Home / ويندي ويندي / ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ
above article banner

ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ

اسلام آباد ۽ لاهور وارا سالن کان چوندا اچن ٿا ته ،“پاڪ چين دوستي هماليا کان اوچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي.” اسان، نام نهاد ننڍن ڀائرن کي اڄ تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته دين جي ٺيڪيدار وڏي ڀاءُ کي هونئن ته ڪافرن تي ڪاوڙ پر ڪميونسٽ چيني ڇو ايڏو وڻن ٿا جو اسان جتي هندو ڀارت پاران ڪشميري مسلمانن تي ظلم ٿيندو ڏسي روز ڀارت مٿان ڦٽڪار وجهون ٿا ۽ ڪشميري مسلمان ڀائرن جي آزادي لاءِ ڌڻي کان دعائون گهرون ٿا اتي ڪميونسٽ چين پاران سنڪيانگ پرڳڻي جي مسلمان ڀائرن تي ٿيندڙ ظلم تي اکر به نه ٿا ڪڇون؟ آهن ته ٻئي مسلمان علائقا. ڪشمير تي ڀارت قابض آهي ۽ چين سنڪيانگ جي اُغير مسلمانن کي اڌ صدي کان چيچلائيندو اچي. هڪڙن جي ڀر ان لاءِ کڻڻ ته اهي دين ڀائي آهن ۽ ٻئي ڏي لئوڻو به نه هڻڻ ڇا ٿو ٿابت ڪري؟ ته اسان جو نظريو،“ايڪ هون مسلم حرم ڪي پاسباني ڪي لئي، نيل ڪي ساحل سي لي ڪر تابه خاڪ ڪاشغر.” مڙئي ٻين جي، خاص طور قوميت جي بنياد تي حق گهرندڙ سنڌين ۽ بلوچن جي اکين ۾ سرمو وجهڻ آهي؟

سنڌي بلوچ ڪڇن ته اسان کي قوميت جي بنياد تي پنهنجي وسيلن تي حق ڏيو ته اسان کين ڀليل چئون جو اسان سڀ “هڪ ملت” آهيون. قوميت جي ڳالهه ڪرڻ معنيٰ پاڪستان جي نظرئي کان انڪار ڪرڻ ۽ ٻئي پاسي اسان پنهنجي نظرئي کي پُٺي ڏئي ڪميونسٽ چين سان دوستي جا ترانا ڳايون ۽ چين به عجيب ملڪ آهي. هڪ طرف ايترو شاونسٽ جو چين ۾ سواءِ غالب چيني قوم جي ٻي ڪنهن به قوم کي پنهنجي سڃاڻپ رکڻ جي اجازت ناهي. ٻئي پاسي وري پاڻ کي مارڪس ۽ لينن جو پوئلڳ به چون. تبت ۽ سنڪيانگ جهڙا کوڙ ملڪ سندن قبضي ۾ آهن پر مجال جو انهن کي ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ ڏين.

Picture1

دفاعي تجزئي نگار ٻڌائن ٿا ته چيني حڪمت عملي جنهن کي “اسٽرنگ آف پرل” ڪوٺن ٿا، هيٺ هندي _عربي سمنڊ ۾ پنهنجي دفاعي توڙي واپاري مفادن جي تڪميل لاءِ مختلف ملڪن کان پورٽ وٺي اتي پنهنجون بيٺڪيتون قائم ڪري رهيو آهي. بلوچستان جو گوادر پورٽ ان ئي پاليسي هيٺ سندس حوالي ٿيو آهي. جناب آصف علي زرداري ذوالفقار آباد رٿا ۾ سندن لاءِ ڪيٽي بندر جهڙا ٻه ٽي سامونڊي پورٽ ڇڏيا آهن پر في الحال زرداري صاحب بحريا جي شهرن جي اڏاوت ۾ مصرو ف ٿي ويو آهي ٻئي پاسي چينين کي گوادر جي اڏڻ جي تڪڙ آهي.

هتي هڪ مصيبت اها آهي ته پنهنجي صوبي يا تاريخي وطن جي ڳالهه ڪرڻ، سندس وسيلن جي مالڪي جي ڳالهه ڪرڻ معنيٰ ملڪ سان وفاداري مشڪوڪ. ان حالت ۾ ڪير ڪُڇي ته بابا ڀل گوادر جو پورٽ ٺاهيو پر گهر ڌڻين کان به ته سندن رضا پڇو. ترقي جو ثمر ورهائي کائو. هي ملڪ سڀني جو آهي، خوشحالي ماڻڻ سڀ جو حق آهي. بلوچستان ۽ سنڌ جون ٻهراڙيون ڏسو ۽ پوءِ فيصلو ڪريو ته اهي انسان ڪهڙين حالتن ۾ زندگي جي جبر جو مقابلو ڪن ٿا.

باقي گهر ڌڻي وتن رڍون ۽ اٺ چاريندا ۽ ٻاهريان ماڻهو اچي سندن وسيلن کي استعمال ڪري، وڏيون گاڏيون سندن پورٽن ۽ روڊن تي هلائي، سندن ڀڀوت مهانڊن تي ڌوڙ ۽ دز اڏائيندا وتن ۽ پوءِ به انهن ماروئڙن ۽ سانگيئڙن مان اسلام آباد، لاهور وارا اها اميد رکن ته اهي به پاڪ چين دوستي جا ترانا ويهي ڳائن، ڏاڍي ڪٺور فرمائش ٿيندي. ڦٽن تي لُوڻ ٻرڪڻ ان کي نه چئبو آ ته ٻيو ڇا کي چئبو آ؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو