Home / اسپيشل افيئر / آمر ضيا، غريبن جي ٻارن کي پيشيور قاتل بڻايو!
above article banner

آمر ضيا، غريبن جي ٻارن کي پيشيور قاتل بڻايو!

فهميده رياض

The Plot Thicknes

انوار رائو چئي رهيو آهي ته مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو پر کيس رَهنڊ به نه آئي، جڏهن ته سندس ساٿي ماريا ويا.

اي آر واءِ چئنل تي ذولفقار مرزا چئي رهيو هو ته اهو ڊرامو آصف علي زرداري ڪرايو آهي ۽ هن انور رائو کان مرتضيٰ ڀٽو جي پارٽي جي ميمبر علي سوناري کي قتل ڪرايو هو.

دوستو، هي ڇا ٿي رهيو آهي؟؟؟

انگريزي ۾ چوندا آهن.

14

The Plot Thicknes

نجم سيٺي اڄ رات

آءُ نهايت ڌيان سان ڏسي رهي هيس ۽ يادگيرين جي ٻوڏ هئي…. جنرل اسلم بيگ چئي رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم جنرل ضيا ٺاهي هئي- پوءِ اها هئي اها فوج ۽ جنرل ضياجن جا شيدائي اڄ به اسان جي مٿي تي پادر هڻندي گهمي رهيا آهن. اهي غريبن جا ٻار هئا جن کي پيشيور قاتل بڻايو ويو- جڏهن انهن پهريون غلط ڪم ڪيو تڏهن ان کي رسو ڇو نه وڌو ويو؟ اها ته جنرل صاحب جي ٺاهيل تنظيم هئي، ليڪن هتي لساني سياست هئي، مهاجرن کي به ان جي ضرورت هئي. ايئن ان کي گهڻي عوامي حمايت ملي.

عمران خان کي هتي هڪڙو چانس مليو هو. ليڪن هو هن شهري آباديءَ کي ڪجهه ڏيندي نظر نٿو اچي. اها شهري آبادي واپس ايم ڪيو ايم ڏانهن موٽي رهي آهي. هاڻي هن ڪروڙ، ڏيڍ ڪروڙ جي آباديءَ کي ووٽ جي حق کان محروم ته نٿو ڪري سگهجي. اهو نازڪ مسئلو آهي ٻن لساني گروهن جو، جن جو هڪ صوبي ۾ اهڙو ساٿ آهي جيڪي گڏگڏ به آهن ته الڳ لاڙا  به رکن ٿا.

جيڪڏهن توهان کي دلچسپي هجي!

دوستو! اهو منهنجي ڪتابن جو مجموعو آهي. ان ۾ هڪ ڪتاب آهي “ڪراچي” ان ۾ توهانکي ايم ڪيو ايم جي ڄمڻ، ان جو مقتدر قوتن جو ساٿ ڏيڻ، ان جي الڳ رستي اختيار ڪرڻ ۽ اختيار ڌڻين طرفان ان سڄي معاملي کي غلط طريقي سان حل ڪرڻ تي هڪ نظر ملندي. ڇو ته اسان وٽ هميشه شين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي روايت رهي آهي، ان ڪري گهڻا ماڻهو ان بابت ڄاڻن ئي نٿا. اهو ڪتاب آڪسفورڊ پريس ڇاپيو آهي، آڪسفورڊ جي ڪنهن به بڪ اسٽور تان ملي ويندو.

یہ نصف صدی کا قصہ ہے، دو چار برس کی بات نہیں

الطاف حسين صاحب،

توهان کي ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي آهي؟ نهايت ئي  بيڪار، پراڻو ۽ واهيات الزام “را” جي ايجنٽ هجڻ جو توهان تي هنيو ويو…. پر ان ۾ نئين ڳالهه ڪهڙي آهي. اهو ته واري واري سان سڀني تي لڳو آهي، پختون، بلوچ،سنڌي، واري واري سان اهو سڀ ڪجهه ٻڌندا رهيا آهن. پنجابين تي قوم طور ته نه باقي سندن پڙهيل لکيل ماڻهن تي اهو الزام لڳندو رهيو آهي. فيض، فيض صاحب، طارق علي جو والد مظهر علي خان، سموري نيشنل عوامي پارٽي، هڪ دؤر ۾ ته پوري پيپلز پارٽي…. ان جو نالو وٺڻ به ڏوهه هو. ڀٽو صاحب جا ٻئي پٽ، بي نظير- ڪنهن کي انڊيا جو ايجنٽ ناهي چيو ويو- هتي سڀ هڪ ئي ٻيڙي ۾ سوار آهن. اهڙيون ڳالهيون هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجن ۽ هي مهاجر صوبي جي آخر توهان ڇو ڳالهه پيا ڪريو؟ خوامخواهه؟ مهاجرن طرفان ته اهڙي ڪا به ڊمانڊ نه آهي نه هئي- ڪهڙي تڪليف آهي مهاجرن کي سنڌ ۾؟ بيروزگاري آهي، تعليمي ادارن ۾ داخلا نه پئي ملي؟ سنڌين ۾ اته اڃا به وڌيڪ بيروزگاري آهي، روڊ رستا به نه آهن، اسپتالون به نه آهن. سڀني کي اهي سهولتون ملڻ گهرجن.

02

پاڪستان ڪنهن ٺاهيو هو ۽ ڪنهن نه ٺاهيو هو. ان اڌ صدي پراڻي قصي ۾ ڇار رکيو آهي؟ ان بنياد تي ڪو به توهان کي سهولت نه ڏيندو. هو پنهنجي حصي جي ماني ۽ پاڻي گهرن ٿا. توهان جو پ پ سان اتحاد هن ملڪ جي مثبت ڳالهين مان هڪ هو. سنڌي ۽ مهاجر هڪٻئي تي سٺو اثر وجهي سگهن ٿا. ٻنهي پارٽين جي پراڻن طور طريقن ۾ جيڪڏهن ڪي غلطيون هيون، جيڪي حالتن ۽ ميني پوليشن پئدا ڪيون، ته ان کان شايد ئي اهي ٻاهر اچي سگهن- اهو آخر چڪر ڪهڙو آهي، الزام ته واقعي ڊرامائي انداز ۾ هنيا ويا، في الحال ته ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي- پر بهترين طريقو پنهنجو دامن بچائي هلڻ آهي.

نه نه، خوفناڪ ڳالهيون قطعي نه ڪريو- ڏسون ته اقبال ڇا ٿو چوي:

گلشن کے ساتھ رابطہ استوار رکھ

پیوستہ رہ شجر سے امید بہار رکھ

                                    مخلص

                                                اردو جي هڪ ليکڪا

                                                تصديق ٿيل “را” جي جاسوس

اڄ ڪراچي يونيورسٽي جي وحيدالرحمٰن کي گولي هڻي ماريو ويو

خدا حافظ، اي نوجوان استاد- تنهنجي وطن جي بيوس شهرين وٽ توکي ڪجهه چوڻ لاءِ، آخري منزل ڏانهن سفر ڪندي توکي ڏيڻ لاءِ ٻيو ڀلا ڇاهي؟ هو شايد شيعو هو. يونيورسٽي ۾ بلوچستان تي سيمينار به ٿيڻ وارو هو، هن جو شايد ان سان تعلق نه هو.

وحيدالرحمٰن کي ڪنهن قتل ڪيو؟ هن کان اڳ يونيورسٽي ۾ هڪ پروفيسر جناب شڪيل اوج کي اهڙين ئي حالتن ۾ قتل ڪيو ويو هو. سندس قاقلن بابت اها خبر پئي هئي ته اهي پنٿي قسم جا اهڙا ماڻهو هئا جن کي شڪيل اوج جي روشن خيالي نه وڻندي هئي، خاص طور اسلام جي هو جيڪا وضاحت ڪري رهيو هو، اها کين پسند نه هئي.

شهر ۾ قاتل کليل طور گهمي ڦري رهيا آهن. اهي سعودي پيٽرو ڊالر تي پلجندڙ آهن، جن جو فرقو شيعن کي ڪافر ڪوٺي ٿو ۽ کين ٽيهن ورهين کان ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار بڻائي رهيو آهي. انهن کي اسان انڊين وغيره چوڻ جي ڪوشش نه ڪريون ته بهتر آهي. هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريون. هن بدبخت لاش ڍوئيندڙ عوام کي ڪجهه ته سمجهڻ ڏيو ته ساڻن ڇا ٿي رهيو آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ بلوچستان تي ڳالهه ٻولهه جو ٿيڻي هئي..!

پيرا ڊائم چينج!

سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستاني رياست پيرا ڊائم چينج ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن ۾ گذريل سمورا دليل بي معنيٰ ٿي ويندا؟ پڪ سان اها انقلابي تبديلي هوندي، جنهن جا ڏور رس اثر پنهنجي گهرائي ۾ في الحال  اسان کي نظر نه پيا اچن. مثال طور انساني حقن جي تحريڪ هڪ خاص هيئت ۾ آهي. قومي ۽ رياستي مقصدن جي خاص طرح جي وضاحت ٿئي ٿي، پر اهي ماڻهو جيڪي چين جي ماڊل کي ٻي نظر سان ڏسن ٿا، اهي چون ٿا ته انساني آبادي لاءِ بهتر آهي ته رياست جي مقصدن جي دائري ۾ رهي ڪم ڪجي- اها سوچ اجتماع کي بهتر منزل ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي.

چين ۾ جيڪا تبديلي آئي آهي، جنهن کي اهي سوشلسٽ منڊي جي معيشت چئي رهيا آهن. ان ۾ کليل بازار جي اِڪانامي ته آهي ليڪن سرمائيداراڻي نظام ۾ جيڪي انساني حق هوندا آهن، اهي ڪافي حد تائين نه آهن. اهو آءُ ان لاءِ چئي رهي آهيان ته جو سچ اهو آهي ته ڪنهن به ڪميونسٽ/ سوشلسٽ ملڪ خلاف پروپيگنڊا تمام گهڻي ٿيندي آهي. ٻئي پاسي آزاد پريس نه هجڻ سبب انهن ملڪن کي پنهنجي ذريعن کان سچ، يا سچ جو هڪ حصو معلوم ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي. (اهڙوئي حال ايران ۽ اڪثر مسلمان ملڪن جو آهي جتي پريس آزاد نه آهي) ليڪن طبقا ته پئدا ٿيا ۽ بدعنواني به پکڙي، جنهن جي خلاف هاڻوڪي حڪمران چيني ڪميونسٽ پارٽي چون ٿا ته ڪافي تحريڪ هلائي آهي ۽ اهو فرق به آهي ته هاڻوڪي چيني قيادت پاڻ لاءِ جنگ نه پر واپار واري رستي جي چونڊ ڪئي آهي. گهٽ ۾ گهٽ چئي ته اهو ئي رهيا آهن، ان خلاف ڪو ثبوت به ڪونهي.

چين ۽ پاڪستان وچ ۾ جيڪو ڳانڍاپو ٿيو آهي، ان کي اسان ٻيو نڪاح چئي سگهون ٿا، ڇو ته پهريون نڪاح ته اسلام ازم هو جيڪو خطرناڪ شڪل ۾ نظر آيو، جنهن جا اثر زائل ٿين ته اسان کي شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، بلڪه حج ڪرڻ کپي. ڀارت سان مستقل جنگ به ختم ٿي سگهي ٿي. چين سان دوستي ڪرڻ سان ڀارت جي اسان لاءِ اهميت گهٽجي نٿي وڃي، اهو ته اُتي ئي آهي جتي اڳ ۾ هو. اسان سان ڳنڍيل ملڪ جنهن جي پيٽ ۾ پاڪستان جنم ورتو. ڇا اسانکي مستقل حالت جنگ مان ڇوٽڪارو ملي سگهندو؟ ان عذاب سان، ان طبقي سان ڪيئن منهن ڏيو ويندو جنهن جي اڌ صديءَ کان جنگ ئي روٽي، روزي رهي آهي؟ ڇا اسانجي جنگجوئي جو علاج ممڪن آهي؟ ها اهو سڀ ممڪن آهي.

ايئن ته اسانکي به پنهنجو ذهن استعمال ڪرڻ جي عادت آهي. جيڪڏهن اهو نئون سماجي نظريو، اهو آهي ته پوءِ بلڪل بيڪار آهي. جتي رياست وٺي وڃي چُپ چاپ هلندا رهو… ته پوءِ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو- اهو پوءِ سؤ بصر ۽ سو پادر کائڻ برابر ٿيندو- بهرحال سٺي خبر اها آهي ته چين ۾ انساني حقن جو تحريڪون سرگرم ٿي رهيون آهن.

ليکڪا اردو جي مشهور شاعره آهي.

Courtsy: Hum Shehri

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو