Home / اسپيشل افيئر / انساني ترقيءَ جي قيمت ۽ ڌرتي جو مستقبل
above article banner

انساني ترقيءَ جي قيمت ۽ ڌرتي جو مستقبل

ناصر علي پنهور

گذريل ٽن صدين کان صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ ڌرتيءَ جي ماحولياتي نظام تي دٻاءُ جاري آهي جيڪو هاڻي خطرناڪ حد تائين پهچي ويو آهي. پيداوار جي هر مرحلي کان سواءِ کيت ۽ صنعتي گند جي اخراج گرمي پد ۾ واڌ ڪئي آهي. نتيجي ۾ گرين هائوس گئسون، جهڙوڪ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، مٿين ۽ نائٽرس آڪسائيڊ ماحول ۾ خارج ٿين ٿيون. جيڪي عالمي گرمي پد ۾ واڌ جو سبب بنجن ٿيون. انسان، جنهن کي اشرف المخلوق جو درجو مليل آهي ۽ ترقي جي موجود بيشمار نعمتن مان ڪيترائي فائدا ته حاصل ڪري ٿو پر خود ڌرتي کي درپيش خطرن کي گهٽائڻ بدران انهن ۾ واڌري جو سبب آهي. سرمائيداري نظام مارڪيٽ اڪانامي ۽ کپت جي وڌندڙ رجحان سبب ڌرتيءَ جا وسيلا تيزي سان تباهه ٿيا آهن جنهن جي ڪري ڌرتي جو ماحولياتي نظام متاثر ٿيو آهي. اسان پنهنجون اڄ جون ضرورتون ايندڙ نسل جي مستقبل کي داءَ تي لڳائي حاصل ڪري رهيا آهيون ۽ اهو عمل پائدار ترقيءَ جي اصولن جي اُبتڙ آهي.

ڌرتيءَ تي وڌندڙ آباديءَ جا اثر هاڃيڪار آهن، جنهن سان ماحول جا سڀئي عنصر متاثر ٿين ٿا. اڄ دنيا جي آبادي 7.2 ارب آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي.

انسانذات جي خوشحالي ۽ ان جي وجود جو دارومدار صحتمند ماحولياتي نظام تي آهي جنهن مان انسان کي ڪيترائي فائدا ۽ سهولتون حاصل ٿين ٿيون. انهن ۾ صاف پاڻي، صاف ماحول، خوراڪ ۽ زرخيز زمين وغيره شامل آهي. 2050 تائين دنيا جي آبادي ۾ اڍائي ارب انسانن جو اضافو ٿيندو.

52

دنيا جي آباديءَ جو وڏو حصو ٻهراڙين ۾ رهي ٿو جن جي گذر سفر جو دارو مدار فطرت ۽ فطري وسيلن تي آهي. تنهن جي ڪري ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن جو فطرت سان گهرو ۽ واضح تعلق آهي. شهرن جي آباديءَ ۾ واڌ اچي رهي آهي ۽ اتي رهندڙ ماڻهو فطرت کان تقريباََ لاتعلق بڻيل آهن. شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي فطرت ۽ ان جي وسيلن جو احساس کڻي نه به هجي پر ماحولياتي تباهيءَ جا اثر ٻهراڙي سان گڏ شهرن تي ايترا ئي نقصانڪار۽ شديد آهن.

عالمي طور تي آبادي جو نقشو تبديل ٿي ويو آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دنيا جي آباديءَ جو وڏو حصو شهرن ۾ رهي ٿو. اهو سلسلو جاري رهيو ته شهرن ۾ رهندڙ موجوده آبادي جيڪا 3.6 ارب آهي سا 2050ع تائين وڌي 6.3 ارب ماڻهن تائين پهچندي. دنيا ۾ وڏن شهرن جو رجحان وڌي رهيو آهي. 1970ع ۾ دنيا ۾ رڳو ٻه وڏا شهر ٽوڪيو ۽ نيويارڪ هئا پر اڄ دنيا جي وڏن شهرن جو تعداد 23 آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي.

اڪثر ڪري شهرن جو بنيادي ڍانچو وڌندڙ آبادي جي دٻاءُ کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي جنهن سان شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار متاثر ٿئي ٿو. شهرن جي بنيادي ڍانچي کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وسيلن جي ضرورت آهي جڏهن ته شهرن جي رٿابندي ۾ زمين جي استعمال کي ماحول دوست پاليسين ذريعي لاڀائتو ڪري سگهجي ٿو. اڄ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ فطري خوبصورتي تيزيءَ سان ناياب ٿيندي پئي وڃي. آباديءَ ۾ واڌ ۽ قدرتي وسيلن جي تباهي ڪجهه اهڙا عنصر آهن جنهن سان ڌرتي جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي. جديد ٽيڪنالاجي ڌرتيءَ جي ماحولياتي نظام کي متاثر ڪيو آهي. زرعي زمينن کي صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ڊئيمن جي تعمير ۽ ٻيلن جي خاتمي فطري ماحول جي توازن کي بگاڙي ڇڏيو آهي. پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ماحول ۽ فطري وسيلن جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي عالمي معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون آهن پر ان سلسلي ۾ عملي قدمن جي کوٽ ڪري ڌرتي جي تڪليفن ۾ واڌ نمايان آهي. حقيقت ۾ هر ڏينهن ڌرتيءَ جو ڏينهن هجڻ گهرجي پر افسوس ته ايئن ناهي.

1970ع کان 22 اپريل ڌرتي جي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. ترقيءَ جي نالي ۾ انسان ڌرتيءَ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. اڄ اسان جديد دنيا ۾ رهون ٿا جتي سائنسي ايجادن ۽ صنعتي پيداوار زندگيءَ کي آسان ۽ آرامده بڻائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف انسان جو ذهني سڪون ختم ٿي ويو آهي ۽ ان جو اهم ڪارڻ انسان جو ڌرتيءَ کان پري ٿي وڃڻ آهي. زندگيءَ کي آسان ۽ آرامده بنائڻ جي لالچ ۾ اسان شايد تمام گهڻو اڳتي نڪري ويا آهيون ۽ ڌرتي جي توازن کي برقرار رکڻ بدران  ان کي بگاڙي سڀ حدون اورانگهي ويا آهيون. جنهن سان انساني زندگي نه صرف ڏکي ٿيندي پئي وڃي پر عالمي تپش، اوزون جي تهه کي نقصان ۽ زهريلن مادن جو دريائن، سمنڊن ۾ نيڪال جهڙا عمل ڌرتيءَ جي مستقبل کي وڌيڪ تباهي ڏانهن ڌڪي رهيا آهن.

انساني ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڌرتيءَ جي وسيلن جو تحفظ پهريون شرط آهي. انساني صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي ته انسان ڌرتي جو قرض لاهي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ڌرتيءَ جو تحفظ ڪري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو