Home / اسپيشل افيئر / ورسي جي موقعي تي ڀيٽا جي ايم سيد: سنڌ، نظرين ۽ پارٽين کان مٿاهين!
above article banner

ورسي جي موقعي تي ڀيٽا جي ايم سيد: سنڌ، نظرين ۽ پارٽين کان مٿاهين!

سيد غلام شاهه

 آءُ 1991ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين چونڊيو ويس، ذيلي تنظيم سنڌي پورهيت سنگت پارٽي جي چونڊيل نئين باڊي جي مان ۾ 28 اپريل 1991ع تي تاج محل هوٽل (ريجنٽ پلازه) ڪراچي ۾ آجياڻو ڏنو. سائين جي ايم سيد خصوصي طرح ان ۾ شرڪت ڪئي. ڪراچي جي مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن جنهن ۾ اديب، دانشورن، شاعرن، ليکڪ، صحافين، سياسي ۽ سماجي ورڪرن، وڪيلن، واپارين ۽ صنعتڪارن پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

مونکي چيئرمين جي حيثيت سان جيئي سنڌ محاذ جي آئينده لاءِ حڪمت عملي ۽ پاليسي بيان وضاحت سان ٻڌائڻو هو. مون تقرير ڪندي سائين جي ايم سيد جي موجودگي ۾ احترام، احتياط ۽ ذميواري سان موقف پيش ڪندي واضح ڪيو ته “جيئي سنڌ محاذ ڪنهن به فرد جي حق جي مخالف ناهي. اسين سڀني قومن جو، انهن جي زبان، ڪلچر، وسيلن ۽ حق حڪمراني جو پڻ احترام ڪريون ٿا ۽ ساڳي وقت ٻين قومن ۾ به باهمي احترام ۽ برابري جي اميد رکون ٿا.

اسان جو مقصد پاڪستان مخالفت نه پر، سنڌ جو لافاني پيغام امن، اتحاد، محبت، آزادي ۽ ترقي بني انسان جيڪو هڪ تسلسل سان هلندو ڀٽائي تان پهتو آهي جتان ٿيندي سائين جي ايم وٽان اسان تائين پهتو آهي ۽ اهو اسان کي دنيا تائين پهچائڻو آهي. پر بدقسمتي سان اسان جي شاندار قوم جيڪا هزارين سالن کان هن ڌرتي جي گولي کي خوبصورت بڻائڻ ۾ پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪنٽريبيوٽ ڪري رهي آهي، هن وقت بدترين غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، هت دحشت ۽ وحشت جو قبضو آهي. پنهنجي مرضي ۽ آزادي سان ڪا به بهتر ڳالهه پنهنجن تائين پهچائڻ ڏکي ٿي پئي آهي يعني پنهنجي ڳالهه پنهنجن سان به نٿي ڪري سگهجي ته پوءِ هي هيڏو سارو پيغام جڏهن هن دنيا کي ضرورت آهي ان تائين ڪيئن پهچائي سگهبو. انڪري پهرين ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان قومي آزادي حاصل ڪيون ته جيئن آزادي سان پيغام سنڌ دنيا تائين پهچائي سگهون.

aprl 15 34

پيغام سنڌ دنيا تائين پهچائڻ جي زميواري فقط جيئي سنڌ محاذ يا سنڌي ماڻهن مٿان ناهي بلڪه دنيا جو هر اهو ماڻهو جيڪو چاهي ٿو ته هي دنيا امن اتحاد، محبت ۽ آزادي جو محور هجي ان جي مٿان پڻ هي پيغام پهچائڻ فرض آهي، ڀلي کڻي هو ڪهڙي مذهب، قوم يا ڪلچر جو هجي.

هتي اعليٰ مقصد هڪ ضابطه حيات آهي. هي نصب العين ماڻهن ۽ قومن ۾ اعليٰ ظرفي پيدا ڪندو جنهن سان اتحاد ۽ محبت وڌندي ۽ انصاف ڀريو معاشرو ٺهندو. اهي قوتون جيڪي پنهنجي ذاتي ۽ ٻين مفادن لاءِ ماڻهن ۽ قومن کي ڏاڍ جبر ۽ ڌمڪي سان يرغمال رکي غلامن وانگر استعمال ڪن ٿيون. اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هر برو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، بدڪرداري، رشوت ، دلالي، ظلم، زيادتي، نا انصافي ۽ جهالت سندن زندگين جو وڏو مقصد آهي. اهي اونداهي جون قوتون انهن ماڻهن جي ضرور آڏو اينديون جيڪي ماڻهن جي روشن مستقبل لاءِ ڪوشان آهن. انهن سان مقابلي جون تياريون ڪرڻيون آهن. جيئي سنڌ محاذ پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ مسلسل پرامن جدوجهد ۾ يقين رکي ٿي. عدم تشدد اسانجي وقتي حڪمت عملي نه پر اسان جي استقامت ۽ جدوجهد جو بنياد آهي. تشدد ڪهڙي به شڪل ۽ ڪهڙي به مقصد، نعري يا نظرئي جي صورت ۾ هجي اسين ان جي خلاف آهيون. اسان کي يقين آهي ته علم، حڪمت، ڏاهپ، تدبر، همت، بهادري، سچائي ڪمٽمينٽ ۽ ڪردار کان سواءِ مقصد ماڻي نه سگهبو. صالح ماڻهو ئي هي عالمي مقصد ماڻي سگهندا. ان ڪري باڪردار باصلاحيت ساٿين جي تعداد کي وڌائي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ذريعي مقصد حاصل ڪيو وغيره.

سائين جي ايم سيد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته “مان غلام شاه جي طرفان پيش ڪيل خيالن جي مڪمل تائيد ٿو ڪيان، بدقسمتي سان اسان وٽ ڪرمنل نوجوانن جو تعداد وڌي ويو آهي. لڳي ٿو ته ڏوهارين جيئي سنڌ ۾ پناهه ورتي آهي. حالت اها آهي جو جيئي سنڌ جي شاگردن جي هڪ ڌڙي جي سن ۾ ميٽنگ ٿي مون کانئن پڇيو ته ڏوهن ۾ ڪيترا شامل آهيو ته تقريبن چاليهه سيڪڙو نوجوانن چيو ته اسين ڏوهن ۾ شامل آهيون ۽ واعدو ڪيو ته اڳتي ڏوهه نه ڪنداسون. مون کي ڪنهن ٻڌايو ته باقي سٺ سيڪڙو اهي هئا جن سچ ته ڳالهايو. خير ڪجهه وقت کانپوءِ ڪي سنڌي ماڻهو اغوا ٿي ويا. انهن ماڻهن جي مائٽن مون کي ائپروچ ڪيو ۽ جن وڪرن جو ڏوهه ۾ شريڪ هجڻ جو شڪ ڏيکاريو ويو سي اهي هئا جن جي فيملي کي پوليس ڪجهه وقت اڳ ڪنهن ڏوهه ۾ ٿاڻي تي بند ڪيو هو جو هو پاڻ ڀڄي ويا هئا. اهڙي زيادتي خلاف امداد محمد شاهه سنڌ اسيمبلي آڏو بک هڙتال ڪئي هئي ته قومي ورڪرن جي گهر ڀاتين کي آزاد ڪيو وڃي، جنهن ڪري سندن عورتن کي آزاد ڪيو ويو. مان کين چورائي موڪليو ته ماڻهو موٽائي ڏيو پر انهن پئسا وٺي پوءِ همراهه آزاد ڪيا. هاڻي ٻڌايو ته اهڙي ڪردار جي ورڪرن معرفت اسين هي اعليٰ مقصد ڪيئن حاصل ڪري سگهنداسون. پر ڇا ڪجي هڪ طرف سنڌ جو پڙهيو لکيو، ڏاهو، اشراف ۽ وسيلن وارو ماڻهو آهي، جنهن کي چئجي ٿو ته هي پيغام کڻي پنهنجي ڀاءُ تائين پهچايو ته هو هن پيغام ۽ اسان کي خطرناڪ سمجهندي پنهنجي ڪم همتي سبب هٿ لائڻ لاءِ به تيار ناهي، ٻي طرف ڪم علم، ڪردار ۽ ڪسو، بغير وسيلن جي همت کان ڪم وٺي مون سان گڏ بيهي ڳالهه کڻي اڳتي پهچائي ٿو، مون لاءِ ته ان ڏاهي باڪردار کان ته هي ڪارائتو آهي جيڪو ڪم اچي ٿو ان ڪري ڪٻاڙ مان پيا ڪم ڪڍون…..

هڪ دور هو جنهن ۾ چٽا ڀيٽي ۽ تصادم کي فوقيت مليل هئي پوءِ ان وقت ۾ هر قسم جو ماڻهو ۽ ڪردار هلندو هو جو ان جي ضرورت هوندي هئي. پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته جهنگ جو قانون (حيواني تشدد) کي ڦٽو ڪرڻو پوندو نه ته دنيا مان فساد، بدامني، نفاق ۽ خود مطلبي نه نڪرندا. اتحاد انساني، امن عالم ۽ انساني ترقي جيڪي قانون ارتقا جا بنيادي مقصد هئا سي حاصل ٿي نه سگهندا….

سنڌ ۾ ڪئي تهذيبون، فلاسافيون ۽ مذهب هڪٻئي تي اثر انداز ٿيا. انهن دنيا جي هاڻوڪين مشڪلاتن لاءِ هڪ حل وارو پيغام ڏنو آهي. ان جي کوجنا ڪري دنيا اڳيان سائينٽفڪ طور ان جو نچوڙ پيش ڪرڻو آهي….

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته رجعت پسند گروهه طرفان اسانجي سخت مخالفت ڪئي ويندي ۽ اسان کي گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. پر لکين مصيبت ورتل عوام جي محبت، سنڌين جي غيرت ۽ همت جي تقاضا، سياست کي ملڪ ۽ ان جي عوام جي ڀلائي ۽ اخلاقي بلند خيالي جي درجي تي آڻڻ جي ضرورت اسانجي رهبر ۽ راهه رو آهن. مستقبل ۾ وڏا مقابلا درپيش آهن. اسان شڪستن پٺيان شڪستون کائڻ ۽ ناڪام ٿيڻ کان ڪون ڊڄندا سون ۽ نه مايوس ٿي ويهنداسون. اسانکي يقين آهي ته آخري ڪاميابي اسان جي ٿيندي. خلق جي آواز ۾ خدا جي ازغيبي مدد لڪل آهي. اسان جو عوام هاڻ بيدار ۽ سجاڳ ٿي ويو ته پوءِ ان کي ڪا به طاقت پنهنجي منزل تي پهچڻ کان روڪي نه سگهندي. تاريخ شاهد آهي ته جن ماڻهن ٻين جي آواز کي دٻائڻ لاءِ سختي ۽ سزا جو طريقو اختيار ڪيو انهن کي عارضي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. پر هميشه حق جو آواز دٻڄي نه سگهيو آهي. ان ڪري حق جي آخر فتح ٿيڻي آهي…. قومي وجود جي قيام ۽ بهتري لاءِ متحده نصب العين، وحدت فڪر ۽ عمل سندس فردن ۾ هئڻ نهايت ضروري آهي…

اسان کي ڪڏهن به مايوس نه ٿيڻو آهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين دنيا قائم آهي، ان ۾ روزانو نياپا ۽ هدايتون اينديون رهنديون. وقتي ضرورتن، حالتن جي تقاضائن۽ انساني ارتقا جي فائدي خاطر نيون ايجادون ٿينديون رهنديون ۽ حڪمت جا نوان نڪتا انسانذات جي رهبري ۽ امداد لاءِ ايندا رهندا…. سنڌ جو آجپو اسانجي مقصد جو هڪ حصو آهي پر تڪميل ناهي ڇو ته سنڌ کي عالمي ترقي ۽ بين الاقوامي امن ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي… مساوات انساني ئي اسانجي سياست جو آخري مطمع نگاهه آهي. انهي ڪري منهنجي نظر ۾ هر اها ڳالهه جيڪا انسانذات جي وچ ۾ نفرت ۽ نفاق پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي، امن عالم لاءِ فتني جو باعث ٿئي، مجموعي خوشي، گڏيل انساني ڀلائي ۾ رڪاوٽ وجهي، شخصي ۽ عارضي نفعي کي ترجيح ڏئي سا غلط آهي. پوءِ ڀل کڻي ان کي مذهب، فلسفي، سائنس، خدا ۽ پيغمبر جي نالي ۾ ئي ڇو نه پيش ڪيو وڃي.

قومون هزارين ورهين جي باهمي ميلاپ بعد فطري طور پيدا ٿين ٿيون… فرد قوم جو جزو آهي ۽ قوم انسانيت جو حصو آهي… قومون فردن جي قرباني سان ئي بڻبيون ۽ ترقي ڪنديون آهن. جيڪڏهن اوهان پنهنجي صلاحيت جا حامل ٿيو… بي عزتي، بزدلي، بي همٿي، بداخلاقي قومي زندگي لاءِ موت جي برابر آهي. ڪو به شخص اوستائين انفرادي ترقي ۽ دائمي عزت حاصل نٿو ڪري سگهي جيستائين ان جي قوم آزاد، منظم ۽ ترقي يافته ناهي….قوم فردن جي هم خيالي ۽ گڏيل عمل جو نتيجو آهي. جنهن قوم جا فرد صالح نه هوندا. اها آزادي وٺڻ ۽ هلائڻ جي لائق نه رهندي آهي. خود مطلبي ۽ تن آساني قومي جسم لاءِ وڏا مرض آهن….

ذهني ۽ مادي آزادي اسانجي جنم جو حق آهي، پر انهي جي حاصلات قومي شعور، قرباني ۽ اخلاق جي بلندي کانسواءِ مشڪل آهي…جنهن به قوم ۾ مقصدن جي هڪجهڙائپ نه هوندي آهي، اها نه سلامت رهندي آهي نه ترقي ڪري سگهندي آهي. ڪو به فرد يا قوم جيستائين پاڻ سڃاڻڻ نه سکيو آهي، ان وقت تائين اها ستل آهي ۽ هر ستل شيءِ نيم مرده آهي….. جنهن قوم جو وطن آزاد ناهي، اها قوم گهڻو وقت زنده رهي نه ٿي سگهي… اسان دنيا جي نئين تعمير ۾ حصو وٺڻ گهرون ٿا جنهن ۾ انسان ذات امن ۽ سلامتي سان مهذب زندگي گذاري سگهي. انهي ڪري اسان هڪ قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي وطن جي آزادي جي گهر ڪيون ٿا…

آخر ۾ هن ڏکئي ۽ نازڪ دور ۾ آءُ سڀني کي اپيل ڪريان ٿو ته ننڍا ۽ معمولي اختلاف وساري سنڌ ۽ سنڌ واسين جي تحفظ لاءِ متحد ٿيو. ڇو ته سنڌ نظرين ۽ پارٽين کان مٿي آهي.”

(نوٽ:- هي مضمون پنهنجي يادگيرين ۽ ان وقت جي ورتل نوٽس (جيڪي ڊائري ۾ موجود هئا) جي آڌار تي لکيل آهي. ان ڪري غلطين جي گنجائش موجود آهي، جنهن کي وڌيڪ بهتر ڪري سگهجي ٿو: ليکڪ)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو