خون جا ڳوڙها ڳاڙائي، ننڊون ڦٽائي ڏند کٽا ڪيا ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ڌارين جي يلغارن خلاف اورچائي جي مضبوط علامت سمجهيو ويندڙ هي سورهيه سپوت جنهن پنهنجي پيرن هيٺان موجود مٽيءَ تان ظلم جا انڌيرا ڪڪر اڪلائڻ لاءِ شهادت جو جام پيتو سو جوڌو منهنجي خيال ۾ سنڌ ڌرتي مان جنم وٺندڙ ئي ٿي سگهي ٿو. ان ڏس ۾ سچائي سان سائنسي ۽ اخلاقي بڻيادن تي ڪنهن ڏاهي، ارڏي ۽ اڻ وڪئي محقق پاران نئين سر تحقيق ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. قلم جنين جي هٿ ۾ سي جي قرب ڪن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو