View From Delhi لڇمڻ داس ڪيسواڻي، جيڪو هيمون ڪالاڻي سان ريل ڪيرائڻ ۾ گڏ هيو! | Affair - افيئر
Home / افيئر / View From Delhi لڇمڻ داس ڪيسواڻي، جيڪو هيمون ڪالاڻي سان ريل ڪيرائڻ ۾ گڏ هيو!
above article banner

View From Delhi لڇمڻ داس ڪيسواڻي، جيڪو هيمون ڪالاڻي سان ريل ڪيرائڻ ۾ گڏ هيو!

پروفيسر اعجاز قريشي

چار پنج مهينا اڳ دهلي مان مارئي تنظيم جي اڳواڻ ڀيڻ وينا شرنگي فون ڪري ٻڌايو ته ڊسمبر مهيني 2014ع ۾ مارئي طرفان دهلي ۾ شاهه لطيف ڪانفرنس ڪرڻ چاهيون ٿا ان ۾ شرڪت لاءِ توهان کي دعوت ڏيان ٿي ۽ مان توهان ڏانهن دعوت نامو موڪليان ٿي ته جيئن توهان ويزا لاءِ هندستان هاءِ ڪميشن ۾ ڪاغذ جمع ڪرائي سگهو ڇو ته ويزا وٺڻ جي مرحلي ۾ ڪافي وقت لڳي ٿو.

اهڙي طرح وينا ٻين دوستن کي به دعوت ڏني ۽ گهڻي ڀاڱي سڀني دوستن حامي ڀري. ٻين دوستن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، امان الله شيخ، غلام نبي مورائي، ادي مهر النساءِ لاڙڪ، ادي نظير ناز، ادي ڊاڪٽر شهناز ڀٽو، ادي نسيم جلباڻي، امين لاکو، جاويد شيخ، پروفيسر سريش واڌواڻي، مدد علي سنڌي، موهن مدهوش، عبدالغفار تبسم ۽ ڪجهه ٻيا سنڌ مان هئا.

16، 17 ۽ 18 ڊسمبر 2014ع تي ڪانفرنس هئي، مون سميت ڪافي دوست شاهه لطيف تي پنهنجا مقالا لکي کڻي آيا هئا، جن سڀن پنهنجا مقالا پڙهيا. منهنجي مقالي جو عنوان “شاهه لطيف ۽ سندس همعصر صوفي شاعر” هو جنهن ۾ مون سنڌ ۽ هند جي ڪجهه اهم صوفي شاعرن جو ذڪر ڪيو هو. پهرين ڏينهن تي محفل موسيقي ٿي. ٻئي ڏينهن مشاعري جي محفل پڻ ٿي. سنڌ ۽ هند جا اديب پاڻ ۾ مليا ۽ هڪ ٻئي سان دل جو حال اوريائون. ڪانفرنس ۾ هڪ پراڻو اديب ۽ سياسي Activist سائين لڇمڻ داس ڪيسواڻي به هو جنهن کي سڀني “آزادي لاءِ وڙهندڙ” يعني فريڊم فائيٽر (Freedom fighter) ٿي سڏيو. لڇمڻ سان جڏهن منهنجي ملاقات ٿي ته هن سنڌ جي تاريخ جي اوائلي دور جون ڳالهيون ٻڌايون جڏهن انگريزن خلاف سڄي هندستان ۾ تحريڪ هلي پئي، سائين ۽ هيمون ڪالاڻي گڏ پڙهندا هئا ۽ دوست هئا. بقول لڇمڻ صاحب جي ته اسين چار دوست هئاسون جن ۾ هيمون به شامل هو انگريزن جي ايندڙ ٽرين کي ڪيرائڻ خاطر سکر ۾ رات جو ريل جي پٽڙي اُکيڙي رهيا هئاسون ته فوج اچي سهڙي، اسين ته ڀڄي وياسون پر هيمون گرفتار ٿيو جنهن کي انگريز سرڪار ڦاسي جي سزا ٻڌائي. ڪجهه وقت کان پوءِ هي ٽي دوست به پڪڙيا پر جيئن ته سڳ سوڌو گرفتار نه ٿيا هئا تنهنڪري هنن کي ڪجهه سال جيل ۾ سزا هيٺ رکيو ويو.

aprl 15 44

سائين لڇمڻ ٻڌايو ته هُو تحريڪ ۾ سرگرم هيو. حقيقت ۾ هن سنڌ ڇڏڻ نه پئي چاهي پر پوءِ حالتن کي ڏسي هندستان هليو ويو، هن مهل هو 92 ورهين جي عمر جو آهي ۽ ڀوپال ۾ رهي ٿو ۽ 50 سالن کان هفتيوار اخبار “چئلينج” ڪڍي ٿو. پهرين اِها اخبار سنڌي عربي لپيءَ ۾ نڪرندي هئي پر هاڻي عربي ۽ ديوناگري لپي (جيڪي ٻئي سنڌي آهن) ۾ ڪڍي ٿو. سندس خيال آهي ته هندستان جا سنڌي نوجوان عربي لپي کي گهٽ ٿا پڙهن، تنهنڪري ديوناگري لپي به شامل ڪئي وئي آهي ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ٻولي ته قائم ۽ دائم رهي. ٻين اديبن ۾ دادي ديوي ناگراڻي سنڌي ٻولي جي ڪهاڻيڪاره ۽ مضمون نگار آهي، آمريڪا ۾ رهي ٿي. خاص طور دهليءَ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آئي هئي. اهڙي نموني کميسز مولاڻي، ناري لڇاڻي، ڊاڪٽر ونودآسواڻي پڻ هئا.

ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪانفرنس جي خاتمي تي هندستان کان ٻاهران آيل سڀ دوست چند ڏينهن وڌيڪ رهيا ۽ دهلي جو شهر گهميا. دهلي جو شهر تمام وڏو ۽ تاريخي شهر آهي ۽ ويزا به صرف دهلي لاءِ هيو. هو شهر مغل حڪمرانن جو ڪافي وقت لاءِ گاديءَ جو هنڌ پڻ رهيو.

اتي هوندي هڪ ڳالهه ڏکوئيندڙ ٿي جو اسان جو انهن ڏينهن ۾ املهه ماڻڪ اديب، عالم ۽ شاعر لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا ديهانت ڪري ويو. مان جڏهن به هندستان ويو آهيان، ته خاص ڪري ٽن ماڻهن سان ضرور ملندو رهيو آهيان جن ۾ لڇمڻ، هيرو ٺڪر ۽ وينا شرنگي. هي ساٿي سچ پچ ته انتهائي عاليشان ۽ ڀلا ماڻهو رهيا آهن. دهلي ۾ پهچڻ شرط مون لڇمڻ کي فون ڪئي، سندس گهر واري ٻڌايو ته هو ٺيڪ ناهي ۽ اسپتال ۾ داخل آهي. ICU ۾ آهي تنهنڪري ملي نه سگهبو. پوءِ هر ٻئي ڏينهن تي معلوم ڪبو هو پر سندس طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، آخر هو ventilator تي هليو ويو. يعني کيس هٿراڌو ساهه کڻايو پئي ويو. چئن پنجن ڏينهن کان پوءِ اطلاع آيو ته هو گذر ڪري ويو، دل کي سخت صدمو رسيو. 30 سالن کان ساڻس دوستيءَ جو رشتو هو.

تاريخي جاين ۾ بادشاهي مسجد، لال قلعو، مزار حضرت امير خسرو، نيشنل ميوزيم، عيسى خان ٽومب، همايون جو مقبرو، نظام الدين اولياء، قطب مينار، پراڻي دهلي جون بازارون، مولانا ابو الڪلام آزاد ۽ حضرت سرمد شهيد جي مزار، مرزا غالب جي مزار. انهن ٽن مزارن ڏسڻ سان هندستان جي تاريخ، تصوف، ادب، شاعري ۽ سياست بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ذهن ۾ اڀريون پئي. اسان چار ساٿي انهيءَ دوري ۾ گڏ هئاسين: مان، امان الله شيخ، جاويد شيخ ۽ راجندر ڪمار شرنگي. مولانا ابوالڪلام آزاد جي مزار تي بيٺاسين ته امان الله مولانا بابت ٻڌائڻ شروع ڪيو، سندس سياسي جدوجهد ۽ شخصيت بابت، سندس علم بابت، سندس سچائي بابت. مولانا صاحب هندستان جو وڏو عالم، اديب ۽ وڏو سياستدان هو. ڪو وقت انڊين نيشنل ڪانگريس جو صدر پڻ رهيو. مسلم ليگ جي خلاف هو. جڏهن پاڪستان ٺهيو پئي ته هن اوڏانهن کان ايندڙ اردو دانن کي اِهو چيو ته “پاڪستان توهان لاءِ ڪونه ٺهيو آهي، توهان اوڏانهن نه وڃو. پاڪستان جتي ٺهي پيو، انهن صوبن ۽ اُتان جي ماڻهن لاءِ آهي. پر انهن سندس حقيقت پسنديءَ واريون ڳالهيون نه ٻڌيون، الٽو سندس مخالفت ڪئي ۽ جمعي جي ڏينهن جڏهن مولانا مسجد ۾ خطبو ڏيندو هو ته کين جوتن جا هاروڌائون ته تون هڪ مسلمان ملڪ جي خلاف آهين ۽ اُهو اسان جو مستقبل آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪا لڏپلاڻ ٿي، جنهن مقدار ۾ لڏ پلاڻ ٿي انهيءَ ٻنهي ملڪن جي آبادين جي توازن کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. انهيءَ لڏپلاڻ جو وڌ ۾ وڌ نقصان سنڌ کي ٿيو. سنڌ جو وچولو طبقو، واپاري، ڌنڌي وارا ماڻهو، اديب، شاعر ۽ عالم سڀ هتان لڏي هندستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا ۽ سنڌ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. هندستان مان هتي لڏي ايندڙن جي ٻولي، ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۽ هر انداز مختلف هو جنهن جو پڻ سنڌ تي ڪافي گهرو اثر ٿيو. هتان لڏي ويندڙ سڀ سنڌي هئا، ٻولي ۽ ثقافت ساڳي هئي.

ساهتيه اڪيڊمي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه واري قومي اداري ۾ وڃڻ ٿيو جتي جناب نرمل گوپلاڻي ڊائريڪٽر آهي. نرمل هڪ عاليشان ۽ برجستو آفيسر آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو تمام گهڻ گهرو آهي. اسان کي دادا هيروٺڪر وٺي ويو هو. دوستن کي ڪافي ڪتاب سوکڙي طور پڻ مليا. مولانا ابوالڪلام کان ڳالهه وڃي ڪتابن تائين پهتي. مولانا صاحب جي مزار جي ڀرسان سرمد شهيد جي مزار به هئي. سرمد شهيد تصوف ۽ وحدة الوجود جو علمبردار هو . سندس خيالن سان اورنگزيب ۽ سندس طرفدار اختلاف رکندڙ هُئا. مغلن ۾ ڪافي اڻبڻت به رهي ۽ هڪٻئي کي قتل پڻ ڪيائون. اورنگزيب جي انتها پسندي ۽ شدت پرستي جو شڪار سرمد شهيد پڻ ٿيو.

انهيءَ ساڳئي ڏينهن مرزا غالب اڪيڊمي دهلي پاران هڪ آجياڻو ڏنو ويو، اُتي وياسون. ڪافي شعر ۽ شاعري جي محفل رچائي وئي. چانهن وغيره سان خاطر تواضع ڪئي وئي ۽ ڪتابن جون سوکڙيون ڏنائون. هتي اِها ڳالهه ضرور ڪرڻ گهرجي ته هندستان ۾تاريخي ۽ ثقافتي ورثن ۽ جاين جي سار سنڀال تمام گهڻي آهي، صفائي ۽ سٿرائي جو خاص طور خيال رکيو ٿو وڃي. هر وقت ڇنڊ ڦوڪ لڳي پئي آهي. انهيءَ ڪري ماڻهو گهمڻ اچن ٿا. ڪٿي ڪٿي ٽڪيٽون به هيون پر تمام گهٽ. گارڊ بيٺا آهن. ماڻهو روزانو هزارن ۾ اچن ٿا، هفتي ۾ لکن ۾ پهچن ٿا. ڪجهه وقت اڳ ۾ آءٌ بئنگلور ۽ ميسور ويو هوس. ميسور ۾ ٽيپو سلطان جو محل ڏسڻ جو موقعو مليو، ڇا ته سنڀال ۽ انتظام هيو. ايئن اجنتا ۽ الوراجي غارن جي سنڀال آهي. دهلي جو شهر به صاف ڏسڻ ۾ آيو، روڊ رستا عاليشان. جنهن هوٽل ۾ اسان رهيل هئاسون اُها وچ شهر ۾ هئي. رات جو جيڪي دڪان ۽ کاڌي جون هوٽلون بند پئي ٿيون ته صفائي وارا ٻهارا کڻي صفائي ڪري رهيا هئا، رات جو جيڪو به گند ڪچرو ٿئي اُهو کڄي وڃي ته صحيح جو هر جاءِ صاف هجي. اِهو لقاء مون ڪجهه وقت اڳ ۾ سنگاپور ۽ تازو ترڪيءَ ۾ پڻ ڏٺو. هندستان ۾ نوجوان شاگردن جو انگريزي ٻوليءَ سان به وڏو لڳاءُ ڏسڻ ۾ آيو. هر ڪو پيو انگريزي ڳالهائي. هندستان جي ڏکڻ ۾ ته ذري گهٽ سو سيڪڙو خواندگي آهي، اُتي ته غريب ۽ امير ۽ پيرين اگهاڙا ماڻهو، جمعدار، ڊرائيور، چوڪيدار سڀ انگريزي ڳالهايائين.

ٻيو اِهو ته هن حڪومت جي انگن اکرن مطابق اقتصادي پاليسي بهتر ٿئي پئي. ڪانگريس جي پهرين ڏينهن ۾ اُنهن جي اقتصادي پاليسي بهتر هئي، پر پوءِ صورتحال تبديل ٿيندي وئي، بهرحال دهلي جا ماڻهو ڪافي پر اميد نظر آيا پئي. دهلي جي تازين چونڊن مان ته حالتون مختلف لڳي رهيون آهن. اڳيان هلي وڌيڪ خبر پوندي، سستائي جو هڪ ٻيو مثال ڏيڻ به ضروري آهي. اسان جي سڄي گروپ کي ويزا تمام دير سان ملي. ڪانفرنس جي شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾، سو به شام جو جنهن جهاز ۾ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي هئي سون اُهو روانو ٿي چڪو هو. ڪراچيءَ مان دهلي لاءِ هفتي ۾ صرف هڪ فلائيٽ آهي. ٻئي هفتي ۾ هڪ ممبئي لاءِ ۽ هڪ لاهور مان دهلي لاءِ، اسان لاءِ جهاز جو وقت گذري ويو. ڪافي دوست لاهور کان ٽرين ذريعي پهتا، جن ۾ اسان جون گهڻيون ڀينرون به شامل هيون.

هتي هڪ ڳالهه اِها به ٻڌائيندو هلان ته دهلي ۾ ته ڪافي سنڌي عالم رهن ٿا، جن ۾ خاص طور تي ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻي صاحب هڪ وڏو اسڪالر آهي. هن وقت تمام وڏي عمر جو آهي. ڊاڪٽر صاحب اصل ۾ ڪارنيل يونيورسٽي آمريڪا مان لنگئسٽڪس (Linguistics) جي علم صوتيات ۾ پي ايچ ڊي ڪئي آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿائين. ٻوليءَ جي سڀني پاسن تي وڏي ڄاڻ رکي ٿو ۽ گڏوگڏ آءِ ٽي جو به هڪ وڏو ڄاڻو آهي.

سنڌ ۾ ٻه دفعا آيو آهي ۽ ساڻس اڳ به ڪافي ملاقاتون رهيون. هڪ ٻه دفعا مون سان ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي سان به تفصيلي ڪچهري ڪيائون. سندس گهرواري مهاراشٽرن آهي ۽ اُها به ساڳئي موضوع تي ڪارنيل يونيورسٽي مان پي ايچ ڊي آهي. دهليءَ ۾ مون ڊاڪٽر صاحب کي فون ڪئي، هن دل جي گهراين سان اسان جي آجيان ڪئي ۽ اسان دوستن کي انڊيا انٽرنيشنل ۾ مانيءَ لاءِ مدعو ڪيائين. پر اسان کيس شام جي چانهن جو عرض ڪيو. پاڻ پنهنجي گهرواريءَ سميت اسان کي ڪلب وٺي ويو ۽ تمام گهڻي خاطر تواضح ڪئي. پاڻ هڪ بهترين عالم ۽ بهترين انسان آهي. خدا شال کيس وڏي حياتي ڏئي ته جيئن هو اڃا وڌيڪ علمي ڪم ڪندو رهي.

آءٌ مارئي تنظيم جي مهندار ادي وينا شرنگي ۽ ادي ثالني ساگر ۽ سندن سڀني ساٿين کي مبارڪ ڏيان ٿو ۽ سندن محنت تي داد پڻ. تمام بهترين نموني سان ڪانفرنس جو انتظام هيو، مقالا پڙهيا ويا، مشاعرو ٿيو ۽ هڪ عاليشان موسيقيءَ جي محفل ٿي. انهيءَ محفل مچائڻ ۾ راجندر شرنگي، سندس گهرواري، سندس ڌيءُ ۽ سندس پٽ جو به شاندار ڪردار رهيو.

وينا ۽ ثالني ٻئي ڀينر آهن. سنڌ کان وڃڻ کان پوءِ سنڌيت جي پلئه کي جهليو ويٺيون آهن ۽ هر وقت سرگرم پڻ آهن. ڪافي ڪم ڪن پيون. ٻئي ٽئين سال شاهه لطيف ڪانفرنس ڪوٺائن ٿيون جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جا اديب اچي شريڪ ٿين ٿا. مارئي تنظيم هونئن به هروقت متحرڪ آهي ۽ ڪونه ڪو سيمينار وغيره ڪرائيندي رهندي آهي. لڇمڻ جي ديهانت تي هڪدم تعزيتي ميڙ ٿيو جنهن ۾ سنڌ جا ڪجهه اديب ۽ هندستان جا اديب هيري ٺڪر سميت اچي شريڪ ٿيا ۽ کيس شرڌانجلي پيش ڪئي وئي.

آءٌ سمجهان ٿو ته هندستان ۾ چند اهڙيون تنظيمون آهن جيڪي سنڌيت جي جوت جلائي ويٺيون آهن ۽ پنهنجي انتهائي وس آهر سنڌي ٻوليءَ جي خدمت پيون ڪن. انهن ۾ وينا شرنگي سان گڏ هيري ٺڪر، نرمل گوپلاڻي، شوڀالال چنداڻي ۽ سائين لڇمڻ ڪيسواڻيءَ کي پڻ وساري نٿو سگهجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو