Home / ڪور افيئر / گستاخ ڪلاميءَ جي “ڳري قيمت”
above article banner

گستاخ ڪلاميءَ جي “ڳري قيمت”

مظهر

“يمن” جنهن کي (هندستان جي اولهه ايشيائي علاقن ۾) “ايمن” به سڏيو وڃي ٿو، سو “ڪلياڻ” ٺاٺ جو سمپورڻ ڪلاسيڪي راڳ آهي. مراٺي ٻوليءَ جي لفظ “ڪلياڻ” جو مطلب آهي “سک، سڪون، ۽ ڀلائي”.

يمن عرب اُپٻيٽ جي هڪ ملڪ جو به نالو آهي جيڪو پنهنجي ميوزڪ ۽ ٻين خاصيتن جي ڪري عرب دنيا جو ثقافتي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي. 2003ع ۾ يونيسڪو صنعا جي موسيقي جي روايت،”الغنا الصنعاني“،کي ”موسيقيءَ جي انساني ورثي جو ماسٽرپيس“ قرار ڏنو هو. يمن ملڪ ڪلاسيڪي راڳ ”يمن ڪلياڻ“ جي طبعي شڪل هو. هاڻي اتي موسيقي ناهي فقط رڙيون ئي رڙيون آهن. سڄي عرب اپٻيٽ کي سزا ملي رهي آهي ۽ هاڻي يمن نمبر تي آهي.

عام تاثر اهو آهي ته عرب ۽ مسلم دنيا ۾ هيءُ ۽ ان قسم جون ٻيون لڙايون شيعه سني بلاڪن وچ ۾ هلندڙ سردجنگ جو نتيجو آهن. پاڪستان جا سياستدان ۽ پارٽيون به اهو چئي يمن ڏانهن فوج موڪلڻ جي مخالفت ڪن ٿيون ته ان سان گهر ۾ اڳ ئي هلندڙ شيعه سني جهيڙو وڌي ويندو. پر عرب دنيا جي سازشن واري سياست جو غيرجذباتي تجزيو اهو ٻڌائي ٿو ته معاملن ۾ شيعه سني پسمنظر يا ته گهٽ آهي يا ڪن صورتن ۾ ته بلڪل آهي ئي ڪونه، البته ڏيکاءُ طور شيعه سني معاملي کي شوڪيس ڪيو وڃي ٿو. يمن جي صورتحال ۾ به هڪ کان وڌيڪ فيڪٽر ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ان ملڪ سان ٿيندڙ حشر جو سبب رڳو شيعه سني فرقيواريت ڪونهي.

سعودي عرب ۽ يمن وچ ۾ خراب لاڳاپن جي پراڻي تاريخ آهي ۽ 1934ع م هڪ جنگ جي نتيجي ۾ سعودي عرب يمن جي اترئين علاقي جي ڪجهه صوبن تي قبضو ڪيو جيڪي سعودي سرحد سان لڳولڳ هئا. اهو علائقو حوثي يا زيدي قبيلي جو آهي جن جي اڌ آبادي سعودي عرب ۽ اڌ هاڻوڪي يمن ۾ رهي ٿي. حوثي يا زيدي نيم شيعه سڃاڻپ وارو اهڙو واحد قبيلو آهي جيڪو ٻين شيعه گروهن جي ابتڙ راشدي خليفن جي حڪمرانيءَ کي به مڃيندڙ آهي. جڏهن يمن اتر ۽ ڏکڻ يمن ۾ ورهايل هو ته اتر يمن تي حوثي قبيلي جي حمايت سان علي عبدالله صالح جي حڪومت قائم هئي.اڳتي هلي جنهن گروپ علي عبدالله صالح جي حڪومت ختم ڪئي تنهن کي سعودي عرب جي آشيرواد، مالي ۽ فوجي مدد حاصل هئي.

aprl 15  20

سعودي عرب علي عبدالله صالح جو تختو ان ڪري ڪونه اونڌو ڪرايو هو ته علي عبدالله صالح شيعو هو. هن کي ان ڪري نشانو بنايو ويو جو جڏهن سني صدام حسين ڪويت تي قبضو ڪيو هو ته علي عبدالله صالح صدام حسين جي حمايت ڪئي هئي. علي عبدالله صالح شيعه ايران جي مخالف سني صدام حسين جي حمايت ان ڪري جاري رکي جو صدام حسين ساڻس معاهدو ڪيو هو ته هو سعودي عرب کي شڪست ڏيئي ان کان حوثي اڪثريت وارا اهي صوبا علي عبدالله صالح کي واپس ڏياريندو جن تي 1934ع جي جنگ ۾ سعودي عرب قبضو ڪري ورتو هو. ان وقت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ علي عبدالله صالح جو ملڪ اتر يمن دنيا جو واحد ملڪ هو جيڪو صدام حسين جي حق ۾ ووٽ ڏيندو هو. صدام جي حمايت ايڏو وڏو ڏوهه هو جو صدر جارج ايڇ ڊبليو بُش ۽ سعودي فرمانروا ٻئي علي عبدالله صالح جا دشمن ٿي بيٺا ۽ سندس اقتدار ختم ڪيو ويو. هن وقت جڏهن حوثي جنگجوئن پيش قدمي ڪئي آهي ته اهڙي مشڪوڪ قسم جي شيعي علي عبدالله صالح جي باري ۾ ڪهاڻيون هلايون پيون وڃن ته اهو ايران جي ريموٽ ڪنٽرول تي هلي رهيو آهي جيڪا ڳالهه مڃڻ ۾ نٿي اچي. ان وقت شيعه سني جهيڙو ڪٿي هو جڏهن علي عبدالله صالح شيعه ايران جي دشمن سني صدام حسين جي حمايت ڪري رهيو هو؟

جيڪڏهن ڏسجي ته وچ اوڀر جي صورتحال جي پسمنظر ۾ 1981ع ۾ ٿيندڙ هڪ تمام اهم واقعي مسلم ملڪن ۽ خاص طور تي عرب ملڪن وچ ۾ مستقبل ۾ ٿيندڙ دشمنين ۽ دوستين جا بنياد رکي ڇڏيا هئا. 1981ع ۾ مراڪش جي شهر فيض ۾ عرب ليگ جو سربراهي اجلاس ٿيو جنهن جي اڳواٽ تيار ڪيل ايجنڊا ۾ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه فهد جو وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ اٺ ـ نڪاتي پلان به شامل هو. اجلاس جي ايجنڊا جڏهن ميمبر ملڪن کي موڪلي وئي ته صدام حسين، حافظ الاسد، ۽ معمر قذافي نه رڳو پاڻ ان اجلاس ۾ نه وڃڻ جو اعلان ڪيو پر پنهنجا نائب وزير موڪلي انهن کان شاهه فهد جي پلان جي مخالفت ۾ تنقيدي تقريرون به ڪرايون. ياسر عرفات واري پي ايل او جيڪا هلندي ئي سعودي ڀاڙي ڀتي تي هئي، تنهن به شاهه فهد جي پلان جي ستين نڪتي جي حمايت ڪرڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو جنهن ۾ چيل هو ته علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اسرائيلي رياست کي سرڪاري طور تسليم ڪيو وڃي.

انهن مخالفتن ۽ تنقيدن کي سعودي بادشاهت پنهنجي تذليل ۽ گستاخي سمجهيو ۽ اجلاس کان پوءِ گستاخ ڪلامي ڪندڙ سمورن عرب ليڊرن ۽ ملڪن خلاف انتقامي ڪارروائي شروع ٿي وئي. فيض ۾ ٿيل اجلاس ۾ سعودي پلان فيل ٿيڻ جي ڪجهه مهينن کان پوءِ اسرائيل بيروت ۾ پي ايل او جي هيڊڪوارٽر تي حملو ڪيو ۽ فلسطيني ڪيمپن اندر اهي قتل عام ڪيا جيڪي ”صابره“ ۽ ”شتيلا“ جي نالي سان اڄ به سڀني کي ياد آهن. اسرائيل اهو حملو سعودي سرڪار جي ڳجهي اشاري تي ڪيو يا پاڻمرادو حملو ڪيو ان سوال کي پاڻ الڳ به رکون تڏهن به اها ته بهرحال حقيقت آهي ته سعودي ۽ اسرائيل جي باضابطه سيڪريٽ سنگت جي شروعات 1981ع کان ٿي هئي جڏهن ته ڏيٺ ويٺ ته ڪافي اڳي کان ٿي چڪي هئي.

1979ع ۾ ايران ۾ ايندڙ شيعه اسلامي انقلاب هڪ ئي وقت سعودي بادشاهت ۽ اسرائيلي رياست جي اکين جو ڪنڊو هو ۽ ايران کي به ٻنهيءَ ملڪن جي ايران لاءِ اهڙي ”گرمجوشيءَ“ جي خبر هئي. پر ان جي باوجود سياسي مفادن جي ڪري ايراني مولوي به سعودي عرب ۽ اسرائيل سان اندرواندر معاهدا ڪرڻ جا مخالف ڪونه هئا. ان زماني ۾ ڦاٽندڙ ايران ــ ڪونٽرا اسڪينڊل جون ڪڙيون ملايون ويون ته ثابتي اها ملي ته ڪونٽراس معرفت جيڪي هٿيار ايران پهتا هئا سو دراصل اسرائيل جو ايران لاءِ موڪليل پيار جو تحفو هو. ان وقت ايران ۽ عراق وچ ۾ جنگ هلي رهي هئي ۽ اسرائيل ۽ سعودي عرب چاهيو ٿي ته خمينيءَ هٿان سني صدام حسين جي فوجي طاقت کي ڪمزور ڪرائجي. هنن ان خيال کان عراق جي به مدد ڪئي ته ايران به ضرور اوتروئي تباهه ٿئي.

جيڪي ماڻهو ان معاملي کي رڳو شيعه ــ سني تڪرار جي تناظر ۾ ئي ڏسن ٿا تن لاءِ اها صدمي واري خبر هوندي ته چاهي ٿوري وقت لاءِ ئي سهي، ايران غزا ۾ حماس ۽ مصر ۾ اخوان المسلمون جهڙين تنظيمن سان به ڪامياب معاهدا ڪيا هئا جيڪي خالص سلفي سني گروپ آهن. افغانستان ۾ ايران گلبدين حڪمتيار جي حمايت ڪئي جيڪو پڻ ديوبندي فرقي سان لاڳاپيل هو. حڪمتيار پنهنجي اقتدار لاءِ ڪابل کي گهيرو ڪري، شهر تي راڪيٽ وسائي 60 هزار ماڻهو ماريا هئا. اڳتي هلي جڏهن طالبان اچي کيس چلتو ڪيو ته ان سني مولوي ”مجاهد“ کي شيعه ايران سياسي پناهه ڏني ۽ پاڻ اڄ تائين اتي ئي موجود ۽ مقيم آهن.

پي ايل او جڏهن الله کي پياري ٿي وئي، ته سعودي بادشاهت واري واري سان الجزائر، عراق، لبيا ۽ شام جي خبر ورتي. الجزائر به شاهه فهد جي پلان جي مخالفت ڪئي هئي ۽ ان کان به وڌيڪ گستاخانه ڳالهه اها هئي ته الجزائر جو پرڏيهي وزير ايران عراق جنگ جو خاتمو ڪرائڻ لاءِ ايران جو دورو ڪرڻ وارو هو. نڪو سعودي عرب ۽ نه ئي وري اسرائيل ايران عراق جنگ ختم ڪرڻ جي حق ۾ هئا تنهن ڪري انهن مان ڪنهن هڪ يا شايد ڳجهيءَ ريت ٻنهي الجزائر جي پريهي وزير کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. الجزائر جو سني پرڏيهي وزير محمد بن يحيِ امام خمينيءَ سان پهرين ملاقات ڪرڻ کان پوءِ واپس اچي رهيو هو ته ايران عراق سرحدي علائقي مٿان اڏام دوران سندس هوائي جهاز کي ميزائيل هڻي تباهه ڪيو ويو.

1985ع ۾ الجزائر جي ان وقت جي سيڪيولر ۽ سوشلسٽ سرڪار بحران ۾ اچي ڦاٿي. هڪ اهڙي پارٽي اليڪشن کٽي آئي جيڪا نالي ۾ ته مذهبي جماعت هئي پر هروڀرو انتها پسند مذهبي جماعت ڪانه هئي. سوشلسٽ، سيڪيولر سرڪار کي سعودي پئسا پهچي ويا ۽ ان اليڪشن کٽي ايندڙ مذهبي جماعت کي اقتدار منتقل ٿيڻ ڪونه ڏنو ويو. ان جي نتيجي ۾ اڳتي هلي اها جماعت باضابطي ريڊيڪل جماعت بڻجي وئي ۽ ان منجهان ئي اهي ماڻهو پيدا ٿيا جن داعش جهڙا ماڻهن کي ذبح ڪندڙ گروهه قائم ڪيا.

عراق جو اهڙو حشر ڪيو ويو جو سوشلسٽ بعث پارٽيءَ جو دهريو ليڊر صدام حسين ڪلمو پڙهندي ڦاسيءَ تي چڙهيو. جيڪڏهن ڏسجي ته هن کي ڪويت تي قبضو ڪرڻ جي نه پر مراڪش جي شهر فيض ۾ شاهه فهد جي گستاخي ڪرڻ جي سزا ڏني وئي.

لبيا ۾ سعودي حمايت يافته گروپ کي خاص هدايت مليل هئي ته معمر قذافيءَ کي پٿر هڻي هڻي ماريو وڃي ۽ سندس لاش کي گهٽين ۾ گهليو وڃي ۽ ان سموري عمل کي عبرت جو مثال بنائڻ لاءِ لائيو نشريات وسيلي ٽي ويءَ تي ڏيکاريو وڃي. قذافي ته شيعه ايران جو شديد مخالف هو، پر کيس سزا فيض ۾ ڪيل گستاخيءَ جي ملي.

شام وارو حافظ الاسد ته پنهنجو وقت جيئن تيئن گذاري ويو پر سندس ملڪ جو اهڙو حال ڪيو ويو آهي جو ان کي وڌيڪ سزا ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانهي. اسد به گستاخ ليڊرن جي فهرست ۾ شامل هو.

ان سموري صورتحال ۾ سعودي بادشاهت گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزير جي واتان ڌمڪي ڏياري آهي ته ”پاڪستان کي سعودي حڪومت لاءِ فوجون نه موڪلڻ واري فيصلي جي مهانگي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.“ صاف ظاهر آهي ته سڀ کان پهرين قيمت ته ميان نواز شريف کي ادا ڪرڻي پوندي. هاڻي هن کي جيڪڏهن جلاوطن ڪيو ويو ته نه سعودي جهاز ايندو نه ئي جدي ۾ سرور پيلس ۾ رهائش ملندي. نواز شريف پنهنجو اهم اتحادي وڃائيندو ۽ اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي اصل سرڪار اڳيان وڌيڪ ڪمزور ٿيندو. پر اها ته صفا ننڍي قيمت هوندي.جيڪڏهن ڌمڪيءَ ۾ جيئن چيو ويو آهي، ڪا ان کان وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻي پئي، ته پوءِ مٿي ڄاڻايل مثال اندازو ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي سگهن ٿا ته اسلام آباد لاءِ لکيل سعودي اسڪرپٽ ۾ ڇا هوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو