Home / اسپيشل افيئر / پاڪستان يمن جنگ جو حصو ڇو نه بڻيو؟
above article banner

پاڪستان يمن جنگ جو حصو ڇو نه بڻيو؟

 رزاق کٽي

aprl 15 22

ملڪ جي گادي واري شهر ۾ سدائين ٻڙدڪ متل ئي هوندو آهي، جنهن جي ڪري سڄو ملڪ سدائين پريشان هوندو آهي، جڏهن به سنڌ مان ڪا فون اچي ته فون ڪندڙ جو پهريون سوال اهو هوندو آهي ته ڇا پيو ٿئي ؟

ان ڇا پيو ٿئي مان پڇندڙ جي مراد اها هوندي آهي ته “ ڪڏهن ٿي حڪومت ختم ٿئي ”

جڏهن ته ان جي ابتڙ هن شهر ۾ اوهان کي مڪمل سڪون نظر ايندو، هتي زندگي، صبح سوير رستن تي ڊوڙندي نظر ايندي آهي، ۽ 10 وڳي کانپوءِ گهاٽن وڻن جي ڀاڪرن ۾ ويڙهيل رستن تي ويراني جو راڄ هوندو آهي، هي شهر تبو جيان اداس خوبصورتي جو ڌڻي آهي، جنهن ۾ سڀ ڪجهه موجود آهي، پر اهو بي رنگ آهي.

گذريل ٻن هفتن دوران يمن بحران، سعودي عرب پاران پاڪستان کي ان جنگ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ۽ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ۾ واپسي اهم موضوع رهيا، پر ڪٿي ڪٿي سنڌ سان تعلق رکندڙ حلقن ۾ تربت ۾ بيگناھ مارجي ويل پورهيتن جو ذڪر به ٿيو.

سينيٽ جي نئين چيئرمين ميان رضارباني پنهنجو عهدو سنڀالڻ ساڻ نين روايتن جا بنياد وڌا آهن، هن سڀ کان پهريون ۽ وڏو ڪم اهو ڪيو آهي ته هاڻي سينيٽ جو اجلاس اعلانيل وقت تي ٿئي ٿو، جيڪڏهن سوا ڏهين وڳي صبح جو وقت مقرر آهي ته سوا ڏھ وڳي ئي هو اچي ڪرسي تي ويهي رهي ٿو. هن پهرين ئي اجلاس ۾ سينيٽ جي قائدن ۽ ضابطن ۾ ترميم ڪرائي ڇڏي آهي، طور طريقا تبديل ڪيا آهن، سينيٽ پاران هاڻي عوامي شڪايتن کي درج ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ سينيٽ جي ويب سائيٽ تي هڪ باڪس هوندو جنهن ۾ پاڪستان جو ڪوبه شهري پنهنجي درخواست ڏئي سگهندو. ان درخواست جي آڌار تي درخواست ڪندڙ کي هڪ نمبر الاٽ ڪيو ويندو، ۽ اهو مسئلو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪليو ويندو، ۽ اها ڪميٽي لاڳاپيل ڌرين کي طلب ڪري تدارڪ ڪندي ۽ درخواست گذار کي آگاهي ڏيندي. پاڪستان جي حڪومت 10 اپريل تي يوم دستور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ميان رضارباني پاڪستان جي ان پارليامينٽ ، جنهن مان آمرن پنهنجي حڪومتن کي جائز قرار ڏيارڻ لاءِ دستور ۾ ترميمون ڪرايون هيون، دستور جي تاريخ جي مختلف دورن جي تصويري نمائش به لڳرائي آهي، جنهن ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين کي لڳندڙ ڦٽڪن جون تصويرن، اخبارن جا تاريخي صفحا ۽ حبيب جالب جي به تصوير لڳل آهي، جنهن تي لکيل آهي ته ايسي دستور ڪو صبح بي نور ڪو مين نهين مانتا، مين نهين جانتا.

يمن بحران

سعودي عرب پاران يمن تي هوائي حملن کانپوءِ پاڪستان کي اها “ هدايت” ڪئي وئي ته هو ان جنگ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏئي، هن وقت پاڪستان ۾ ميان نواز شريف وزيراعظم آهي، ۽ سعوديز سان هن جا ذاتي لاڳاپا آهن، ان ڪري پاڪستان جي عوام کي به اها گهڻي پريشاني هئي ته ائين نه ٿئي ته پاڪستان هڪ دفعو وري پرائي جنگ ۾ ٽپي پوي، نتيجي ۾ هڪ دفعو وري نيون پريشانيون اسان لاءِ پيدا ٿي وڃن، نتيجي ۾ جيئن جيئن دٻاءَ وڌيو ته وفاقي حڪومت مجبور ٿي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو، جنهن ۾ ڊگهي بحث کانپوءِ هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي، جنهن سعودي عرب کي به پريشان ڪري ڇڏيو. گڏيل اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي آمد بعد ان جي ميمبرن جي جيڪا ٺاهوڪي بي عزتي ڪئي وئي، ان جي اڳواٽ رٿابندي وزيراعظم هائوس ۾ ڪئي وئي هئي، ۽ ان ۾ وزيراعظم جي گهر جا ماڻهو ئي رٿابندي ڪندڙ هئا. اهو ئي سبب هو ته ايوان ۾ وڌيڪ نعري بازي ۽ گوڙ ڪرڻ ۾ ن ليگ جي عورت ميمبرن جو وڌيڪ حصو هو، اجلاس جي پهريئن ڏينهن جيئن ئي عمران خان جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جا ميمبر ايوان ۾ داخل ٿيا ته شديد نعري بازي شروع ٿي وئي. ان موقعي تي ست مهينا اڳ جا منظر به پريس گيلري ۾ موجود صحافين کي ياد اچي رهيا هئا، جڏهن عمران خان ۽ ان جي ٽيم ان ساڳي پارليامينٽ کي چورن ڌاڙيلن جو ڳڙھ قرار ڏيندي جعلي قرار ڏيندي هئي، اهوئي سبب هو ته:

منہ پر کالک مل کرآئی پی ٹی آئی، جا نعرا وڏي زور شور سان لڳي رهيا هئا، ان ڏينهن وزيراعظم جي موجودگي ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف به پي ٽي آءِ تي تبرو ڪيو. پريس گيلري ۾ موجود صحافي ڏسي رهيا هئا ته وزيراعظم مملڪتي وزير شيخ آفتاب کي چٺي لکي ڏني، جيڪا خواجا آصف کي پهچاِئي وئي، ان بعد خواجا آصف آپي مان نڪري ويو، ۽ شرم ڪرو ڊوب مرو ۽ حيا ڪرو جا نعرا هڻي رهيو هو. تحريڪ انصاف بعد ۾ ان جو پلاند سياسي طور ڪيو، جنهن ڏينهن ايوان ۾ قرارداد اچڻي هئي، ان ڏينهن صبح سوير اسپيڪر چيمبر ۾ سمورن پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس گهرايل هو، جنهن ۾ قرارداد کي حتمي شڪل ڏيڻي هئي

. تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر شيرين مزاري هڪ ڌار قرارداد آندي هئي، ان قرارداد جي پيپلزپارٽي به حمايت ڪئي، ڇاڪاڻ ته حڪومت کي ڇڏي باقي سمورين سياسي ڌرين جي اها ڪوشش هئي ته هن سڄي مامري ۾ پاڪستان غير جانبدار رهي، تحريڪ انصاف ان گڏجاڻِي ۾ ٻه شرط رکيا جنهن ۾ هڪ ته اها قرارداد وزيردفاع خواجا آصف پيش نه ڪندو، ۽ اسحاق ڊار اها قرارداد پيش ڪندو. جڏهن ته ٻيو شرط اهو هو ته جيڪڏهن پاڪستان فوجون موڪلڻ جو ان ۾ نقطو شامل ڪيو ته هو پنهنجي ڌار قرارداد ايوان ۾ آڻيندا، هن جا ٻئي مطالبا منظور ٿيا. نتيجي ۾ پيپلزپارٽي سميت سمورين ڌرين جي موقف جي فتح ٿي ۽ پاڪستان پاران عوامي نمائندن جي ايوان پاران عرب دنيا ڏانهن واضح پيغام ويو ته پاڪستان سعودي عرب جي هن جنگ ۾ سڌي ريت ملوث نه ٿيندو.

پر سعودي عرب کي ان فيصلي تي سخت ڪاوڙ آهي، گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزير جو ڌمڪي وارو بيان اچي چڪو آهي، ميان شهباز شريف سعودي بادشاھن وٽ وضاحتون پيش ڪري واپس اچي چڪو آهي، پر گڏيل قومن ۾ معاملو وڃڻ ڪري پاڪستان مٿان ٿورڙو بار گهٽجي ويو آهي، پر ختم نه ٿيو آهي.

ڪجهه باخبر حلقا ان ڳالهه جي تصديق ڪري رهيا آهن ته پاڪستان جون عسڪري قوتون به ان جنگ جو حصو ٿيڻ لاءِ تيار نظر نٿيون اچن. ڇاڪاڻ ته هڪ ته پاڪستان اندر ذري گهٽ ملڪ جي ڪل فوج جو 40 سيڪڙو آپريشن اندر رڌل آهي، جڏهن ته هندستاني سرحدن تي موجود فوج هٽائڻ جو خطرو نٿو کڻي سگهجي، جڏهن ته ٽيون سوال اهو به ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان جي فوج دنيا جي ڇهين وڏي فوج آهي، پر سعودي عرب مصر کي سڀني کان وڏي فنڊنگ ڪئي آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان کي ذرو به نه مليو آهي.

پاڪستان سان هڪ وڏو مسئلو اهو به آهي ته ذري گهٽ 20 لک پاڪستاني سعودي عرب ۽ وچ اوڀر جي ٻين ملڪن ۾ پورهيو ڪن ٿا، پاڪستان ڪڏهن به ان پوزيشن ۾ نه رهيو آهي ته پنهنجي شهرين سان عربن پاران ٿيندڙ جانورن جهڙي سلوڪ تي ڪجهه ڳالھائي سگهي، پر هن دفعي کيس اهو به خوف آهي ته جيڪڏهن سعوديز جا شرط پورا نه ٿيا ته اهي 20 لک ماڻهو انهن ملڪن مان بيدخل ٿي سگهن ٿا، جنهن ڪري پاڪستان ۾ وڏو معاشي بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو