Home / ڪرنٽ افيئر / چيني سيڙپڪاري: سنڌ گهاٽي ۾ ۽ پنجاب فائدي ۾ ڇو؟
above article banner

چيني سيڙپڪاري: سنڌ گهاٽي ۾ ۽ پنجاب فائدي ۾ ڇو؟

aijazسنڌ کي سرسبز، آباد ۽ خوشحال ڪندڙ سنڌو ندي جي شروعات تبت چين جي پهاڙن کان شروع ٿئي ٿو. تبت جي پهاڙن مان نڪرندڙ سنڌو درياهه اڳيان وڌي ايشيا جو وڏي ۾ وڏو درياهه بڻجي ٿو وڃي. اهو درياهه پاڪستان جي مختلف دڳن تان گذرندو دنيا جهان کي آباد ڪندو  آخرڪار سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي ڇهندو سمنڊ پار ٿئي ٿو. ان حساب سان سنڌ جو چين سان قدرتي رشتو قائم آهي.

تازو چين جي صدر لي پنگ پاڪستان جو اهم دورو ڪيو. اهم ان لحاظ کان ته صدر ٻن ڏينهن جي دؤري دوران 50 کان وڌيڪ ٺاهن تي صحيحون ڪيون. انهن صحيحون ڪيل معاهدن جو ڪُل ڪاٿو 45 ارب ڊالر آهي. (45 Billion US Dollor) اها 45 ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪاري پاڪستان جي 70 سالن جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي. هونئن ته ذوالفقار علي ڀٽي جي دور کان وٺي چين جي مختلف صدرن پاڪستان جا دورا ڪيا ۽ معاهدا / ٺاهه ڪيا. پر هن وقت صدر لي پنگ جي دوري کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ان ڪري ڏني وئي جو پاڪستان جنهن اڪيلائي واري دور مان گذري رهيو آهي، ان وقت ايڏي وڏي سيڙپڪاري جي پاڪستان لاءِ وڏي اهميت آهي.

45 ارب ڊالرن جا چين طرفان ڪيل معاهدا گهڻو تڻو توانائي جي مختلف منصوبن تي خرچ ٿيندا ۽ باقي روڊ، نيٽ ورڪ، انڊسٽري ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن تي خرچ ٿيندا. اهڙا ساڳئي قسم جا معاهدا پيپلز پارٽي جي اڳوڻي دور ۾ پڻ ٿيندا رهيا پر انهن معاهدن مان ڪيترا معاهدا ڪاميابي نه ماڻي سگهيا، ان ڪري ڪيترائي معاهدا رَدي جي ٽوڪري جي حوالي ٿيا. ان باري ۾ ڪنهن کي به خبر ڪانهي.

30-April-2015 14

هن وقت جيڪي معاهدا نواز شريف جي حڪومت ڪيا آهن اُهي ڪيتري ڪاميابي ماڻيندا اهو ته وقت ٻڌائيندو. پر حقيقت ۾ پاڪستان جي ٽن صوبن  بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخواه اعتراض وارڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. سڀ کان وڏو اعتراض ٽنهي صوبن کي اهو آهي ته وڏو ڀاءُ پنجاب چيني سيڙپڪاري جو  %80 (تقريباََ اَسي سيڪڙو) پاڻ ڏانهن رکڻ چاهي ٿو ۽ باقي بچيل 20% ويهه سيڪڙو ٽن صوبن کي ڏنو ويندو. پاڪستان جي پلاننگ ڪميشن جنهن ۾ گهڻو تڻو وڏي ڀاءُ پنجاب جو خيال رکندڙ ڪامورا شاهي ويٺل آهي، انهن چين- پاڪستان پاور ڪوريڊور جو گهڻو دڳ پنجاب مان گذارڻ ۽ ترقي لاءِ روڊ، پاور پلانٽس، انڊسٽريز سڀئي  پنجاب ۾ هڻڻ لاءِ معاهدا ڪيا آهن.

ياد رهي ته چين هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو پنهنجي منصوبابندي هميشه سوچي سمجهي دنيا جي حالتن کي مدنظر رکندي ڪندو آهي. چين اها 45 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ڇو ڪري رهيو آهي؟ ان سوال جو جواب في الحال اڻلڀ آهي!

في الحال ايترو سمجهه ۾ اچي ٿو ته چين پنهنجي سُپر پاور واري حيثيت مڃرائڻ لاءِ پهرين ايشيا جي ملڪن تي سيڙپڪاري وسيلي پنهنجي معاشي طاقت جو دٻدٻو ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي. هن دور ۾ مُعاشي طاقت رکندڙ ملڪ سپر پاور جي حيثيت ۾ پنهنجو دٻدٻو قائم رکي سگهن ٿا. برطانيا، فرانس ۽ يورپ جا ڪجهه ٻيا ملڪ چين جي معاشي حيثيت کي قبول ڪري چُڪا آهن ۽ ان ڪري آمريڪا انهي ڊوڙ ۾ هر وقت ڊالر کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل رهي ٿو.

چين، پاڪستان جي رستي افغانستان۽ وچ ايشيا جي ملڪن وسيلي پنهنجي سيڙپڪاري کي اڳتي وڌائڻ گهري ٿو. انهي حيثيت ۾ چين ۽ چين جي سيڙپڪاري ۾ ايندڙ مُلڪ فائدي ۾ رهندا. چوندا آهن ته غريب جي کيسي ۾ ڪٿان به پئسو اچي ته اهو غريب هڪدم بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي وٺي ڇڏيندو آهي. اهو ساڳيو حال پاڪستان جو آهي.

چين جن شرطن هيٺ سيڙپڪاري غريب ملڪن ۾ ڪرڻ شروع ڪئي آهي اُهي شرط چين لاءِ وڌيڪ فائديمند آهن پر غربت ۾ ڪو به ملڪ شرط قبول ڪري سگهي ٿو ۽ پاڪستان انهن شرطن تي لبيڪ چوندي سيڙپڪارن کي هر شڪل ۾ قبول ڪيو آهي.

چين جا رکيل شرط ڪجهه هن ريت آهن ته: پاڪستان چين جي سيڙپڪاري ۽ ڪم ڪندڙ ڪمپنين ۽ ماڻهن جي حفاظت ڪندو. چين ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين کان سواءِ ڪا به ڪمپني ڪم نه ڪندي. سيڙپڪاري چين جي بئنڪ ذريعي ٿيندي ۽ سيڙپڪاري تي لڳ ڀڳ 18% (ارڙهن سيڪڙو) منافعو پاڪستان کي ڀرڻو پوندو. اهي چين طرفان رکيل شرط پاڪستان قبول ڪندي تقريباََ 51 معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن.

پنجاب کي وڌيڪ فاعدو ان ڪري آهي ته پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف انهي ٿيندڙ منصوبابندي ۾ متحرڪ رهيو ۽ چين جا دورا ڪري سيڙپڪاري ڪندڙ بئنڪن ۽ ڪمپنين کي هر لحاظ سان مطمئن ڪيو. پنجاب گهڻن منصوبن جو اڳ۾ اعلان ڪندي تياري شروع ڪري ڇڏي انهي ڪري پنجاب وڌيڪ فيضياب ٿيو آهي. پنجاب جي حڪومت گذريل 10 کان 15 سالن ۾ جيڪا ترقي ڪئي آهي اها ٻين صوبن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ۽ بهتر آهي. هڪڙو اهم سبب پنجاب ۾ چين جي ٿيندڙ سيڙپڪاري جو اهو به آهي ته پنجاب ۾ ڪرپشن گهٽ آهي، حڪمراني هر لحاظ کان بهتر آهي، ڪرپٽ آفيسر ۽ سياستدان تمام گهٽ آهن ۽ ترقياتي ڪم صحيح نموني سان اڳتي وڌي رهيا آهن.

سنڌ ۾ حڪمراني جو حشر ڇا آهي؟ ان جي اسان سڀني کي خبر آهي. ڪرپشن ۾ سنڌ نمبر ون آهي. حڪمراني جو ڪو به ڏس پتو ڪونهي. اسانجا ڪامورا سرمائيدارن کان به وڌيڪ شاهوڪار آهن. ڪو به روڊ ۽ رستو سڌو ڪونهي. تعليم ۽ صحت جو حشر ايترو خراب آهي جو اسان دنيا ڇا پر پاڪستان ۾ به آخري نمبر تي بيٺل آهيون. قانون جو ڪو نالو نشان ڪونهي.

سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ ڪرپٽ ٽولي چين جا دورا ضرور ڪيا پر چين پنهنجي سيڙپڪاري کي سنڌ ۾ فقط ٿرڪول جي ٻن ڪلاڪن ۽ ٺٽي ۾ ڪجهه ونڊ پاور تائين محدود رکيو.

چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ چيني سيڙپڪاري کي محدود ان ڪري رکيو ويو جو سنڌ جو ڪو به انڊيڪيٽر سڌو ڪونهي ۽ وزير اعليٰ سنڌ، منصوبا بندي تي ڪم ڪندڙ ڪامورن ڪي خاص پروپوزل، ترقياتي ويزن Development Vision پيش نه ڪري سگهيا.

انهي صورتحال ۾ ڏوهه ڪنهن تي ڏجي؟ مرحوم منشي ابراهيم مطابق

“مون پڪ سڃاتا ڪي پنهنجا هُئا

ڌاڙيلن سان گڏ ڌاڙي ۾”

چين يا پنجاب تي ڏوهه ڪيترو ڏجي؟ اسان جو پنهنجو گهر ڪنهن حال ۾ ئي ڪونهي. پهرين اسان پنهنجو گهر سڌو رکون ته پوءِ دنيا اسانجي مدد ڪرڻ لاءِ ايندي.

سنڌ ۾ ڊونر چاهي سماجي دنيا NGOs لاءِ هجي يا حڪومت جي منصوبن جي مدد ڪرڻ لاءِ. آهستي آهستي هٿ ڪڍندو پيو وڃي. 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ جيڪا انٽرنيشنل ڊونرس جي يلغار سنڌ پهتي هئي اها اڄ ڏهه سيڪڙو به ناهي بچي. سنڌ حڪومت جو حشر ڏسي ڊونر ڀڄندا پيا وڃن.ڊونر سنڌ حڪومت کي نه کپن بلڪه قرض کپي، ڇاڪاڻ ته قرض وٺڻ ۾ ڪو به شرط شروط ڪو نه هوندو آهي. قرض جي استعمال تي ڪا به جاچ پڙتال ڪونهي. قرض فقط وٺڻو ۽ ڏيڻو هوندو آهي.

سنڌ سڄي قرضن جي مرض سبب دٻجندي پئي وڃي. انهي صورتحال  ۾سنڌ کي ڪير بچائيندو.

وقت اڃا به آهي ته حڪمران هوش ۾ اچن ۽ اگهور ننڊ مان نڪري ترقي جي راهه وٺن. جيڪڏهن هاڻ به حڪمرانن سنڌ لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته ڊونر ڇا پر پاڪستان جا ٻيا صوبا ۽ قومون اسان کان ڪئي ڀيرا اڳتي نڪري ويندا. سنڌ حڪومت پنهنجي باقاعدي منصوبابندي ڪري. اڳي ڪنهن وقت ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شامل هئاسين ۽ هاڻ به اها صلاحيت رکون ٿا. اهو سڀ ڪجهه ممڪن آهي فقط حڪمراني صحيح ٿئي ۽ دنيا سان گڏجي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هَلي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو