Home / اسپيشل افيئر / ٿر جي راڄوڻي سياست جي انوکي ڪردار جي ڪهاڻي!
above article banner

ٿر جي راڄوڻي سياست جي انوکي ڪردار جي ڪهاڻي!

علي نواز راهمون

نظرياتي سياست بدران ٿر ۾ راڄ ڀاڳ جي سياست رهندي آئي آهي ۽ گُذريل ٻن چونڊن کان اڳ ۾ ڪڏهن به ٿر جي سياست ۾ رت جي راند شامل ڪونه رهي. هميشه امن، آشتي ۽ پيار پاٻوهه واري ديس ۾، ”هڪڙو چئي ته ٻيو سَهَي“ واري سنڌي چوڻي مثل رواج رهيو آهي، پر هاڻي ڪُجهه ڌرين جي اقتداري لالچ وڌي وڃڻ سبب اڻ سهپ ۽ عدم تشدد جون ڪارروايون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. شايد انهيءَ اقتداري ڊوڙ وارن کي صرف هڪڙي ئي واٽ سُجهي ٿي ته عزت ۽ مان مرتبو صرف ۽ صرف اقتدار، اختيار ۽ هٿيارن جي زور تي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو نه ته حياءَ ۽ مت شرم جا سڀئي ليڪا لتاڙي ڪونه وڃن ها! پر اهڙي وٺ وٺان ۽ انا جي ڊوڙ واري دؤر ۾ به ڪي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي ڪم ۽ ڪردار وسيلي ٿر جي عام ماڻهو لاءِ ڏڍ ۽ ميٺ محبت ۽ راڄ ڀاڳ جي پرگهور لهندا اچن ۽ وقت وارن جا وار سَهَي به صبر جو دامن ڪونه ٿا ڇڏين، اهڙن ئي ڀلوڙ ڪردارن منجهان آهي ارباب مقبول احمد راهمون جيڪو 22 سيپٽمبر 2014ع ڌاري هن فاني دنيا کي خيرباد چئي چڪو آهي. ٿر جي رڻ ڪنڌيءَ تي آباد ڳوٺ سينگالو ۾ ارباب نور محمد راهمون جي گهر ۾ اک کوليندڙ هن راڄ جي رکوالي کي سندس والد جي وڇوڙي بعد راهمان برادري جي سرواڻي ملي پر ٻالڪ وَهِيءَ ۾ مليل تمام وڏي ذميواري کي هُن 30 سالن کان مٿي جي عرصي تائين خوب نڀايو. ارباب نُور محمد راهمون ته 1953ع ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، پر کيس ڪا شرافت ۽ ايمانداري جي اهڙي سُتي مليل هئي، جو ڪڏهن به سندس حوالي سان ڪنهن ڪرپشن ۽ خيانت جو ٽِڪو سندس دامن تي نه لڳو ۽ شايد انهيءَ ئي پرورش جي ڪري ارباب مقبول احمد راهمون به برادري جي سرواڻ هُجڻ باوجود ڪڏهن به راڄ ويڙهائو، اقتداري سياست لاءِ ماڻهن جي جذبن سان کيڏڻ يا ووٽ جي سگهه جو ناجائز فائدو ڪڏهن به نه ورتو. ارباب مقبول ٽي ڀيرا صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ ٿر ۾ اميدوار ٿيو ۽ اليڪشن وڙهي پر ڪنهن هڪ چونڊ ۾ به ذات برادرين جي جهيڙن، پوليس ۽ پُرتشدد ڪارروائي جو سهارو نه ورتو، نتيجي ۾ اليڪشن ته هارايائين پر سندس برادري جي ڪجهه حلقن ناراضگي به ظاهر ڪئي ۽ اليڪشني سياست ۾ الڳ ديڳڙي چاڙهيائون، پر هي شرافت جو مجسمو ڪنهن ضد ۾ اچڻ بدران روايتي سياست کان پاسيرو ٿي ويو ۽ ڄڻ چوندو هُجي ته،

اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،

پلئه پايو سچ آڇيندي لڄ مران!

new 2

وقت جي وهڪري ۾ لُڙهڻ بدران اُصولن ۽ راڄ ڀاڳ کي سنڀالڻ جو ڪٺن ڪم ڪندو رهيو، فقير منش ماڻهو هميشه توڪل تي هلندڙ، ڪو غريب غُربو سڏي ته آڌي جو به پُڄيو وڃي ۽ وري جي ڪو اقتداري ڌُر ڪوٺ ڏئي ته وڃڻ وقت به سؤ دفعا سوچي. ڪڏهن به ڪنهن جي گِلا نه ڪري ۽ نه ٻُڌي،. هڪڙا ماڻهو دوکا ڪري سياسي طور نقصان رسائين پر پوءِ به جي لنگهي اچن ته سڀ ڪُجهه معاف ڪريو ڇڏي. هڪڙي گهڻ گهُري پڇيو ته سائين ڦلاڻي سياستدان توهان سان دوکو ڪيو ۽ توهان هاڻي وري هُن جي مدد پيا ڪريو ته بنا سوچڻ جي وراياڻين، اهو هُن جو ظرف هو، جيڪي ڪُجهه ڪيو، باقي مُون کي ٿر جي مستقبل جو سوچڻو آهي هتي جي وڏين برادرين ۾ ويڙهه ٿي ته وڏي تباهي ٿيندي ۽ ڌاريا ٿر تي قبضو ڪري ويندا ۽ هاڻي ٿر جا وسيلا سامراجن جي اک ۾ آهن، انهيءَ ڪري ٿرواسين جي ٻڌي ضروري آهي، سوال ڪرڻ وارو همراهه لاجواب ٿي ويو. وقت وارن هُن شخص سان اهڙو اڍنگو ورتاءُ رکيو هو جو ڪو اڀرو سڀرو هُجي ها ته ڪڏهوڪو سودو ڪري چُڪو هجي ها، پر شابس هُجي هِن ٿر جي دلير پُٽ کي جنهن ڪڏهن به شرافت ۽ راڄ جي رسمن کي ڪاڻهيارو نه ڪيو، نه ته ٿر ۾ به پئسي تي، اقتدار جي لالچ ۽ عهدن جي غرور تي پيڙهين جي ڪمائي تي پاڻي ڦيري ڇڏيائون ۽ پوليس پتيلي ۽ مُفاد پرستي جي هوڏ ۾ پنهنجو ڪردار وڃائي ويهي رهيا.

هُن ڪڏهن به پنهنجي زبان سان ڪنهن کي بُرو ڀلو ڪونه چيو، پر جي سندس واتان ئي ڪو حال پُڇي ها ۽ سندس سوچ جي برعڪس کيس ملندڙ موٽ جو ڪاٿو شايد هُو ائين ڏئي ها:

کیا حال پوچھتے ہو میرے کاروبار کا٬

اندھوں کے شہر میں آئینے بیچتا ہوں!

اڄ جڏهن ٿر جي سياست ۾ رت جي راند شامل ٿي ويئي آهي، اقتداري حوس ۾ ذات برادري جي جهيڙن جي باهه ٻارڻ کان شروع ٿيندڙ ڪهاڻي هاڻي مذهبي رنگ به وٺڻ شروع ڪيو آهي. جڏهن ته ٿر جي وسيلن تي نظر رکندڙ ويڙهه ۽ تشدد جي ماحول کي مچائڻ جي ڪوشش ۾ آهي، اُتي هتان جي سماجي تاڃي پيٽي، روايتن، اصولن، ثقافتن ۽ ڌرتي ڌڻين جي ساڃاه رکندڙ ماڻهن جو ڏڪار پيو محسوس ٿئي ۽ ارباب مقبول جهڙن فقير صفت هستين جي تمام وڏي ضرورت آهي، جيڪي ذاتي مفاد قربان ڪري اجتماعي فائدو ڳولهين ۽ راڄ ڀاڳ جي سياست ۽ ساڃاهه رکندڙ هُجن. اهڙي ئي سَمي محبتي ماڻهو جي وڇوڙي جيءَ جهوري وڌو آهي، ٿر جي سموري عوام خاص طور تي غريب ماڻهن جي جيءَ جو جيارو وڇڙي ويو آهي. 22 سيپٽمبر 2014ع جي لهندڙ سج سان گڏ هڪ اهڙي ڪردار جي باوقار پُڄاڻي پئي ٿي، جنهن ڪردار جي وڏ ماڻهپي جون ساکيءَ اُهي غريب ماڻهن جون قطارون هيون، جيڪي بدين، سنهيءَ گوني ۽ ڪڍڻ جي روڊن تي بي قرار هُيون ته ٻئي پاسي ڏيپلي کان سينگالو جو اداس روڊ هو جتان ڄڻ ڪي ماتمي جلوس پئي مٽيا ۽ سڀني جو هڪڙو مشترڪه درد هو ۽ هُو پنهنجي بي قراريءَ وچان پنهنجي محسن ۽ غريبن جي هڏ ڏوکيءَ جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ واري وٺڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا.

سينگالي کان شاهه حسين قبرستان تائين جي سفر ۾ هزارين ماڻهن جي آلين اکين ۾ جتي ڏک جو سُمنڊ هو اُتي هڪڙي ڳالهه جي شاهدي هئي ته پئسو، وڏا بنگلا، محل/ماڙيون ۽ اقتدار توڙي عُهدا ڪا ڳالهه ناهن بس هڪ ماڻهو جو ڪردار ئي اصل هڙ حاصل آهي ۽ اُهو ڪردار ئي آهي جنهن سان توهان ماڻهن جي دلين ۾ راڄ ڪري سگهون ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو